اسان پِچ کي سمجهي نه سگهياسين، پر پوءِ به سٺو مقابلو ڪيو: ايڊن مارڪرم

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ اسان جي ٽيم سٺو مقابلو ڪيو آهي.
پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ايڊن مارڪرم جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽاس کٽيون ها ته اسان به پهرين بيٽنگ ئي ڪيون ها.
ڏکڻ آفريڪي ڪپتان چيو ته پِچ بيٽنگ لاءِ ڏکي هئي، پهرين اننگ ۾ امام الحق ۽ شان مسعود سان گڏ رضوان ۽ سلمان آغا جون ڀائيواريون اسان لاءِ نقصانڪار ٽابت ٿيون.
هن چيو ته ڏکين ڪنڊيشنز ۾ اسان جي ٽيم سٺو مقابلو ڪيو آهي، اسان کي اميد هئي ته ميچ جي پهرئين ڏينهن ئي بال ٽرن ٿيڻ شروع ٿيندو.
ايڊن مارڪر اميد ظاهر ڪندي چيو ته راولپنڊي ۾ به اهڙيون حالتون هونديون، ٽيسٽ ميچ کان اڳ حڪمت عملي ترتيب ڏينداسين.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪپتانيءَ جو دٻاءُ ناهي، اِها ذميواري آهي جنهن کي بهتر نموني نڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.