ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڊينگي وائرس

ثوبيا کوسو

 ٽنڊوالهيار هن وقت هڪ خطرناڪ ۽ تيزيءَ سان پکڙجندڙ بيماري ڊينگي وائرس جي ور چڙهيل آهي، هر روز نوان ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ اهو وائرس شهرن کان ٿيندو ڳوٺن تائين پهچي ويو آهي۔ ضلعي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 30 تائين پهچي چڪو آهي، جنهن ۾ ٻار، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن۔ اها صورتحال نه رڳو خطرناڪ آهي، پر انتظامي ۽ صحت کاتي جي نااهليءَ جو کليل ثبوت به آهي۔

هن خطرناڪ حالت جي باوجود  نه ضلعي سطح تي ڪو هنگامي قدم کنيو ويو آهي،  نه يوسي سطح تي مڇرمار اسپري ٿيو آهي۔ چمبڙ تعلقي جي ڳوٺ نظر رند ۾ چار ماڻهو ڊينگيءَ ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٻه نوجوان ڇوڪريون ۽ ٻه ڇوڪرا شامل آهن۔  پر انتظاميا ۽ صحت کاتو اڃا تائين بي حس بيٺل آهي۔

ڳالهه رڳو هڪ ڳوٺ جي ناهي، پر سمورو چمبڙ، ٽنڊوالهيار شهر ۽ ٻين يوسين ۾ صفائيءَ جو نظام مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، نالن ۾ گندو پاڻي، کڏن خامن ۾ بيٺل پاڻي ۽ گندگي جا ڍير مڇرن جي نسل وڌائڻ جا مرڪز بڻجي چڪا آهن۔ مڇرن جي آزار کان ماڻهو راتيون جاڳي گذارين ٿا، ٻار ۽ بزرگ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، پر حڪومتي ادارا خاموش آهن۔ ڊي ايڇ او ٽنڊوالهيار کان جڏهن صورتحال بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته مڇرمار اسپري لاءِ دوا ئي موجود ناهي۔ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن بيماري پکڙجي رهي آهي ته ضلعي جو مکيه صحت کاتو بغير دوا جي ڪيئن ويٺو آهي؟ ڇا انهن کي ماڻهن جي زندگين جي ڪا پرواهه ناهي؟ ان کان به وڌيڪ افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته يوسي انتظاميا پڻ پنهنجن علائقن ۾ مڇرمار اسپري نه ڪرائي سگهي آهي۔ يوسي سيڪريٽرين ۽ چيئرمينن کي ماڻهن جي مسئلن سان ڪو به واسطو ناهي۔ نه صفائي ٿي رهي آهي، نه اسپري، نه  عوامي آگاهي مهم۔ ڪاغذن ۾ رپورٽون ٺاهيون پيون وڃن، پر ان جو حقيقت سان ڪو تعلق ئي ناهي.

ڳوٺ نظر رند جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، پر ڪنهن به سرڪاري عملدار سار ناهي لڌي، نه اسپري ٿي، نه صفائي۔ ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت مڇرن کان بچاءَ لاءِ ڇيڻن ۽ نم جي پنن جون دونهون ڪرڻو پئجي رهيو آهي اسان کي رڳو اهو چيو ويو ته دوا ناهي، انتظار ڪريو۔ پر ڊينگي انتظار نٿو ڪري، اهو هر گهر تائين پهچي رهيو آهي۔ هاڻي به وقت آهي ته ڊي سي ٽنڊوالهيار، ڊي ايڇ او ۽ سڀ يوسي سيڪريٽري فوري طور متحرڪ ٿين۔ اسپري مهم شروع ڪئي وڃي، ليمڊا سائلو 3 ۽ ٻين موثر دوائن سان مڇرمار مهم هلائي وڃي۔ بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، اسپتالن ۾ مفت ڊينگي ٽيسٽ ۽ علاج جو بندوبست ڪيو وڃي۔ جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ڊينگي وبا جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. زندگيون بچائڻ حڪومت جو فرض آهي، پر جڏهن حڪومتون بي حس ٿي وڃن ته عوام کي پاڻ ئي جاڳڻو پوي ٿو۔ وقت اچي ويو آهي ته هر ڳوٺ، هر شهر، ۽ هر يوسي جا ماڻهو گڏ ٿي پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪن،

جيڪڏهن هاڻي به خاموشي اختيار ڪئي وئي ته اهو وائرس هر گهر تائين پهچي ويندو، ۽ پوءِ اسان وٽ رڳو افسوس رهجي ويندو، ڇو جو  ڊينگي وائرس هڪ خطرناڪ وائرل بيماري آهي، جيڪا سڌي طرح ماڻهوءَ کان ماڻهوءَ تائين نه ٿي پکڙجي، پر هڪ خاص قسم جي مڇر ايڊيز ايجپٽائي ذريعي پکڙجي ٿي، جيڪو ڏينهن جي وقت وڌيڪ سرگرم هوندو آهي. جيڪڏهن اهو مڇر ڪنهن متاثر ماڻهوءَ کي چڪ هڻي ٿو، ته مڇر پاڻ وائرس جو ذريعو بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ جڏهن اهو ٻئي صحتمند ماڻهوءَ کي چڪ هڻي ٿو، ته وائرس نئين شخص ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. انهيءَ طريقي سان ڊينگي جلدي پکڙجي سگهي ٿي  ۽ هڪ ننڍڙي ڳوٺ يا شهر ۾ به وبا جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ هتي به اهي خدشا آهن ته ائين ئي ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.