ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن 83 سالن جي عمر ۾ به پنهنجي ڪم سان لڳاءُ جو ثبوت ڏئي ڇڏيو آهي.
اداڪار هڪ ئي ڏينهن ۾ 12 شارٽ فلمن جي شوٽنگ ۽ 2 فوٽو شوٽ مڪمل ڪري سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.
فلم انڊسٽريءَ ۾ 57 سال مڪمل ڪندڙ اميتاڀ بچن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي زندگيءَ جي مصروف ترين ڏينهن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هن ڪيترن ئي ڪلاڪن جي سخت محنت کانپوءِ به رات دير تائين پنهنجي مداحن سان آن لائن رابطي ۾ رهڻ کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو.
اداڪار جو چوڻ هو ته ڪم سان گڏ مداحن سان واڳيل رهڻ جو سلسلو ڪڏهن به نه روڪڻ گهرجي.
اميتاڀ بچن جي غير معمولي محنت ۽ لڳاءُ ڏسي مداحن کين زندگيءَ جي بهترين مثال قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته اداڪار هن وقت پنهنجي فلم ”ڪلڪي 2898 اي ڊي“ جي سيڪوئل جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، جنهن جي رليز جي تاريخ جو اڃا تائين اعلان نه ڪيو ويو آهي.