هونئن ته سنڌ اسيمبلي ۾ روز ڪيترن ئي معاملن تي ٺهراءُ پيش ٿيندا آهن ۽ منظور به ٿيندا آهن پر سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ پيش ٿيل ٺهرائن مان ڪجهه اهڙا ٺهراءُ به رهيا آهن جن جو هر دور ۾ ذڪر ٿيندو رهيو آهي. اهڙن ٺهرائن ۾ سائين جي ايم سيد طرفان مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ ٺاهڻ جو پيش ٿيل ٺهراءُ وغيره شامل آهن. ويجهي تاريخ ۾ اهڙو اعزاز ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي پيش ٿيل ۽ ٻه ڀيرا منظور ٿيل ٺهراءُ کي حاصل آهي جيڪو هن سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيل ڪتابن کي انگريزي ۽ اردو سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمي لاءِ ٽرانسليشن بيورو جي قيام لاءِ انتهائي اهم ۽ يادگار ٺهراءُ پيش ڪيو هو جنهن بيورو جو نالو به هن محمد ابراهيم جويو ٽرانسليشن بيورو تجويز ڪيو هو.
ميڊم مهتاب جي پيش ٿيل ٺهراءُ کي فوري طور تي ادبي ۽ ميڊيا جي حلقن مان پذيرائي ملي، ان ٺهراءُ جي اهميت ۽ ضرورت کي ڏسندي ان تي مختلف اخبارن وقت به وقت ايڊيٽوريل، ڪالم ۽ مضمون شايع پئي ڪيا، جنهن ۾ روزاني عوامي آواز به شامل آهي. هونئن ته سنڌ اسيمبلي مان اڪثر پاس ۽ منظور ٿيل ٺهرائن تي عمل نه ٿيندي ڏٺو ويو آهي جيڪا هر دور جي حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي آهي پر ٽرانسليشن بيورو واري ٺهراءُ جو جيئن ته ميڊيا ۾ ۽ ادبي حلقن ۾ وقت به وقت ذڪر ٿيندو رهيو آهي تنهن ڪري ان تي ابتدائي طور ڪجهه ڪم ضرور ٿيو، سينئر اديب مدد علي سنڌي کي ان ٽرانسليشن بيورو جي قيام جي حوالي سان سنڌ سرڪار خاص اسائنمنٽ ڏني هئي جنهن تي هن پنهنجي حصي جو ڪافي ڪم به ڪيو پر اهو ادارو مڪمل طور تي اڃان تائين جڙي ناهي سگهيو جنهن سبب وري ادبي ۽ ميڊيا جي حلقن ۾ ان ٺهراءُ تي عمل ڪرائڻ بابت زور ڏنو ويو آهي.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته جيئن سنڌ اندر ٻين ٻولين جي شاهڪار ادب کي سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمي ڪرڻ جو مضبوط لاڙو رهيو آهي تيئن سنڌي ادب کي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ جو لاڙو پڻ پيدا ٿيڻ گهرجي پر افسوس ته ان پاسي ڪڏهن به سنجيدگي سان ناهي سوچيو ويو باوجود ان جي ته اسان جو ادب هر لحاظ کان عالمي معيار جو ادب رهيو آهي جنهن جو وڏي ۾ وڏ ثبوت انگريزن جي حڪومت ۾ ايڇ ٽي سورلي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شخصيت ۽ سندس شاعري تي 1938 ۾ انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ” شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“آهي. هن پهريون ڀيرو انگريزي ۾ شاهه ڀٽائي تي ڪتاب لکي نه رڳو کيس عالمي سطح تي متعارف ڪرايو پر سڄي عالم کي ٻڌايو ته هي دنيا جو عظيم شاعر آهي. سنڌي ادب کي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ جي ايڇ ٽي سورلي واري ان روايت کي تيزي سان اڳتي وڌائجي ها ته يقينن ڪيترن ئي سنڌي اديبن کي هيل تائين ادب جا نوبل انعام ملي چڪا هجن ها. پر افسوس ته ايڇ ٽي سورلي جي ترجمي واري ان روايت کي وڌائڻ جي سنڌ حڪومت کي ڪڏهن به ضرورت محسوس نه ٿي ۽ نه ئي سنڌي ادبي سنگت اهڙو ڪو مشن هٿ ۾ کڻي سنڌ حڪومت تي ان ڏس ۾ زور وڌو. انفرادي طور تي سنڌ جي ڪجهه ادارن يا اديبن پنهنجي طور ڪجهه ڪتاب ضرور ترجما ڪيا آهن پر پوءِ به ن ڪم کي اٽي ۾ لوڻ برابر سمجهيو وڃي ٿو.
سو اسان ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جا ٿورائتا آهيون جنهن ايم پي اي سنڌ اسيمبلي طور پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۾ ان معاملي کي سنجيدگيءَ مان اٿاريو ۽ اهو ٺهراءُ منظور به ڪرايو. سو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان منظور ڪيل ٺهراءِ تي تيزي سان عمل ڪرائجي. اسان هميشه اهو لکندا رهيا آهيون ته تاريخ مختلف عهدن تي ڪم ڪندڙ شخصيتن کي عظيم ڪم ڪري پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو ڏيندي رهندي آهي پر اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ به اهليت گهرجي، جيڪا ميڊم مهتاب راشدي ۾ موجود آهي ۽ هن سنڌ اسيمبلي هجي يا قومي اسيمبلي ان ۾ اهو ڪم ڪيو آهي، اهو آواز اٿاريو آهي جيڪو تاريخ ۾ گونجندو رهندو، اهڙو ئي آواز سنڌي ادب کي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ اٿاريل اهو ٺهراءُ پڻ آهي جنهن کي اسان ٽرانسليشن بيورو جي قيام جو ٺهراءُ چئون ٿا.
سو ميڊم مهتاب راشدي ته ان حوالي سان پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪري چڪي آهي هاڻي سنڌي اديبن، دانشورن، ميڊيا، ساڃاهه وندن، قوم پرست جماعتن ۽ خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت جو ڪم آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊم مهتاب راشدي جي پيش ڪيل ۽ منظور ڪرايل ان ٺهراءُ تحت سنڌ ۾ ٽرانسليشن بيورو جو ادارو يقيني طور قائم ڪرائڻ تي زور ڏين ته جيئن سنڌي ادب، سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي اديبن جو تخليقي ۽ آدرشي ڪم عالمي سطح تي متعارف به ٿي سگهي ۽ مڃرائي به سگهجي. ان ڪري لازمي آهي ته سنڌ ۾ ٽرانسليشن بيورو جي قيام لاءِ باقاعدي تحريڪ هلائي وڃي ۽ ان تحريڪ جي اڳواڻي سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي ڪرڻ گهرجي.
اڃان به سنڌ حڪومت کي به سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل ٽرانسليشن بيورو جي قيام جي ٺهراءُ جي پاڻ مالڪي ڪرڻ گهرجي ۽ ترت ان اداري جي عمارت ٺهرائي ڪم جي باقاعدگي سان شروعات ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ هن وقت جيڪي به سٺا مترجم آهن تن کان ان اداري کي خدمتون وٺڻ گهرجن جيڪڏهن پ پ جي موجوده سنڌ حڪومت اهڙو ڪم ڪري وئي ته اهو ڪم ان جي يادگار ڪمن مان هڪ ڳڻيو ويندو.