اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي، جنهن دوران صدر ۽ فِيلڊ مارشل ملڪ جي ٻاهرين ۽ اندروني سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ايوانِ صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف سيد عاصم منير جي صدر آصف علي زرداري سان ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران فيلڊ مارشل صدر کي ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.
فيلڊ مارشل صدر کي افغان طالبان حڪومت جي اڳرائين ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل تازي سيڪيورٽي صورتحال بابت به آگاهه ڪيو.
فيلڊ مارشل افغان طالبان حڪومت جي اڳرائيءَ جي جواب ۾ پاڪ فوج جي محتاط ۽ اثرائتي ڪارروائين بابت به آگاهه ڪيو.
پڌرائيءَ موجب صدر پاڪ فوج جي قوت، بهادري، صلاحيت ۽ تياريءَ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
صدر ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي ڦڙتي ۽ مهارتن جي واکاڻ ڪئي.
صدر افغان بارڊر تي سرحد پار حملن جو ترت ۽ پيشيوراڻو جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي مهارت کي به ساراهيو.
صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.
You might also like