هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ! رونالڊو سان ملاقات تي عورت يوٽيوبر جذبن تي ظابطو نه رکي سگهي

بيلجيم جي مشهور يوٽيوبر ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر سيلين ڊيپ پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سان ملاقات دوران جذبن تي ضابطو نه رکي سگهي ۽ لڙڪ لاڙي ويٺي.
ان ملاقات جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رونالڊو جي ويجهو ايندي ئي سيلين جذباتي ٿي وئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
ان موقعي تي پرتگالي اسٽار رونالڊو مُرڪندي کين آٿت ڏني ۽ چيو ته ”نه روئو“. ملاقات دوران سيلين رونالڊو جا ٿورا مڃيندي چيو ته ”هر شيءِ لاءِ توهان جي مهرباني، توهان مون لاءِ وڏو اتساهه آهيو.“
ان کانپوءِ سيلين جي درخواست تي رونالڊو خوشيءَ سان ساڻس تصوير به ڪڍرائي.
واضح رهي ته سيلين ڊيپ بيلجيم جي هڪ مشهور سوشل ميڊيا انفلوئنسر ۽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر آهي، جيڪا پنهنجي فٽبال ويڊيوز جي ڪري ڄاتي وڃي ٿي.
رپورٽن موجب، سندس يوٽيوب تي تقريبن 60 ملين سبسڪرائبرز ۽ ٽڪ ٽاڪ تي 16 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.