ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ اهو فيچر ڏنو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي مخصوص ڪانٽيڪٽس طرفان اسٽيٽس پوسٽ ڪرڻ تي نوٽيفڪيشن ملندو.
اهڙي طرح واهپيدار پنهنجن دوستن يا گهر وارن جا نوان اسٽيٽس ترت ڏسي سگهندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو نئون فيچر هوريان هوريان بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي ۽ ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ واهپيدارن کي فيچر تائين پهچ ڏني ويندي.
جيڪڏهن توهان واٽس ايپ جو بيٽا ورزن استعمال ڪريو ٿا ۽ اهو فيچر موجود آهي ته ان کي استعمال ڪرڻ صفا سولو آهي.
فيچر کي ايڪٽيويٽ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ڪانٽيڪٽ وارو اسٽيٽس کوليو، پوءِ اوور فلو مينيو کوليو ۽ ” گيٽ نوٽيفڪيشن “ وارو آپشن چونڊيو.
ائين ڪرڻ تي ايپ طرفان تصديق گهري ويندي ۽ پوءِ جڏهن به اهو ڪانٽيڪٽ نئون اسٽيٽس شيئر ڪندو، توهان کي نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهي ملندي.
ان کانسواءِ توهان ساڳئي مينيو ۾ وڃي ڪنهن به وقت نوٽيفڪيشن ميوٽ پڻ ڪري سگهو ٿا.
جيڪڏهن اسٽيٽس ۾ ڪا تصوير يا وڊيو شامل ڪئي ويندي ته نوٽيفڪيشن ۾ ان جو ننڍڙو پريويو به ڏيکاريو ويندو ته جيئن واهپيدار ايپ کولڻ کان سواءِ ئي اپڊيٽس ڏسي سگهن.
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، اهو فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ دستياب آهي، تنهنڪري اهو هڙني واهپيدارن تائين ڪڏهن پهچندو، اهو چوڻ مشڪل آهي.
You might also like