ابراهيم حيدري ۽ گڏاپ ٽائون جي ٽيڪس معاملي تي هلندڙ ڇڪتاڻ

تحرير: جميل چانڊيو

ڪراچي جي سڀ کان وڏي ايراضي رکندڙ ضلعي ملير جتي ٻهراڙين سان گڏ شهري آباديون شامل آهن هن ضلعي ۾ بنيادي سهولتون ۽ علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جا ذميوار مڪاني ادارا آهن، هن ضلعي ۾ سڀ کان وڏي گهرج پيئڻ جي پاڻي سان گڏوگڏ سيوريج ۽ روڊ رستا آهن. ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ٽٽڻ کانپوءِ هن ضلعي ۾ نئين مڪاني ادارن وارو نظام هيٺ ابراهيم حيدري ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون جنم ورتو، مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ هن ضلعي ۾ وڏي اڪثريت پاڪستان پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن جي آهي.

ابراهيم حيدري ٽائون ۾ 11 ٽائون ڪميٽيون آهن جڏهن ته گڏاپ ٽائون جون ڪل 9 يونين ڪميٽيون آهن ابراهيم حيدري ٽائون ملير جي ڪجهه ٻهراڙي وارا علائقن سان گڏوگڏ شهري ۽ خاص طور تي ماهيگيرن جي سڀ کان وڏي وسندي ابراهيم حيدري آهي جڏهن ته گڏاپ ۾ موئيدان، ڪنڊ جهنگ کان ويندي درساڻو ڇنو ۽ مراد ميمڻ شامل آهي. هن سمورن علائقن کي سڀ کان وڏو چئلينج پاڻي جو آهي گذريل هڪ سال کان ابراهيم حيدري ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون وچ جانورن جي ٽيڪس اوڳاڙي تي هلندڙ سرد جنگ 15 ڏينهن اڳ شدت اختيار ڪري وئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي واضح اندروني ملڪ کان ايندڙ جانورن جي ٽيڪس جو فارمولو طئي ٿيل هو جنهن ۾ هڪ ٽائون گوشت واري جانور جي ٽيڪس وصولي ڪندو هو ته ٻيو کير واري جانورن جي ٽيڪس وصولي ڪندو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي صوبائي قيادت ۽ مڪاني ادارن جي وزارت پاران ڌار ڌار ٻن درجن کان وڌيڪ ويهڪون ٿيون پر بغير ڪنهن نتيجي هيٺ ٽيڪس اوڳاڙي جو عمل جاري ۽ معطل رهيو.

تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين سميت 4 آفيسر معطل ڪيا ويا آهن جن جي ٻڌڻي 21 آڪٽومبر 2025 تي رکي وئي آهي، اهڙي ڪشيدگي واري صورتحال ۾ سمورا ميونسپل جا انتظام چيئرمين ابراهيم حيدري جي معطلي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ ميونسپل سروس مڪمل طور تي مفلوج بڻيل آهي.هتي اها ڳالهه غور طلب آهي ته اهڙي عمل سان ابراهيم حيدري ٽائون جي لڳ ڀڳ 1700 ملازم جون پگهارون بند آهن جن ۾ اڪثريت اهڙن ملازمن جي آهي جيڪي ”هينڊ ٽو مائوٿ“ آهن.

اربع ڏينهن گلشن حديد جي هڪ سرڪاري بئنڪ جي ذريعن ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته اسان وٽ روزانو سوين جي تعداد ۾ ابراهيم حيدري ٽائون جا ملازم پگهار بابت بئنڪ اچي پڇا ڪن ٿا ته اسان جي پگهار آئي ۽ هو مايوس ٿي واپس وڃن ٿا ڪي ته ويچارا روئي چون ٿا ته اسان جي گهر ۾ ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ اٽو به نه آهي.

اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي توڙي صوبائي قيادت کي ترت ابراهيم حيدري ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون جي هلندڙ ڇڪتاڻ کي حل ڪري هن وڏي علائقي کي وڌيڪ بحران کان بچائڻ لاءِ تحرڪ وٺن ۽ ان جو حل ڪڍن ته جيئن بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل ملازمن کي پنهنجي پگهار جاري ٿئي ته هو پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهن، ائين نه ٿئي ته ملازم خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.