لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ جي فتح سان شروعات سٺو سنئوڻ آهي.
لاهور ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف 93 رنسن تان ڪاميابي کانپوءِ شان مسعود جو چوڻ هو ته ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي رهي، ڪارڪردگي ۾ تسلسل آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
شان مسعود چيو ته اسان گذريل سرڪل ۾ غلطيون ڪيون، جنهن سبب اڳتي نه وڃي سگهياسين.
سندس چوڻ هو ته لاهور پِچ اهڙي هئي جنهن تي نئين بيٽر لاءِ سيٽ ٿيڻ ڏکيو هو، ٻنهي اننگزن ۾ اسان جون آخري وڪيٽون تڪڙيون ڪِري پيون، جنهن تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته امام الحق سٺي واپسي ڪئي ۽ ڀرپور اعتماد سان بيٽنگ ڪئي، بابر اعظم ٻنهي اننگز ۾ سٺي بيٽنگ ڪئي، جڏهن ته عبدالله شفيق ٻي اننگز ۾ ٽيم لاءِ قيمتي رنسن جو واڌارو ڪيو.
شان مسعود چيو ته شاهين کان نئون بال نه ڪرائڻ ڏکيو فيصلو هو پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، شاهين ورلڊ ڪلاس بالر آهي، هن پاڻ چيو هو ته ميچ جو رخ بدلائي ڇڏيندو.
هن چيو ته شاهين آفريدي ۽ حسن علي ريوورس سوئنگ لاءِ بهترين آپشنز آهن.
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ ۾ مختلف ڪنڊيشنز ۾ کيڏڻو آهي، ٻي ٽيسٽ لاءِ راولپنڊي جي پچ ڏسي فيصلو ڪيو ويندو.
ماضيءَ جون غلطيون نه ورجائينداسين، شاهين خاطري ڪرائي هئي ته هو ميچ جو رخ بدلائي ڇڏيندو: شان مسعود
You might also like