ڇا ڏکڻ ايشيا ۾ ڪڏهن مڪمل امن قائم ٿي سگهندو؟ ڇا مودي ازم ئي ٻن ارب کان وڌيڪ انسانن کي يرغمال بڻائي رکندو؟ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اها دنيا جي ڪل آبادي جو 25 سيڪڙو آهي، يعني دنيا جي چوٿين حصي کان به وڌيڪ ماڻهو سخت گھُٽڻ ۽ جبر ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن۔ هي علائقو تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو رهيو آهي۔ يورپ جون قومون ان کي “سونهري چڙيا” سمجهي لٽ مار لاءِ هتي آيون هيون، ۽ انهن ئي غير ملڪي ڦورن کان اسان جي مقامي ڦورن به ڦرلٽ جا جديد طريقا سکيا۔ کين خلعتون مليون، جاگيرون مليون، پر انهن انهن ئي طريقن کي پنهنجي علائقي تي لاڳو ڪيو۔ ضرورت هيءَ هئي ته هن خطي جا حڪمران “مودي ازم” کي رد ڪن، گڏجي اهڙيون پاليسيون ٺاهين، جو ڀارت جا هڪ ارب پنج ڪروڙ جمهوريت پسند ماڻهو مودي جهڙي ظالم، انسان دشمن ۽ متعصب حڪمران کان نجات حاصل ڪن، پر اڪثر حڪمران پاڻ به ساڳئي راهه تي نڪري پيا۔ حسينه واجد، سري لنڪا ۽ نيپال جي حڪمرانن به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو، پر انهن جي ماڻهن مزاحمت ڪري کين ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو۔
هن وقت دنيا ۾ علائقائي سهڪار واريون سڀ تنظيمون اڳتي وڌي رهيون آهن۔ يورپ ته پنهنجي ڪرنسي به گڏ ڪري ڇڏي آهي، پاسپورٽ ۽ ويزا ختم ڪري ڇڏيا آهن۔ فرق رڳو اهو آهي ته ترقي يافته قومون اڳتي جي سوچين ٿيون، ڇاڪاڻته ماضي، حال ۽ مستقبل پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا آهن۔ اڄ جيڪا خوشحالي يا بدحالي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها ماضي جي پاليسين جو ئي تاريخي نتيجو آهي۔
پاڪستان جي بدقسمتي آهي ته اسان جا باني، قائداعظم محمد علي جناح، بيماري سبب رڳو هڪ سال ئي نئين مملڪت کي ڏئي سگهيا۔ انهن کان پوءِ قائد ملت لياقت علي خان کي ٽن سالن بعد راستي تان هٽايو ويو۔ پاڪستان وٽ بي پناهه وسيلا هئا قدرتي معدنيات به، انساني وسيلن به پر ڪنهن به شعبي ۾ پاليسين جو تسلسل قائم نه رهيو، نه معيشت ۾، نه پرڏيهي پاليسي ۾، نه تعليم، صحت، زراعت، آبپاشي، امن امان يا مذهبي رجحانن ۾۔
قائداعظم کي پنهنجي مختصر زندگيءَ جو احساس هو، تنهنڪري انهن هڪ ئي سال ۾ پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ بنيادي لائحن جو تعين ڪري ڇڏيو هو۔ مان جڏهن به انهن جي هڪ سال جي تقريرن جو مطالعو ڪريان ٿو ته مون کي انهن ۾ پاڪستان جي مستقبل لاءِ هڪ مربوط نظام نظر اچي ٿو، هڪ واضح رهنمائي ملندي آهي۔ جيڪڏهن پاڪستان جي قيام کان اڳ وارا انهن جا بيان، تقريرون ۽ خط پڙهجن ته ڪنهن به محقق کي هڪ آزاد جمهوريت جي حدن، لائينن ۽ لائحہ عمل جو مڪمل تصور ملي سگهي ٿو۔
