مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ”ڪنگ سلمان گيٽ“ منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب، اهو منصوبو مسجد الحرام جي ويجهو 12 ملين چورس ميٽر جي علائقي تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد مڪي شريف ۽ مرڪزي علائقي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ معياري تبديلي آڻڻ آهي.
سعودي ميڊيا موجب، منصوبي ۾ رهاشي، ثقافتي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته ان ۾ 9 لک نمازين لاءِ اندرين ۽ ٻاهرين مصلن ۽ صحنن ۾ گنجائش رکي وئي آهي.
منصوبو عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام سان ڳنڍيل هوندو ته جيئن زائرين لاءِ مسجد الحرام تائين رسائي آسان بڻائي سگهجي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته هي منصوبو سعودي ويزن 2030ع تحت معاشي تنوع جي هدف ۾ حصو وجهندو ۽ 2036 تائين 3 لک کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪندو.
You might also like