سارين جي اگهه ۾ لاٿ: هارين ۽ آبادگارن جو ٿيندڙ معاشي قتل عام

وزير علي جمالي

اسان اهڙي معاشري ۾ ساھ کڻي رھيا آھيون، جنهن ۾ 60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري اذيت ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. رُڳو پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ به ويچاري انسان کي ڪِيترين ئي خواهشن ۽ حسرتن جي قرباني ڏيڻي ٿي پوي. اسان جي سنڌي سماج جي اڪثر آبادي اڄ به ڳوٺن ۾ رھي ٿي ۽ سندن گذرسفر جو اهم ذريعو زراعت ۽ چوپايو مال آهي. اسان جا ڳوٺ پنهنجي فطري سونهن سان ته ڀرپور آهن وقت جي نااهل حڪمرانن طرفان ڌيان نه ڏيڻ ڪري اسان جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان به وانجھيل آهن، جن ۾ روڊ رستا، اسپتالون، اسڪول، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. گذريل ڪجهه سالن کان پاڻي جي کوٽ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ جي ڪري سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. ان ۾ به خاص طور تي لاڙ وارو علائقو پوڇڙ ۾ ھُئڻ ڪري ھڪ ته زراعت لاءِ پاڻي نٿو ملي ۽ ٻئي پاسي سمنڊ روزانو سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائيندو اچي.

ان سڄي صورتحال ۾ ھڪ ھاري جيڪو پنهنجي سموري ڪٽنب سميت ٻني ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ان اپائي ٿو ۽ پنهنجو پيٽ ڪٽي پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهڻ لاءِ موڪلي ٿو، ان جي زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. پاڻي جي کوٽ کان سواءِ زرعي جنسن جا اگهه به گھٽ ڏنا وڃن ٿا. نتيجي ۾ فصل تي کيڙي، ڀاڻ، ٻج ۽ تيل جو خرچ به ويچاري ھاري جي ڳچي ۾ پوي ٿو ۽ ھو نسل در نسل قرض جي چڪي ۾ پيِسجندو رھي ٿو. هن وقت به گذريل ڪيترن ئي هفتن کان سڄي سنڌ ۾ هاري ۽ زميندار لاڳيتو پاڻي جي کوٽ، ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ مهانگي ٻج، زرعي دوائن جي اڻ هوند خلاف سراپا احتجاج آهن، سنڌجي زراعت ڪنهن وقت ۾ ملڪ جي اقتصادي ۽ معيشت جي ترقي جو اهم ۽بنيادي جز رهي آهي، خاص طور تي لاڙڪاڻو، قنبر شهدادڪوٽ، بدين، ٺٽو، سجاول، شڪارپور، دادو ۽ سانگهڙ جهڙا علائقا سارين جي وڏي پيداوار جا مرڪز رهيا آهن.

پر سال 2025 ۾ سارين جي فصل کي ٿيل بي مثال نقصان نه رڳو زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي، پر هزارين آبادگارن، هارين ۽ زرعي مزدورن کي به بُک ۽ بدحالي جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت جڏهن عالمي سطح تي کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي، سنڌ جا هاري پنهنجي محنت جو مناسب اُجورو نه ملڻ سبب سراپا احتجاج آهن.2025ع جي خريف جي مند ۾ سنڌ جي سارين جي فصل کي خاص طور تي موسمي تبديلي پاڻي جي کوٽ، حڪومتي مُدي خارج زرعي پاليسين، غيرمعياري ٻج، ڀاڻ ۽ نقلي زرعي دوائن سبب سخت نقصان پهتو آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ فصل پچڻ کان اڳ ئي سڙي ويو، جتي پاڻي نه پهتو اتي فصل سڪي ويو ۽ جتي پاڻي آيو اتي دير سان آيو جنهن جي ڪري فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويو. ٻئي پاسي وري آبادگارن کي غيرمعياري ۽ نقلي جراثيم ڪُش زرعي دوائون وڪرو ڪيون ويون جنهن جي ڪري فصلن جي واڌ ويجهه کي فائدو ٿيڻ بدران نقصان سخت نقصان پهتو آهي. ان سموري صورتحال ۾ حڪومت جي خاموشي ۽ زرعي کاتي جي غيرفعاليت پڻ وڏو منفي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي اڪثريتي هاري آبادي وٽ يا ته پنهنجو زمين جو ٽڪرو آهي، يا اهي زميندارن وٽ هارپو ڪن ٿا. سارين جو فصل هنن لاءِ نه صرف مالي سهارو آهي، پر کين ٻيون فصلون پوکڻ لاءِ به مالي مدد فراهم ڪندو آهي، پر هن سال، جهڙي طرح سان فصل جي واڌ گهٽجي وئي ۽ مارڪيٽ ۾ سارين جا اگهه به ڪري پيا، ان سبب هارين کي ٻن طرفن کان ڌڪ لڳو. هڪ طرف فصل گهٽ ٿيو، ٻئي طرف اگهه گهٽ مليا.

