راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان قنڌار ۽ ڪابل ۾ افغان طالبان ۽ خارجين جي ٿاڪن تي ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، شهري آباديءَ کان الڳ سمورا هدف احتياط سان چونڊيا ويا ۽ انهن کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ فتنه الهندستان جي مرڪز ۽ قيادت کي نشانو بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪ فوج قنڌار ۾ افغان طالبان جي بٽالين هيڊڪوارٽر نمبر 4، 8 ۽ بارڊر بريگيڊ نمبر 5 جي هدفن کي نشانو بڻايو .
پاڪستان جا افغانستان جي اندر فوجي ٿاڪن تي حملا، فتنه الهندستان جي مرڪز ۽ قيادت کي نشانو بڻايو ويو
You might also like