ٽرمپ جي گڏيل قومن تي ڪاوڙ جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟

تحرير: سسئي پليجو

آمريڪا ۾ ڊونلڊ صدر ٽرمپ  گڏيل قومن  جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي ھڪ ڀيرو  وري انهن ملڪن جي جنگين جو ذڪر ڪيو جيڪي بقول ان جي ته سندس ئي ڪوششن سان بند ڪرايون ويون.

ٽرمپ اقوام متحده تي به سخت تنقيد ڪئي  ته  هتي صرف لفاظي ڪئي وڃي ٿي پر اھي محض کوکلا لفظ آھن، اتي ڪوشش ۽ ڪاوش ڪابه نٿي ڏسجي. جڏھن ھن ڀارت پاڪستان سميت  ٻيون جنگيون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ته گڏيل قومن جي اداري ان عمل ۾ سندس ڪابه مدد ڪونه ڪئي نه ته  گڏيل قومن ۾ وٽ اهڙا معاملا نبيرڻ جو وڏو پليٽ فارم موجود آهي.

 اصل ۾ سندس اھا سڄي ڪاوڙ فلسطين کي تسليم ڪرڻ واري شروع ٿيل سلسلي کانپوءِ ئي وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ھن وقت تائين آسٽريليا، برطانيا، فرانس ۽ ڪينيڊا سميت اھم ملڪ فلسطين کي آزاد رياست طور تسليم ڪري چڪا آھن، اھا وڏي پيشرفت آھي. ان کانپوءِ اسرائيل ۽ ان جا ھمنوا وائڙا ۽ اٻھرائپ ۾ ڏسڻ اچن ٿا. گڏيل قومن جي موجوده اجلاس ڪافي دلچسپ ۽ انوکيون  شيون ڏسڻ ۾ آيون، جيئن ڪن اڳواڻن جي تقريرن ۾ اوچتو ڪجھه سيڪنڊن لاءِ مائيڪ بند ٿيڻ، (ٽيليپراڪٽر جي ڪم نه ڪرڻ تي ٽرمپ به ھلڪي نموني ناراضگي جو اظھار ڪندو رھيو تقرير ھلندي) هوڏانهن فرانس جي صدر کي گڏيل قومن جي ڪانفرنس کان سندس سفارتخاني ڏانھن ويندي انوکي صورتحال کي منھن ڏيڻو پئجي ويو. ميڪرون جنهن فلسطين جي حمايت ڪئي ۽ آزاد رياست طور ان کي تسليم  ڪندڙ آهي تنهن جي گاڏين جي قافلي کي ڪافي دير روڊ تي روڪيو ويو. چيو ويو ٽرمپ جو قافلو ساڳئي روڊ تان گذرڻ وارو آھي ان ڪري گاڏيون بيھاريون ويون آھن، نيٺ ميڪرون گاڏي مان لھي نيويارڪ جي رستي تي پنڌ سفر ڪري منزل ڏانھن روانو ٿيو پر ان جو فائدو اھو ٿيو جو فرانسيسي صدر کي نيويارڪ جي رستن تي عام ماڻھن پنھنجي وچ ۾ ڏسي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ ان سان سيلفيون به ڪڍرايون.

