صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، قومي اهميت وارن معاملن تي سياسي صلاح مشورا جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيرِ اعظم شهباز شريف جي صدرآصف زرداري سان ايوانِ صدر ۾ ملاقات ٿي آهي.
ايوانِ صدر جي ترجمان موجب، ملاقات ۾ نائب وزيرِ اعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، سليم مانڊوي والا، شيري رحمان ۽ نيئر حسين بخاري به شريڪ ٿيا.
ملاقات دوران قومي اهميت، موجودا سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن، پاڪستان جي اسٽريٽجڪ معاشي مفادن کي متاثر ڪندڙ تازين علائقائي ۽ بين الاقوامي اڳڀرائين جو جائزو ورتو ويو.
وزيرِ اعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري کي مصر ۽ ملائيشيا جي تازي دوري، غزا ۾ امن جي ڪوششن ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقات بابت آگاهه ڪيو.
صدر ۽ وزيرِ اعظم جي ون آن ون ملاقات ۾ اهم قومي ترجيحن، حڪومتي پاليسين جي مجموعي پاسن تي به خيالن جو ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان کانسواءِ صدرِ آصف زرداري ۽ وزيرِ اعظم شهباز شريف قومي اهميت وارن معاملن تي سياسي صلاح مشورا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.