واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته حماس هٿيار ڦٽا ڪرڻ سان گڏوگڏ معاهدي تي مڪمل طور عمل ڪري.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته حماس کي سمجهڻ گهرجي ته اسان ڪائي راند نه پيا کيڏون، هٿيارن جو معاملو محدود وقت ۾ حل ٿيڻ گهرجي.
ڊونلڊ ٽرمپ چوڻ هو ته اِهو پيغام سندن خاص ايلچي اسٽيئو وِٽڪوف ۽ ناٺي جيرڊ ڪُشنر مصر ۾ ٿيل ملاقات دوران حماس جي نمائندي خليل الحيا تائين پهچايو.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته حماس پاڻ آمريڪي نمائندن کي ٻڌايو هو ته هو” امن معاهدو لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي آهن.“
آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن حماس ائين نه ڪيو ته اسان کين هٿيارن کان محروم ڪري ڇڏينداسين، پوءِ کڻي ان لاءِ طاقت جو استعمال ئي ڇو نه ڪرڻو پوي.
You might also like