واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايلون مسڪ جمعي جي ڏينهن دنيا جو پهريون ٽريلينيئر (هڪ هزار ارب ڊالر کان مٿي جو مالڪ) بڻجي ويو آهي. سندس خلائي ڪمپني ”اسپيس ايڪس“ جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي لسٽنگ کانپوءِ شيئرز جي اگهن ۾ تيزي سان واڌارو ٿيو. بلومبرگ جي اميرن جي لسٽ موجب، ايلون مسڪ جي ڪُل دولت 1.11 ٽريلين ڊالر (اٽڪل 828 ارب پائونڊ) تائين پهچي وئي آهي.
اسپيس ايڪس جا شيئرز 135 ڊالر تي جاري ڪيا ويا هئا، جيڪي واپار جي شروعات تي 150 ڊالر ۽ ڪجهه وقت لاءِ 176.50 ڊالر تائين پهچي ويا، جڏهن ته مارڪيٽ بند ٿيڻ وقت اهي لڳ ڀڳ 161 ڊالر تي بند ٿيا، ڪمپني جي مارڪيٽ ويليو 2.2 ٽريلين ڊالر آهي.
تجزيي نگارن موجب، هي وڌارو سيڙپڪارن جي خلائي ڪاروبار ۽ مسڪ جي ويزن ۾ وڌندڙ دلچسپي جو نتيجو آهي.
ايلون مسڪ سپيس ايڪس جو 42 سيڪڙو مالڪ آهي، جيڪو کيس ڪمپني جي معاملن تي مڪمل اختيار ڏئي ٿو.
ٻئي پاسي ايلون مسڪ جي اڻ مئي دولت تي عالمي سطح تي بحث ڇڙي ويو آهي.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي دولت گهڻي ڀاڱي ”ڪاغذي“ آهي، جيڪا سندس ڪمپنين جي مارڪيٽ ويليو تي ٻڌل آهي ۽ هو پنهنجا شيئرز گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال تائين وڪرو نٿو ڪري سگهي.
ڪيترن ئي سياستدانن، جن ۾ برني سينڊرز ۽ ايلزبيٿ وارن به شامل آهن، ان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي اميرن تي وڌيڪ ويلٿ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت کي ظاهر ڪري ٿو.
هوڏانهن اسپيس ايڪس في الحال منافعي بخش ناهي ۽ 2025-26 دوران ڪمپني کي 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو سبب هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) ۽ ٻين انفراسٽرڪچر ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري آهي.
ڪمپني جو مستقبل جو مشن انسانن کي ٻين سيارن خاص طور تي مريخ تي رهڻ جي جوڳو بڻائڻ ۽ هڪ ”قمري معيشت“ (Lunar Economy) قائم ڪرڻ آهي.
ڪمپني پاڻ به تسليم ڪري ٿي ته سندس ڪيترائي منصوبا اڃا آزمايا نه ويا آهن ۽ اهو ممڪن آهي ته اهي تجاري لحاظ کان ڪامياب نه ٿين.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسپيس ايڪس جي اصل ڪاميابي جو دارومدار ان تي هوندو ته ڊگهي عرصي ۾ ان جي قيمت ڪيئن برقرار رهي ٿي.