سو ڪو ڏيارين ڏانءُ جو طمع کي ترڪ ڪري

شهباز پيرزادو

ڀڳت ڪنور رام جي پيدائش ۽ شھادت جي تاريخن تي گھڻا ئي موقف آھن جن مان ڪن جو خيال آھي ته سندس شھادت جي تاريخ  پھرين نومبر آھي ڪن جو خيال آھي ته 31 آڪٽوبر تي کيس شھيد ڪيو ويو پر ممتاز بخاري لکيو آھي ته ريلوي رڪاڊ موجب سندس شھادت جو واقعو 2 نومبر تي پيش آيو  ڀڳت ڪنور رام جي پيدائش 13 اپريل 1885ع تي ميرپور ماٿيلي کان 8 ڪلوميٽر مفاصلي تي قائم تاريخي ڳوٺ جروار ۾ ٿي

1939ع واري سال ۾ سندس جسم ۾ جيڪا گولي ھيئي وئي اھا گولي سنڌ جي صوفياڻي روح مٿان بدترين حملو ھئي جنھن جا اثر اڄ به موجود آھن . ان گولي فقط ڀڳت ڪنور رام جي زندگي جو ڏيئو نه اجھايو پر انھن لکين ھندو مذھب سان واسطو رکندڙ انسانن کي به ايذايون جن جي شخصيت ۽ ڪردار جي ساک محمد امين کوسي سنڌ اسيمبلي ۾ کنئي . ڀڳت ڪنوار رام سازن ۽ آواز واري سنڌ ڌرتي جو ھڪ چمڪندڙ ستارو ھو جنھن وٽ صوفياڻو فڪر . سادگي ۽ سخاوت سان گڏوگڏ انسانيت سان پيار ۽ پريت جو انوکو انداز ھو  ھن فقط گيت ڳائي دليون نه گرمايون پر پنھنجي ڪردار ۽ عاجزي سان اھڙي سنڌ اڏڻ چاھي جتي ذات پات رنگ نسل کان مٿي انسانيت سان پريم جا سبق ھجن.

اسان جي خطي جي تصوف جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ھڪ طرف ڪبير، لطيف، تلسي داس، ميران ٻائي ۽ بلهيٰ شاھ نظر ايندو ته ٻئي طرف ڀڳتي تحريڪ ۽ جھوڪ جي تحريڪ به نظر ايندي جن ۾ صوفين انساني وقار جي بحالي لاءِ پنھنجا سر ڪپايا آھن  ڀڳت ڪنوررام ان تاريخي تسلسل جي جھلڪ ھو

ڀڳت ڪنوررام راڳ جي باقائده سکيا  ڏھن سالن جي ڄمار ۾ ڀائي ھاسا رام کان ورتي ھن وٽ راڳ جو نرالو انداز ھو ڳائڻ دوران سندس پيرن جي ڇير به وڄندي ھئي ته سندس اکيون به آگھم آگھم ٿي برسنديون ھيون  ڪرشن راھي لکي ٿو ته مون ٻاروتڻ جي عمر ۾ ڀڳت کي لولي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ھئي ته ڀڳت ڪنوررام خاموش ٿي ويو ڇو جو ھو لولي ڳائڻ ڇڏي ويو ھو ھڪ ڀيري ڪنھن طبيب مئل ٻار بيمار ڄاڻائي پنھنجي امڙ جي  حوالي ڪيو شايد ھو ماءُ کي اھو نه پيو ٻڌائي سگھي ته تنھنجو ٻار مري چڪو آھي اھا ماءُ ڀڳت وٽ ٻار کڻي آئي چيائين ته ھن کي لولي ٻڌايو ڀڳت ڪنوررام ٻار کي ھٿن ۾ جھلي محسوس ڪيو ته ٻار مئل آھي پر اھڙي ته لولي ڳايائين جو ٻار چرڻ پرڻ شروع ڪيو ان بعد ھن لولي ڳائڻ ڇڏي ڏني ھئي  پر ڪرشن راھي لکي ٿو ته مان ان وقت تمام ننڍو ٻار ھيس ڀڳت منھنجي فرمائش تي لولي ڳاتي

ولي رام ولڀ لکيو ته ڪو به فن تيستائين پروان نه چڙھندؤ جيستائين اھو پنھنجي ڌرتي ان جي رهواسين ۽ وايو منڊل سان واڳيل نه ھوندو . ڀڳت جو فن به پنھنجي ڌرتي سان واڳيل ھو ھن پنھنجي گيتن ۾ ڌرتي جا صوفي شاعر ڳايا ۽ پيار جو پيغام عام ڪيو

