پاڪستان جو افغان طالبان جي درخواست تي جنگبندي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي درخواست تي پاڪستان جنگبنديءَ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي کاتي موجب، افغان طالبان رجيم طرفان جنگبنديءَ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته افغان طالبان جي درخواست تي اڄ شام ڇهين وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي سيز فائر جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سيز فائر تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي.
پرڏيهي کاتي موجب، ٻه طرفي تعميري ڳالهين ذريعي مسئلن جو هاڪاري حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، پاڪستان طرفان افغانستان لاءِ خاص نمائندي محمد صادق ۽ افغانستان طرفان امڪاني طور افغان پرڏيهي وزير وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.