محمد شامي مسلسل نظر انداز ڪرڻ تي ڀارتي مئنيجمينٽ تي ڏمرجي پيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) تجربيڪار فاسٽ بالر محمد شامي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ ۽ مسلسل نظر انداز ڪرڻ تي ڀارتي ٽيم مئنيجمينٽ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ڀارتي ٽيم جي آسٽريليا جي دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ بابت سوال تي محمد شامي چيو ته مان چيمپيئنز ٽرافي کيڏي، آءِ پي ايل کيڏي ۽ پريڪٽس به ڪري رهيو آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته پريڪٽس ته جاري آهي، ميچون ملنديون ته ضرور کيڏندس.
محمد شامي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان چئن ڏينهن واري ميچ کيڏي سگهان ٿو ته ون ڊي ڇو نه ٿو کيڏي سگهان؟ جيڪڏهن مان فٽ نه هجان ها ته رنجي ٽرافيءَ جون ميچون نه کيڏان ها.
صحافي جي سوال تي ته چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر چيو آهي ته توهان جي فٽنيس بابت ڪا ڄاڻ ناهي، جنهن تي شامي چيو ته اها ڄاڻ ته هن( اجيت اگرڪر) کي پاڻ حاصل ڪرڻي پوندي، اها منهنجي ذميواري ناهي جو مان کيس ٻڌايان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.