اڄڪلهه تجزيو نگاري پسنديده پيشو ۽ مشغلو بڻجي ويو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن تجزيي نگارن جي تجزين ۾ اها جامعيت ۽ مستقبل جو ادراڪ موجود آهي؟ ڪيترا آهن جيڪي ايندڙ وقت بابت سوچين ٿا؟ پاڪستان ۾ اڳتي جو تجزيو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي۔ ذرا 1947ع کان اڄ تائين ڏسو ته قافلي ڪيترا رستا بدليا آهن۔ موجوده نظام جي تناظر ۾ جڏهن به ڪو منطقي نتيجو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته ڪو “مسيحا” اوچتو لاو لشڪر سان افق تي ظاهر ٿيو، سڄو سسٽم الٽي پلٽي ڇڏيو، پنهنجو جهموري، سياسي يا معاشي نظام آڻي بيٺو۔ پوءِ اٺ، ڏهه سال بعد ٻيو مسيحا اچي سڀ اڳوڻا معاهدا ۽ دستور رد ڪري ڇڏيندو۔ منصوبن تي لڳل تختيون اکيڙي ڇڏيندو۔ هي ته رڳو الله جو فضل آهي ته اسان جو ايٽمي پروگرام ان هٿ چراند کان محفوظ رهيو، تنهنڪري مڪمل ٿيو ۽ اسان کي پرڏيهي يلغار جي مقابلي ۾ تحفظ جو احساس ڏنو۔ پر تحفظ جو اهو احساس ڪنهن ٻئي شعبي ۾ نه مليو۔ اهو به نه آهي ته الله تعاليٰ انهن شعبن لاءِ وسيلن ۾ ڪمي ڇڏي، يا ماهرن جي کوٽ آهي۔ بيشمار ماهر ۽ اسڪالر ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پائيدار ترقيءَ جو سرچشمو بڻيا، جيڪي وطن ۾ به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئا، پر کين مايوس ڪري ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو۔ هاڻي به سوين نوجوان حالتن کان مايوس ٿي ملڪ ڇڏي رهيا آهن۔ نظر اچي ٿو ته ڪجهه خاندان آهن، جيڪي 1951ع کان وسيلن تي قابض آهن۔ خاندان بدلجن ٿا، پر نظام خانداني ئي رهندو آهي۔ پاڪستان ۾ اڪثريت کي ڪڏهن به اهو اطمينان حاصل نه ٿيو ته ملڪ جي فيصلا سازيءَ ۾ انهن کي شامل ڪيو پيو وڃي۔ اهي طاقتور خاندان، سياسي هجن يا غير سياسي، عوام کي لساني، علائقائي، صوبائي ۽ فرقيوار بنيادن تي ورهائيندا رهيا آهن، ته جيئن ماڻهن کي اهو احساس رهي ته سندن فيصلن ۾ شموليت جي کوٽ ملڪ جي پاليسين نه، پر انهن وابستگين سبب آهي۔
دنيا ڪيترن ئي حڪومتي تجربن کان پوءِ جمهوريت تي متفق ٿي آهي چاهي صدارتي نظام هجي، پارلياماني يا گڏيل ڇو ته ”هڪ ماڻهو، هڪ ووٽ“ جو اصول يقين پيدا ڪري ٿو ته هر چار پنج سال بعد بالغ شهري کي پنهنجو حڪمران چونڊڻ جو حق ملندو۔ جڏهن به ان رستي کان انحراف ٿيو، اليڪشن روڪيا ويا، نتيجا چرايا ويا، يا غير متعلق ادارن کي مداخلت جو حق ڏنو ويو، تڏهن انهن ادارن جي پيشه ورانه صلاحيت کي نقصان پهتو۔ پوءِ ڊگهو عرصو لڳو انهن جي ساک بحال ڪرڻ ۾۔
ملڪ ۽ ادارن سان محبت ڪندڙ ماڻهو هميشه پريشان رهن ٿا ته رياست جو وقار ۽ عظمت ڪيئن بحال ٿيندي۔ هاڻي جڏهن آڪٽوبر جو آخري هفتو آهي، ته سوچڻ گهرجي ته ايندڙ ڏهه پندرهن سال ڪيئن گذرندا؟ پنجويهه ڪروڙ عوام جي معيشت ڪهڙي هوندي؟ روزگار جا موقعا ڪيئن پيدا ٿيندا؟ پاڙيسرين سان لاڳاپا ڪيئن رهندا؟ “ون بيلٽ ون روڊ” جو مستقبل ڇا هوندو؟ ريڪوڊڪ جو سون اسان جا ڏينهن سنهرا ڪندو يا نه؟ في ڪس آمدني ڪيتري هوندي؟ پارليامينٽ اعليٰ ادارو هوندي يا نه؟ ڇا واگه کان گوادر تائين ماڻهن کي اهو احساس ٿيندو ته هو فيصلا سازيءَ ۾ شامل آهن؟ ته پوءِ اهو سوچڻو پوندو ته اسان کي ايندڙ تجزيو موجوده حڪومتي نظام جي تناظر ۾ ڪرڻو آهي يا هڪ خالص پارلياماني نظام ۾، جتي پارليامينٽ واقعي سپريم هجي ۽ اليڪشن جا نتيجا عوام جي مرضيءَ مطابق اچن۔ 2047ع ۾ پاڪستان جي قيام کي سئو سال پورا ٿيندا ان وقت پاڪستان جي “تڪميل” ڪهڙي نظام هيٺ ٿيندي؟ ڇا اها مملڪت قائداعظم جي اصولن تي قائم هوندي؟