راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاج فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڀارتي فوجي قيادت جڙتو ۽ چڙ ڏياريندڙ پروپئگينڊا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي غرور ۽ چڙڏياريندڙ بيانن سبب ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي سنگين نتيجن جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انتهائي ڳڻتي سان نوٽ ڪيو ويو آهي ته ڀارتي فوجي قيادت ساڳي جڙتو ۽ چڙ ڏياريندڙ پروپئگينڊا ورجائڻ شروع ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ” معرڪاءِ حق “ جي پنج مهينن بعد ڀارتي فوجي قيادت واويلا شروع ڪئي، من گهڙت، چڙ ڏياريندڙ پروپئگينڊا ورجائڻ انهتائي تشويشناڪ آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، بِهار ۽ اولهه بنگال جي چونڊن کي نظر ۾ رکندي ڀارت اِها پروپئگينڊا ورجائڻ شروع ڪئي، لڳي ٿو ته ڀارتي فوج ۽ اتان جي سياسي قيادت ” معرڪاءِ حق “ جي شڪست تلسيم ناهي ڪري سگهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارتي فوج ان حقيقت کي هضم ناهي ڪري سگهي ته کين حق جي مقابلي ۾ فيصلائتي شڪست ملي، ڀارت جو ڪوڙ وائکو ٿي چڪو آهي، دنيا هاڻي ڀارت کي سرحد پار دهشتگردي جو اصلي چهرو ۽ علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز سمجهي ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڀارت پنهنجي عوام ۽ پاڙيسرين جي مفاد جي ابتڙ مهم جوئي ۽ بالادستي وارين پاليسين تي اٽڪيو بيٺو آهي، پاڪستاني عوام ۽ فوجون پنهنجي ڌرتيءَ جي هر انچ جي بچاءَ لاءِ پوري صلاحيت ۽ مضبوط ارادو رکن ٿيون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي هٿياربند فوجن ۽ ان جي سياسي آقائن کي پاڪستاني صلاحيت ۽ عزم کي سمجهڻ گهرجي، هر اڳرائيءَ واري قدم جو جواب تيز، مضبوط ۽ سخت انداز ڏنو ويندو، جو ايندڙ نسل به ياد رکندا.
ڀارتي فوج ۽ سندن سياسي آقائن کي هر اڳرائيءَ جو اهڙو سخت جواب ڏينداسين جو انهن جا ايندڙ نسل به ياد رکندا: پاڪ فوج
You might also like