اسان جي سنڌي سماج ۾ جتي نياڻي کي ست قرآن چيو وڃي ٿو ۽ نياڻين جي ميڙ ٿي اچڻ تي خون به معاف ڪيا ويندا آھن، اتي وري ھن پدر شاھي سماج ۾ عورتن سان ھر قسم جو ظلم، زيادتي ۽ ناانصافي ڪئي وڃي ٿي. پدرشاھي ۽ جاگيرداري سماج ۾ عورتن سان جانورن کان به وڌيڪ بدترين سلوڪ روا رکيو وڃي ٿو. شھري پڙھيل لکيل عورتن کان وٺي يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين تائين يا وري ٻھراڙي جي مسڪين ھارياڻين کان وٺي آفيسن ۾ نوڪري ڪندڙ عورتن تائين سڀ پدرشاهي سماج ۾ ناانصافي جو شڪار ٿين ٿيون.
ڪارو ڪاري ھجي، يا ڏي وٺ جي شادي، سڱ چٽي، قبائلي تڪرار ويندي ڪاليجن، يونيورسٽن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن سان هراسمينٽ هجي سمورن عورت دشمن عملن جا ذميوار اسان جا جاگيردار نواز حڪمران آهن جن جي عورت دشمن پاليسين سبب ڪٿي به عورت خود مختيار فردي حيثيت ۾ ناھي رھي۔ ھاڻي ته تذليل جا واقعا ھيومن رائيٽس تي ڪم ڪندڙ سوشل ايڪٽيوسٽ عورتن سان به ٿي رهيا آھن۔ سنڌي سماج جتي انيڪ وبائن ۾ ورتل آھي اتي عورت دشمني مٿانھين درجي تائين رھي آھي۔
عظيم مائرون عظيم پٽ ڄڻينديون آھن۔ جيڪڏهن ھر عظيم پٽ عظيم ۽ بلند سوچ جو مالڪ ھوندو ته ھو پنھنجي گھر جي عورت کي سياسي طور آزاد ۽ خود مختيار بڻائيندو۔ جيئن رسول بخش پليجي ڪيو ھو، جيئن شھيد فاضل راھو ڪيو ھو، جن پنھنجي گھر ۽ خاندان جي عورتن کي سنڌي سماج اندر عورت جي حيثيت بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سياسي طور اڳتي آندو۔ سماج کي بدلائڻ خاطر ذھنيت بدلائڻي پوندي۔ اھا ذھنيت تڏھن بدلجندي جڏھن اسان عورت دوست سماج ٺاھينداسين۔ جھالت ۽ تنگ نظري مان جند ڇڏائينداسين. پر اسان وٽ رڳو حسد، ساڙ ۽ تعصب جو لاڙو عام جام نظر اچي ايندو آهي۔ عورتن سان اصل دشمني ۽ وير مجال ٿي وئي آ جو سنڌ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ گھر جون عورتون ٻاھر ڪڍن! باقي شل نه ڪا ٻي عورت ٻاھر نڪري، پڙھي ڪنھن سياسي علمي پروگرام ۾ وڃي پوءِ ڏسو سندن ترقي پسندي، پيا عورت کي تڪيندا ته ٻئي پاسي پاڻ کي سنڌ جي دردن جو علمبردار پيا محسوس ڪرائيندا رھندا، ڄڻ ته سندن علم جا سڀ دروازا ئي ھنن تي کلن ٿا۔ جڏھن ته سندن پھرين ترجيح ئي عورت جي ڪردار ڪشي ھوندي آھي۔
سنڌ اندر اقتداري ايوانن تي پندرنھن سالن کان قابض سياسي پارٽي جيڪا اقتدار ۾ اچڻ خاطر ووٽ به عورت جي نالي تي حاصل ڪري ٿي، پر ان پارٽيءَ ھن مھل تائين عورتن جي برابري ته پري جي ڳالهه ٿي پر انھن جي ڀلائي ۽ جياپي لاءِ ڪو به اھڙو فلاحي پروگرام ۽ مستقل روزگار ناھي ڏنو، جنھن منجهه عورت پنھنجي عزت سان پيٽ پالي سگھي، پر ويتر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي عورتن جي تذليل ڪرائيندا. جڏھن ته ان پروگرام ذريعي عورت جي جيڪا تذليل ڪئي ٿي وڃي ان جو مثال دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ نٿو ملي سگھي۔ ان پروگرام تحت سنڌ جي عزتدار ۽ بھادر عورت کي پينو بڻائڻ جو سعيو ڪيو ٿو وڃي۔ سنڌ ۾ ھن وقت عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ کان سواءِ ٻي ڪا به تنظيم عملي طور ميدان تي نظر ئي نه ايندي۔ سنڌياڻي تحريڪ ھن وقت شھر ۽ ٻھراڙي جي عورتن منجھه ايمانداري ۽ سچائي سان سياسي ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ ميدان عمل ۾ آھي۔ اسان بھتر سماج تڏھن ئي ٺاھي سگھون ٿا جڏھن سماج جو ھر فرد ايمانداري سان عظيم پٽ بڻجي ڏيکاريندو.