جڏهن به جتي به آسودگي پنهنجا پر پکيڙيندي آهي، ته اتي دنيا جي پوئتي پيل ۽ بکي قوم جون اکيون ان علائقي کي ٻلي جيان تڪينديون رهنديون آهن . ۽ هر وقت موقعو ملڻ جي انتظار ۾ هونديون آهن. ته وجهه ملي ته جھٽ هڻون. سو اسان جي سنڌ ڌرتي پڻ اهڙن آسودن علائقن منجھان هڪ آهي. جنهن جي مهراڻ جي موجن سان نکريل ۽ سنواريل ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ساوڪ ڪيترن ئي غيرن جو اندر جلائيندي رهندي آهي. ان سونهن ۽ ساوڪ جي ڪري ئي ان جي مٿان ڪيترائي ڌاريان ڪاهي آيا ۽ اچي ڌرتيءَ کي ڇيهو رسايو آهي. انهن سڀني حملا آورن ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو افغانين جو رهيو آهي. جيڪي پاڙيسري هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ظالم ۽ جابر قوم طور ماضيءَ ۾ سنڌ تي پنهنجا وحشيانا ڪرتوت ڏيکاري چڪي آهي. جهڙوڪ ڄام فيروز جي دور ۾ ان جي ئي خواهش سان شاھ بيگ ارغون 922 هجريءَ ۾ سنڌ تي ڪاھَ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هنن باغبان جو پرڳڻو ڦري ناس ڪيو. جتي دولهه دريا خان پنهنجي وطن لاءِ وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. جنهن بعد ان جي پٽ شاھ حسن سنڌ تي قنڌار کان ڪٽڪ ڪاهي آيو. جن سان سنڌ واسين وڏي ويڙھ ڪئي. منظم حڪمت عملي ۽ تجربيڪار سپهه سالار نه هئڻ سبب ۽ پنهنجين جي غدار سبب سنڌين کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو.. هن ٺٽي ۾ سنڌين جو قتل عام ڪرڻ شروع ڪيو. ايستائين جو ڳورهارين عورتن جو ٻار ڪيرائي، انهن کي قتل ڪري، انهن جون سسيون نيزن تي کڻي بازارن ۾ گھمائي، پنهنجو ڏهڪاءُ پکيڙي ڌاڪ ڄمائي.
هن وقت اسان جي ملڪ ۾ جيترو نقصان افغانين مان ٿيو آهي، اوترو شايد ڪنهن ٻئي ملڪ جي قوم مان ٿيو هوندو. اسان جي اکين ڏٺل واقعن مان بخوبي اسين سمجھي سگھون ٿا ته افغاني ڪنهن به صورت ۾ اسان جي ڌرتيءَ لاءِ لاڀائتا نه آهن. اسان جي نوجوان نسل کي نشي آور شين تي هيرائڻ ۾ پڻ افغانين جو وڏو هٿ آهي. جو انهن وٽ سواءِ نشي جي ڪاروبار جي ٻيو ڪجھه به نه آهي. تنهن ڪري اهي پنهنجي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پنهنجي لاءِ ناڻو جوڙڻ لاءِ اسان جي ڌرتيءَ جي نوجوانن کي مختلف قسم جي نشن وارين شين تي هيرائي، نشي جا غلام بڻائي رهيا آهن. جنهن ۾ انهن جو ساٿ اسان جا ڪيترائي چڱا چوکا ماڻھو ڏئي رهيا آهن. هنن افغانين جي اچڻ کان پوءِ يعني گذريل چاليهن سالن ۾ جڏهن کان روس ۽ افغانستان جي جنگ ڇڙي هئي. تڏهن کان افغاني اسان وٽ پناھ وٺي ويٺا هئا. جن گذريل چئن ڏهاڪن ۾ اسان جي قوم ۾ هٿيار ۽ نشو پکيڙي قوم کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.
هاڻي جڏهن افغانستان پاڪستان تي حملو ڪيو آهي، ته ملڪ جي عسڪري قوتن انهن کا واپس پنهنجي ملڪ افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڪري، ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اهو هڪ سٺو عمل آهي. جنهن سان گھٽ ۾ گھٽ اسان جي ديس واسي نوجوانن ۾ وڌيڪ نشي جا عادي پيدا ڪونه ٿي سگھندا. ۽ ملڪي معيشيت کي پڻ سگھه ملندي. جنهن سان ملڪي ماڻھن جو گذر سفر ڪجھه بهتر ٿي سگھندو.
پنهنجي ديس جون ڪجھه ڌريون افغانين کي هتي ئي رهائڻ لاءِ مختلف قسم جا حربا استعمال ڪري رهيون آهن. انهن کي گھرجي ته هو پنهنجن حربن کي پاڻ وٽ محفوظ رکن ۽ غير ملڪي افغانين کي پنهنجي ملڪ ترت کان ترت ڌڪي ڪڍن. انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت ڪرڻ کان پاسو ڪن. جيڪڏهن هنن هتي مٽيون مائٽيون ڪيون آهن. ته ڪا وڏي ڳالھه ڪونھي. مٽيون مائٽيون ٽوڙڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. جيڪڏهن انهن جون عورتون هتي جي ماڻھن جي گھرن ۾ پرڻيل آهن. ته انهي هاڻي ملڪ وارن جون آهن. انهن کي ملڪي قاعدي موجب پنهنجن ئي ورن وٽ رهائيو ويندو. ۽ جيڪڏهن هتي جون عورتون افغانين جي گھرن ۾ پرڻيل آهن. ته هو انهن کي بيشڪ پاڻ سان وٺي وڃي سگھن ٿا. انهن تي ڪنهن جي روڪ ٽوڪ ڪونه هلندي. جو اهي هاڻي انهن جون ونيون آهن. انهن وٽ ئي سونهن ٿيون. تنهن ڪري اهو ڪوبه قابلِ قبول جواز ڪونھي. جنهن جي آڌار تي افغانين کي اسين پنهنجو ديس واسي بڻايون.
سنڌ سرڪار کي گھرجي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان افغانين کي ڳولي سندن ديس ۾ هڪدم اماڻي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ مان ڪيترائي افغاني اتان ڀڄي اچي مختلف ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن م پهتا آهن. جن کي اتي ويٺل سرحدي پٺاڻ سهولتون ڏيارڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. ۽ هنن کي مستقل هتي رهائڻ جو سوچي رهيا آهن. جنهن مان نه حڪمران طبقي کي فائدو آهي. نه ئي ديس واسين کي ڪو لاڀ آهي. نه وري ڪو ملڪ جي مفاد ۾ آهن. هو غير ملڪي آهن ۽ غير ملڪي هوندي، ڪڏهن به هن ملڪ کي پنهنجو ڪرڻ ڪونه چاهيندا. تنهن ڪري هنن کي هر واهڻ، وستي، ڳوٺ ۽ شهر مان نيڪالي ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏيڻ قانوني ادارن جو فرض آهي.