راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي باني عمران خان چيو آهي ته مون کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي، مان افغانستان جو معاملو امن لاءِ حل ڪندس.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ نورين خان، عمران خان جو پيغام ميڊيا تائين پهچايو ۽ ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته مذهبي جماعت جي واقعي تي مون کي ڏُک ۽ تڪليف آهي، ادارن کي اپيل ڪريان ٿو ته عدالتي ڪميشن جوڙيو ۽ 9 مئي سميت چئن واقعن جي جاچ ڪرايو.
هن جمعي تي خيبرپختونخوا ۾ احتجاج ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
افغانستان بابت سان عمران خان جو چوڻ هو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جتي 45 سالن کان جنگ جاري آهي، اسان جي ملڪ مان پناهگير واپس ويا آهن، ان تي مون کي ڏاڍي تڪليف آهي، ٽي پيڙهون هتي رهيون، کين اوچتو ۽ زبردستي ڪڍيو ويو، جنهن سان سندن دلين ۾ اسان خلاف تڪليف ئي هوندي.
عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سياستدانن جو ڪم آهي ته ان ۾ ڪردار ادا ڪن، مون کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي، مان افغانستان جو معاملو امن لاءِ حل ڪندس.
ياد رهي ته افغان طالبان جي درخواست تي پاڪستان 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي فائر بندي جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي موجب، افغان طالبان جي درخواست تي اڄ شام 6 وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن تائين عارضي سِيز فائر جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ملڪ مان پناهگيرن کي ڪڍڻ تي ڏاڍي تڪليف ٿي، مون کي آزاد ڪيو افغانستان وارو مسئلو حل ڪندس: عمران خان
You might also like