اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ وڌيڪ 16 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، جنهن نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن موجب، انڪم ٽيڪس گوشوارا هاڻي 31 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
ايف بي آر جو چوڻ آهي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 31 آڪٽوبر 2025 تائين واڌ ڪئي وئي آهي، ۽ اِها واڌ ٽيڪس بار ايسوسيئيشنز، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ واپاري تنظيمن جي درخواست تي ڪئي وئي آهي.
ايف بي آر ذريعن موجب، هن وقت تائين 51 لک ماڻهن ٽيڪس ريٽرن فائل ڪيا آهن، جڏهن ته گذريل سال 15 آڪٽوبر تائين 46 لک ماڻهن ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا هئا.
ياد رهي ته ان کان اڳ 30 سيپٽمبر تي ايف بي آر ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي، جڏهن ته ٽيڪس بار ايسوسيئيشنز ۽ شهرين 31 آڪٽوبر تائين واڌ جو مطالبو ڪيو هو.
You might also like