گڏيل قومن جو موجوده اجلاس ۽ پنهنجي افاديت وڃائيندڙ عالمي نظام

تحرير: حبيب اڪرم

اقوام متحده جو قيام ٻي عالمي جنگ کان پوءِ عالمي امن قائم رکڻ ۽ وڏين طاقتَن کي سفارتي حل جو فورم فراهم ڪرڻ لاءِ عمل ۾ آيو هو۔ جيتوڻيڪ ان کي پنجن وڏين طاقتَن جي نمائندگي سمجهيو ويندو آهي، پر اصل قوت هميشه آمريڪا وٽ رهي جنهن مالي ۽ سياسي اثر رسوخ جي ذريعي عالمي توازن برقرار رکيو پر هاڻي هي نظام شديد بحران جو شڪار آهي۔ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ بعد آمريڪا اقوام متحده جي مالي معاونت گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اداري کي 50 ڪروڙ ڊالر جي خساري ۽ مختلف منصوبن جي معطلي آڏو آهي۔ هن صورتحال اقوام متحده جي بنيادي ادارن جي افاديت تي سوال کڙو ڪري ڇڏيو آهي۔

اسرائيل جي قطر تي تازين جارحيتن عالمي برادري کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ آمريڪا جي ڪمزور ٿيندڙ ڪردار کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي۔ ڪڏهن عالمي سلامتي جو ضامن سمجهيو ويندڙ ملڪ هاڻي پنهنجي پاليسين جي ڪري اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته عالمي امن هاڻي ان جي ترجيحن ۾ شامل ناهي۔ اسرائيل جي جارحاڻن قدمن انساني الميي کي جنم ڏنو آهي، جتي سوشل ميڊيا جي بدولت هر متاثر ٿيل فرد ۽ خاندان دنيا جي سامهون آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو برطانيه، فرانس، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا جهڙا ملڪ، جيڪي ماضي ۾ آمريڪا کانسواءِ هڪ قدم به نه کڻندا هئا، هاڻي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن۔

 هي پهريون موقعو آهي جو اقوام متحده جا باني ملڪ ان جي نظام کي باءِ پاس ڪري پنهنجي سفارتي پاليسي اختيار ڪري رهيا آهن۔ آمريڪي ويٽو جي باوجود فلسطيني رياست جي حمايت هن سوال کي جنم ڏنو آهي ته ڇا موجوده عالمي نظام پنهنجي افاديت وڃائي رهيو آهي۔ صدر ٽرمپ جي طرز سياست نه رڳو آمريڪا پر يورپ ۾ به بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي۔ هو آزاد واپار ۽ جمهوريت جا حامي ٿيڻ بجاءِ ٽئرف ۽ داخلي ميڊيا تي قدغنن جا حامي نظر اچن ٿا۔ نيٽو جهڙين تنظيمَن سان لاڳاپا به هاڻي صرف مالي مطالبن تائين محدود ٿي ويا آهن۔ يورپي يونين پنهنجي تازين رپورٽن ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ٽرمپ جون پاليسيون يورپ ۾ به عدم استحڪام پيدا ڪري رهيون آهن۔ سندن تازن خطابن مان به اها ڳالهه واضع ٿي وئي آهي ته سندن دور صدارت ۾ عالمي سطح تي ڪنهن معقول پاليسي جي اميد رکڻ ڏکي آهي۔

آمريڪا ماضي ۾ تڪرارن کي محدود رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو۔ ڪوريا، پاڪ-ڀارت جنگيون ۽ خليج فارس جهڙا بحران اقوام متحده ۽ آمريڪي اثر جي ڪري وڏي عالمي جنگ ۾ تبديل نه ٿي سگهيا پر اسرائيل جي قطر تي حملي ۽ روس-يوڪريني جنگ آمريڪا جي سفارتي طاقت کي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي۔ جيڪڏهن آمريڪا اقوام متحده جي مالي معاونت به روڪي ٿو ته اهو اشارو ٿيندو ته هو پنهنجي عالمي قيادت تان دستبردار ٿي رهيو آهي۔

هاڻي سوال شدت سان اٿيو آهي ته ڇا آمريڪا جي جاءِ تي ڪو ٻيو ملڪ اچي سگهي ٿو؟ مولانا مودودي ڇهه ڏهاڪا اڳ چيو هو ته ڪميونزم ماسڪو ۾ نه ٽڪي سگهندو ۽ سرمائيدارانه نظام واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ پنهنجي دفاع لاءِ پريشان ٿيندو۔ اڄ عالمي حالتن کي ڏسي ٿو لڳي ته سندن لفظ حقيقت جو روپ ڌاري رهيا آهن۔ دنيا جي هن بدلجندڙ نظام ۾ ڪنهن کي به واضع طور اندازو ناهي ته مستقبل جو عالمي نظام ڪهڙي رخ تي وڃي رهيو آهي۔

اقوام متحده جو قيام ٻي عالمي جنگ کان پوءِ عالمي امن قائم رکڻ ۽ وڏين طاقتَن کي سفارتي حل جو فورم فراهم ڪرڻ لاءِ عمل ۾ آيو هو۔ جيتوڻيڪ ان کي پنجن وڏين طاقتَن جي نمائندگي سمجهيو ويندو آهي، پر اصل قوت هميشه آمريڪا وٽ رهي جنهن مالي ۽ سياسي اثر رسوخ جي ذريعي عالمي توازن برقرار رکيو پر هاڻي هي نظام شديد بحران جو شڪار آهي۔ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ بعد آمريڪا اقوام متحده جي مالي معاونت گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اداري کي 50 ڪروڙ ڊالر جي خساري ۽ مختلف منصوبن جي معطلي آڏو آهي۔ هن صورتحال اقوام متحده جي بنيادي ادارن جي افاديت تي سوال کڙو ڪري ڇڏيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.