سنڌ ۾ واپارين توڙي ملز مالڪن ۽ مڊل مين جو هڪ قسم جو غير اعلانيه اتحاد آهي جيڪو هر سال سرڪار جي بيحسيءَ کي هٿ ۾ وٺي آبادگارن کان ساريون، ڪڻڪ ۽ ڪمند سميت ٻيون جنسون سستيون خريد ڪري بعد ۾ ان چانور کي اعليٰ اگهن تي برآمد ڪندو آهي. هن سال آبادگارن کي سارين جو اگهه 3500 رپيا في مڻ جي اميد هئي، پر هنن کي بمشڪل 2500 سئو رپيا مڻ ريٽ ملي رهيو آهي. جڏهن ته ساڳيو چانور مل مان 4000 کان 5000 رپيا مڻ تائين وڪرو ٿي رهيو آهي. ساڳي طرح سان هن سال مارچ ۾ جڏهن ڪڻڪ جو فصل مارڪيٽ ۾ آيو تڏهن سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ سبب هارين ۽ آبادگارن کان سيٺن ۽ پيڊي وارن في مڻ 22000 رپين تان ڪڻڪ خريد ڪئي هئي جيڪا اڄ پنج هزار رپيا مڻ وڪامي رهي آهي جڏهن ته اٽو 130 رپيا في ڪلو وڪامجي رهيو آهي.

اهڙي صورتحال جي ڪري هن سال ڪڻڪ جي پوکي تمام گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن ڪري ايندڙ سال وري اٽي جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. اٽو پنج هزار رپيا مڻ جڏهن ته ڪڻڪ ۽ ساريون 2200 سئو رپيا مڻ خريد ڪرڻ آخر اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ سنڌ جا وڏا سرمائيدار ۽ ملن جا مالڪ فصل لهڻ شرط  ھاري ۽ آبادگار جي پوکيل ھر جنس سستي اگهھ تي وٺن ٿا. جڏھن  ته ان خريد ڪيل جنس مان سرمائيدار، ڪارخانيدار پنھنجي ٺاھيل پراڊڪٽ ، چانور، کنڊ، اٽو، گيهه آئل ۽ ٻيون شيون ڊبل اگهھ تي وڪرو ڪري ڪروڙ پتي مان کرب پتي بڻجي ويا آهن، پر هاري ۽ ننڍا آبادگار اڄ به بُک ۽ بدحالي  جو شڪار آهن. ھن وقت سرمائيدارن ، ايڪسپورٽرن ۽ رائيس ملرز پاران ملي ڀڳت ڪري سارين جو ريٽ ڪيرائي ڇڏيو آھي پر ھڪ مھيني کان پوءِ جڏھن ساريون سرمائيدار جي گدامن ۾ بند ٿينديون  ته ريٽ چار ھزار کان به چڙھي ويندو. سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جو لاڳيتو استحصال ٿيڻ جي ڪري اڄ حالت اها آهي جو زمـينـدار پـنڌ پيـا ھلـن ۽ دوائــن جــي ڪمپنـن وارا اي سـي  وارين گاڏيـن ۾.گذريل 15سالن کان سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند ، ڪڻڪ توڙي سارين جو مناسب اگهه نه پيو ملي. سنڌ حڪومت ان ظلم ۾ برابر جي شريڪ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا وزير ۽ مشير مل مافياز ۽ سيٺن سان مليل آهن. انهيءَ ناانصافيءَ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن، هارين، ۽ زرعي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرا، روڊ بند، ڌرڻا ۽ ميڊيا تي مهمون هلائڻ شروع ٿيون. سوشل ميڊيا تي پڻ هارين ۽ آبادگارن جي حق ۾ وڏي مُهم هلي رهي آهي،نوجوان هاري، خاص طور تي زرعي تعليم حاصل ڪندڙ نئين نسل، به هن تحريڪ ۾ سرگرم ٿي وئي آهي. هن وقت جڏهن سنڌ جون سموريون سياسي، مذهبي ۽ قوم پرست جماعتون سارين جو جائز ۽ مناسب اگهه مقرر ڪرائڻ لاءِ آباد گارن توڙي هارين جي تحريڪ سان گڏ بيٺل آهن، جيڪڏهن ڪا جماعت انهن سان گڏ ناهي ته اها حڪمران جماعت آهي جيڪا هارين ۽ آبادگارن جي مسلسل احتجاج باوجود سندن نمائنده تنظيمن سان ڳالهين ذريعي سندن حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

