سنڌ جو شاهڪار محل، موهاٽا پيلس

تحرير: امين جويو

هي محل جهڙي خوبصورت عمارت هڪ مارواڙي هندو راءِ بهادر شِو رَتن چَندرا رَتن گورڌن موداس موهاٽا سن 1927ع ۾ ٺهرائي هئي. هي عمارت انهيءَ دور ۾سامونڊي ڪناري واقع هئي ، تڏهن سمنڊ جون لهرون عبدالله شاهه غازي جي مزار ۽ شِري رتنيشور مهاديو مندر سان اچي لڳنديون هيون. دراصل شِورتن موهاٽا جي گهر واري اڪثر بيمار رهندي هئي ۽ ڪيترو ئي علاج ڪرائڻ جي باوجود به جڏهن ، هوءَ تندرست نه ٿي تڏهن حڪيمن شِورتن موهاٽا کي مشورو ڏنو ته ؛ ” هن کي صبح ۽ شام سمنڊ کان ايندڙ هوائن جي ضرورت آهي . تنهن ڪري شِورتن موهاٽا پنهنجي بيمار گهر واريءَ لاءِ اهو شاندار محل ٺهرايو ، جيڪو اڳتي هلي ( موهاٽا پيلس ) جي نالي سان مشهور ٿيو.

موهاٽا پيلس جو نقشو آغا احمد حسين تيار ڪيو هو. (جنهن هندو جيم خاني ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو نقشو پڻ تيار ڪيو هو ۽ هو پنهنجي دور جو هڪ مشهور آرڪيٽيڪٽ هو). شِورتن موهاٽا ڪراچيءَ جو امير ترين واپاري ، سماجي ڪمن سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ هڪ سياسي ڪارڪن هو. ان کان سواءِ هو ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو ميمبر ۽ صدر به هو. شِورتن موهاٽا ڪراچي ميونسپلٽيءَ جو ميمبر ۽ صدر به رهيو ۽ هو ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي ڪاميٽين جو ميمبر به پڻ هو.

موهاٽا خاندان جو سنڌ جي سياست ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ وڏو هٿ رهيو آهي. شِورتن موهاٽا جي پيءُ ؛ سيٺ گورڌن داس موتي لال موهاٽا ڪراچيءَ ۾ ڪپڙي جو هڪ وڏو واپاري هو. هن سال 1860ع ۾ کاري در ۾ هڪ خوبصورت مارڪيٽ ( گورڌن داس مارڪيٽ ) ٺهرائي ، جيڪا ٽن ماڙين تي مشتمل هئي. ورهاڱي کان پوءِ ۽ تازي ماضيءَ ۾ هن عمارت ۽ مارڪيٽ ۾ ڪافي تبديئ کي پنهنجي سحر جو شڪار ڪري ٿي. موهاٽا پيلس جا ٽي عدد مکيه دروازا آهن جن جي سَڄي ۽ کٻي پاسي ٻه ، ٻه دريون آهن ۽ هر هڪ دريءَ جي ڊيزائين الڳ الڳ ٺهيل آهي. اهي دريون اعليٰ درجي جي ڪاٺ جون ٺهيل آهن جن تي خوبصورت نقش نگاري ٿيل آهي.موهاٽا پيلس جي ٽيرس تي هڪ مندر به ٺهيل هو ، هن محل ۾ مختلف هنڌن تي ويهارو کن ڪمرا، ڪجهه خوبصورت گئلريون ، هالَ ، اسٽور روم ، گارڊن / چوڪيدارن لاءِ ڪمرا ۽ هڪ ڳُجهو تهه خانو به هو، جنهن ۾ سوئمنگ پول به هو ، جنهن ۾ ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ جو انتظام ٿيل هوندو هو. هن جي اولهه ۾ هڪ چور به دروازو هو.

