سعودي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

جدو (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
اڱاري ڏينهن جدي جي علينما اسٽيڊيم ۾ سعودي عرب ۽ عراق وچ ۾ ميچ بنا ڪنهن گول جي ڊرا ٿي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملي.
اهڙي ريت سعودي عرب ايشين ڪواليفائرز جي گروپ ”بي“ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو ۽ ان سان گڏوگڏ فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي.
سعودي فٽبال ٽيم کي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ رڳو هڪ پوائنٽ گهربل هئي، جيڪا ان ميچ ڊرا ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪري ورتي.
سعودي عرب لڳاتار ٽيون ۽ مجموعي طور تي ستون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ياد رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ ايندڙ سال آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ گڏيل طور کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.