مشهور بالي ووڊ اداڪار ڪينسر وگهي ديهانت ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليوارو ڀارتي اداڪار پنڪج ڌير 68 ورهين جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پنڪج ڌير جي لاڏاڻي جي تصديق سندس ويجهي خانداني دوست طرفان ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پنڪج ڌير 68 ورهين جي عمر ۾ ڪينسر سان جهيڙيندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پنڪج ڌير پوئنرن ۾ زال انيتا ڌير سميت ٻه ٻار ڇڏيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، پنڪج پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٿييٽر کان ڪئي، پوءِ هن ٽي وي ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو.
پنڪج ڌير مشهور ٽي وي سيريز ”مها ڀارت “ ۾ ڪرن جي ڪردار سان گڏ چندرڪانتا، دي گريٽ مراٺا ۽ يوگ ۾ ڪيل ڪردارن سبب تمام گهڻي مقبوليت ملي.
هو بالي ووڊ ۾ سولجر ۽ بادشاهه سميت ٻين مشهور فلمن ۾ به ڪم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.