موهاٽا پيلس ۾ هڪ ڳُجهي سرنگ به هئي ، اها سرنگ موهاٽا پيلس ۾ موجود زيرزمين سوئمنگ پول جي پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ بڻائي وئي هئي“  موهاٽا پيلس ۾اڪثر وڏيون دعوتون به ٿينديون هيون ، جن ۾ شهر جا معزز ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. شِورتن موهاٽا ۽ سندس ڪُٽنب هن محل ۾رڳو ويهه سالن تائين رهي سگهيو ، ڇاڪاڻ ته سال 1947ع ۾ جڏهن ورهاڱو ٿيو ته سنڌ جي هندن لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي ، تنهن ڪري نه چاهيندي به شِورتن موهاٽا ، ڪراچيءَ ۾ موجود پنهنجين ٻين يادگار عمارتن سميت موهاٽا پيلس کي به الوداع ڪري ڪُٽنب سميت هندستان هليو ويو.

ڪراچيءَ جي نالي واري ليکڪ اختر بلوچ پنهنجي هڪ لکڻيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته ؛ ”ورهاڱي وقت جڏهن ڪراچي جي هندن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو تڏهن شِو رتن موهاٽا جي رهائش گاهه ( موهاٽا پيلس ) کي وزارت خارجه جي آفيس لاءِ منتخت ڪيو ويو ، تنهن تي شِو رَتن موهاٽا 14 آگسٽ 1947ع تي شام جو گورنر جنرل هائوس ۾ ٿيل هڪ اهم تقريب ۾ قاعد اعظم محمد علي جناح کي درخواست ڪئي ته ؛ موهاٽا پيلس سندس پسند جو گهر آهي ، سو کيس سرڪاري قبضي مان آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ، تنهن تي قاعد اعظم کيس ورندي ڏني ته ؛ آئون اوهان جي گهر جو قبضو ختم نه ٿو ڪرائي سگهان ، اوهان کي گهرجي ته ان سلسلي ۾ اوهان ضروري فيصلي ڪرڻ جي حيثيت وارن کي درخواست ڪيو ! شِورَتن موهاٽا ، قائد اعظم جو اهو جواب ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويو ته رياست جو اڳواڻ ايتري حيثيت نه ٿو رکي جو هن جو ذاتي گهر خالي ڪرائي ڏيئي سگهي!“

 بهرحال شِورَتن موهاٽا جي هندستان وڃڻ کان پوءِ حڪومت پاڪستان ، موهاٽا پيلس ۾ (منسٽري آف فارين افيئرس) جي آفيس کولي. اڳتي هلي سال 1964ع ۾ موهاٽا پيلس محمد علي جناح جي ڀيڻ ، محترمه فاطمه جناح جي حوالي ڪئي وئي. جڏهن فاطمه جناح جي وفات ٿي ته جناح فيملي ۾ ملڪيت تان جهيڙو شروع ٿي ويو ! آخرڪار ڪورٽ سڳوري اها عمارت محترمه شيرين جناح جي حوالي ڪئي.

شيرين جناح جي وفات کان پوءِ جناح فيمليءَ ۾ هڪ ڀيرو وري ملڪيت تان جهيڙو شروع ٿي ويو. تنهن ڪري ڪورٽ سڳوري موهاٽا پيلس کي سِيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ اها عمارت گهڻو عرصو بند رهي ۽ آخرڪار سال 1995ع ۾ سنڌ حڪومت موهاٽا پيلس کي خريد ڪري هتي ميوزيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.سنڌ حڪومت هن جي نئين سِر مرمت ڪرائي ۽ هن جي نالي ۽ خوبصورتيءَ کي برقرار رکيو. آخرڪار سال 1999ع کان ميوزيم کي عوام لاءِ کوليو ويو آهي. موهاٽا پيلس ۾ مختلف هنڌن تي قديم نوادرات ، مجسما ۽ ٻيون قديم ۽ ناياب قسم جون شيون رکيل آهن. ان کان سواءِ اڄ ڪلهه موهاٽا پيلس ۾ شاندار ۽ پُروقار تقريبون پڻ ٿينديون آهن جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا آهن ۽ سنڌ جي هن شاهڪار اڏاوت کي به ڏسندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.