جڏھن ھندو مسلمان فساد ٿيا تڏھن. جھرجھنگ ۾ وڃي ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان“ ڳايو  ھن صرف گيت نه ڳايا پر عام ماڻھن جي مدد به ڪئي راڳ ڳائڻ دوران ملندڙ پيسا ھو ضرورت مندن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو جن ۾ وڏي اڪثريت مسلمانن جي ھوندي ھئي ھن مسجد جي چندي ۾  به پنھنجو حصو ڏنو ته مندر م ٻرندڙ ڏيئن م تيل به وڌو . پروفيسر رام پنجواڻي ھڪ دفعي ڪنھن رات ھاري جي زمين تي ڪنھن بااثر قبضو ڪيو ڀڳت ڪنوررام قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ھڪ وڪيل سان مليو  شروعات  ۾ وڪيل فيس گھري جڏھن ڀڳت چيس ته فيس قسطن ۾ ڏيندس ته وڪيل چيس اوھان ماني منھنجي کائو رات به مون وٽ رھو اھا ئي منھنجي فيس آھي  اھڙي طرح ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن وٽ ھن جو احترام ۽  عزت ھئي

ھن  نه مال ميڙيو نه عھدن جي پويان ڊوڙ پاتي لطيف جي ڪردار  بک انھن جي بکيا ڌوڙ انھن جي ڌوپ

وانگر ھن سادگي ۾ زندگي گزاري پر پنھنجي اصولن تان نه هٽيو  شيخ اياز لکيو آھي ته ڀڳت ڪنوررام انھن ماڻھن منجھان ھو جن اھو ڄاڻو ورتو ته ڪفن ۾ کيسا ناھن ٿيندا.  سائين جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آھي ته ”جڏھن ڀڳت ڪنور رام جو ڳايل ھيءُ ڪلام ٻڌندو آھيان آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه،

مون سان تن ماروئڙن جي

ته ان وقت کاڌو کائيندو ھجان يا پڙھندو ھجان، ٻئي ڪم ڇڏائي ويندا اٿم. سائين جي. ايم. سيد اڳتي اهو به لکي ٿو ته ڀڳت ڪنور رام نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندو ھو. ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي ھو، جنھن راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. چون ٿا ته ھڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام پير جي ڳوٺ واري مندر ۾ پئي ڳايو ۽ آخري راڻو پئي ڳايائين ته پوليس اچي ڪڙڪي.  ھڪ فرياديءَ قرضن جي اوڳاڙڻ لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي پوليس جي حوالي ڪيو ته ڪنور رام ان کي ڇڏائڻ لاءِ ”جھولي“ ڪئي ۽ راڳ تڏھن بس ڪيائين، جڏھن فرياديءَ چيو ته سائين منھنجا پئسا پورا ٿي ويا.

سائين جي ايم سيد وڌيڪ اهو به لکيو آھي ته سکر جي ڪنھن ھندن ڪنهن پير جي فرزند جي بيعزتي ڪئي پير جي مريدن فيصلو ڪيو ته ھندن کان اھڙي حرڪت جو بدلو سندن ڪنھن پير فقير کان وٺجي جيئن ته ھندن ۾ ڀڳت ڪنوررام جي حيثيت ھڪڙي پير بزرگ جيتري ھئي سو انھن ھن کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ان پير جي مريدن جي اھڙي فيصلي بعد ھندن اعلي اختيارين وٽ دانھيو جن ڀڳت جي نالي سان ھٿيارن جا لائيسنس اشو ڪيا ۽ ٻه راکا به ساڻس گڏ ھجڻ طور مقرر ڪيا  پر ان باوجود به ھڪ جڏھن مانجھند شھر ۾ ڀڳت وجھڻ پئي ويو اتان شام جو پنجين وڳي دادو روانو ٿيو جتان کيس سکر وڃي بعد ۾ پنھنجي ڳوٺ جروار وڃڻو ھو  رستي تي رُڪ اسٽيشن جيڪا جنڪشن ھئي ان جڳھه تي مٿس حملو ٿيو ۽ کيس زخمي ڪيو ويو  گوليون لڳڻ کان باگڙجي اسٽيشن تائين ھو تڙپندو رھيو پر وقت سر علاج نه ٿيڻ ۽ رت وھڻ سبب هو امر ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.