ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا زرين خان آن لائين هراساني سبب پريشان آهي، هن فحش ۽ غير اخلاقي تبصرن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
زرين خان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام ذريعي چيو ته ”جيئن ئي مان ڪا پوسٽ شيئر ڪريان ٿي ته ماڻهو ان گٿا، فحش، غير مهذب ۽ ٻٽي معنيٰ وارا تبصرا ڪرڻ لڳن ٿا.“
هن چيو ته ”منهنجي پوسٽ خوشگوار، ذاتي تجربي يا ڏکائيندڙ واقعي بابت هجي، سوشل ميڊيا تي هميشه مايوس ڪندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.۾“
اداڪارا جو چوڻ هو ته منهنجي پوسٽن تي ٿيندڙ تبصرا آن لائن هراساني جو سنگين مثال آهن، ڇا منهنجي فالورز سان به اهڙي صورتحال آهي ؟ ڪو مون کي سمجهيائي سگهي ٿو ته ته هي ڇا چڪر آهي ؟ “
زرين خان جي پوسٽ تي ڪيترن مداحن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن سندس حمايت ۾ آواز اٿاريو، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن سوشل ميڊيا تي وڌندڙ بدتميزيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي صلاح ڏني ته ٽرولز کي نظرانداز ڪيو وڃي.
واضح رهي ته اداڪارا زرين خان 2010ع ۾ سلمان خان سان گڏ فلم ”وير“ ذريعي بالي ووڊ ڊيبيو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هوءِ ”هاوس فل 2“، ”هيٽ اسٽوري 3“ ۽ اَڪثر 2“جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، سندس آخري فلم ”هم ڀي اڪيلي، تم ڀي اڪيلي“2021ع ۾رليز ٿي هئي.
You might also like