سنڌ جي ساڃاهه وندن توڙي هارين ۽ آبادگارن جي تنظيمن پاران ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائن، بجلي، ڊيزل ۽ ٽريڪٽر سميت جديد زرعي مشينري تي سبسڊي لاءِ منظم طور تي آواز اٿاريو پيو وڃي. سارين جو سرڪاري اگهه فوري طور تي 5 هزار روپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي، آبادگارن لاءِ زرعي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي،  غلط زرعي پاليسين تي ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، زرعي انشورنس جو نظام قائم ڪيو وڃي، جيئن قدرتي آفتن سبب ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي، مارڪيٽ ۾ واپارين جي اجاره داريءَ خلاف قدم کنيا وڃن. رڳو تقريرن سان نه، عمل سان حڪومت لاءِ وقت اچي ويو آهي ته هو زراعت کي رڳو تقريرن يا سستي سبسڊي سان نه پر صحيح ريت پاليسين سان اڳتي وڌڻ گهرجي زرعي تحقيق لاءِ فنڊ وڌايا وڃن. غير معياري زرعي دوائن ۽ ڀاڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. آبادگارن سان سڌو رابطو رکي قيمتن جو مناسب تعين ڪيو وڃي. ايڪسپورٽرن کي رڳو تڏهن سبسڊي ڏني وڃي جڏهن هو آبادگارن کان مقرر اگهه تي خريد ڪن. اها وقت جي اهم ضرورت آهي ته حڪومت، ميڊيا، شهري سماج، ۽ سول سوسائٽي گڏجي هن تحريڪ جي آوازي بڻجن ۽ آبادگارن کي سندن محنت جو مناسب معاوضو ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. سنڌ حڪومت کي آبادگارن سان فوري طور تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ سندن جائز مطالبن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته واپارين ۽ سيلر مالڪن جي من ماني سبب  سارين جو گهٽ ريٽ ۽ ناجائز ڪٽوتي سبب غريب آبادگارن کي سخت نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گڏو گڏ سنڌ حڪومت کان پڻ هارين ۽ آبادگارن جو مطالبو آهي ته کين ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، سورج مکي سميت ڪيش ڪراپ جا جائز اگهه ڏيڻ سميت ڍل، آبيانو ۽ لئينڊ ٽيڪس توڙي ٻيا چارجز ۽ زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. ٻج  ڪيميائي ڀاڻ ۽ ڊيزل جي اگهن ۾رعايت ڪئي وڃي.ننڍن آبادگارن کي اڌ قيمت تي ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏنا وڃن.زرعي ٻجن جو مناسب اگههه تي ملڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ننڍا آبادگار ۽ ھاري دڪاندارن  جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه تي زرعي ٻج خريد ڪرڻ کان بچڻ سان گڏو گڏ ترقي ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته سنڌ تڏهن خوشحال ٿيندي جڏهن هتان جو هاري ۽ آبادگار خوشحال ٿيندو. آبادگارن ۽ هارين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ کانسواءِ سنڌ جي زراعت جو مستقبل اونداهو آهي، سنڌ جي زرعي معيشت جو دارومدار انهن هارين ۽ آبادگارن تي آهي، جيڪي گرمين ۾ سج ۾ ساڙجي، ۽ سياري ۾ ٿڌيءَ ۾ ڪم ڪري ملڪ جي خوراڪ جو بندوبست ڪن ٿا. جيڪڏهن اڄ هنن جي جائز حقن جي تحفظ لاءِ مناسب قدم نه کنيا ويا، ته نه رڳو سنڌ، پر سڄي ملڪ کي خوراڪ جي کوٽ، بيروزگاري ۽ زرعي بدانتظاميءَ جهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.