 ٽرمپ تقرير ۾ غزا ۾ جنگبندي جي ته لفاظي ڪئي پر وري پنھنجي موقف ۾ ورجايو ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ حماس کي تحفي ڏيڻ جي برابر ھوندو. ٽرمپ پنھنجي 8 مھينن جي ڪارڪردگي کي ساراھيندي به نه پئي ٿڪو.  ڏسجي ته ڊونلڊ ٽرمپ اقوام متحدہ ۾ سڌرا آڻڻ جي ڳالھه ته ڪئي آھي پر حقيقت اھا آھي ته ڪئي حوالن سان آمريڪي ويٽو پاور  جي ڪري ڪئي اھم معاملا  اقوام متحده ۾ حل ٿيڻ کان اڳ ۾ بند گلي ۾ جھڙوڪر ڌڪيا ويا، ٽرمپ بائلاجيڪل ھٿيارن جي مخالفت ۾ ته ڳالھايو پر اڄ به ھٿيارن جي ڊوڙ ۽ مارڪيٽ ۾ آمريڪا سڀ کان اڳيان ڏسجي ٿو.  ٻين وانگر مون به ٽي وي تي ڏٺو ته ٽرمپ جڏھن چائنا جي حوالي سان ڳالھائي رھيو ھو ته چائنا جو وفد غور سان سندس ڳالھه ٻڌي رھيو ھو ۽ سندن چھري جا تاثرات ٻڌائي رھيا ھئا سندن ان تقرير جي باري ۾ ڇا خيال ھوندو. سو ٽرمپ جي تقرير ھر طرح کوکلن لفظن جو مجموعو هئي جنھن جو ٽارگيٽ اقوام متحده ئي آھي گھڻو تڻو، ھي ساڳيو ئي اقوام متحدہ جو ايوان ھو، جتي 2019ع ۾ مونکي به ھڪ عالمي  ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو مليو هو ۽ مون تقرير به ڪئي ھئي اھو به جنرل اسيمبلي کانپوءِ ھڪ اھم ۽ ھاءِ پروفائيل ايونٽ ھو ۽ اھو ئي وقت ھو جڏھن اقوام متحدہ جي ڪم ڪرڻ ۽ ان جي اھميت يا پوٽيشنل جي خبر پئي. پاڪستان جي نمائندہ مليحه  لوڌي ڪافي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به اتي ڪرايون ۽ ڪيئي سائيڊ ايونٽن ۾ شرڪت ۽ تقرير جو به موقعو مليو. اھا به حقيقت آھي ته اقوام متحدہ جيڪڏھن چاھي ته عالمي طرح ڪيئي حوالن سان نتيجي جوڳيون ڪاوشون ڪري سگھي ٿو پر ان لاءِ اردو، نيت ۽ دل ٻئي کپن ٿيون.

ٽرمپ جي تقرير ۾ جتي روس، چائنا، انڊيا جھڙن ملڪن تي تنقيد ڪيل هئي اتي ھن لنڊن جي ميئر کي ھڪ ڀيرو ٻيھر تنقيد جو نشانو  بڻائيندي پنھنجي ان چڙ جو وري اظھار ڪيو، جيڪو UK کان واپسي تي جھاز ۾ لنڊن جي ميئر صادق خان تي سخت ڇوھ ڇنڊيندي نظر آيو. صدر ٽرمپ گرين اينرجي ۽ اميگريشن تي به ڪاوڙ جو اظھار ڪيو  ۽ موسمي تبديلي کي Cone Job سڏيندي سواليه نشان بڻايو اھا ڳالهھ ته ٿي جنرل اسيمبلي ۾ ٽرمپ جي تقرير جي حوالي سان جيڪا گھٽ ۾ گھٽ ڪنھن به حوالي سان ڪو اھم گھرو تاثر ڇڏيندڙ يا ٺوس حل ڏيندڙ ڪونه محسوس ٿي  پر فلسطين جي حوالي سان رياست کي تسليم ڪرڻ جو جيڪو 37 سالن کانپوءِ لقاءُ ڏسڻ ۾ آيو آھي ۽ فلسطين ۾ خونريزي ۽ بربريت کي ننديو ويو آھي اھو انتھائي اھم آھي.

ٿيڻ ته ايئن کپي ته ھي جيڪي اولھه جا اھم ملڪ جن ۾ برطانيا، فرانس ۽ ڪينيڊا آھن اھي اڃان اڳتي وڌي ڪري به رتوڇاڻ بند ڪرائين ۽ عالمي برادري اها دهشت گردي بند ڪرائڻ ۾ اڳتي اچي حقيقي امن جي فضا قائم ڪري.

ٽرمپ اقوام متحده تي  سخت تنقيد ڪئي ته هتي صرف لفاظي ڪئي وڃي ٿي پر اھي محض کوکلا لفظ آھن، اتي ڪوشش ۽ ڪاوش ڪابه نٿي ڏسجي. جڏھن ھن ڀارت پاڪستان سميت  ٻيون جنگيون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ته گڏيل قومن جي اداري ان عمل ۾ سندس ڪابه مدد ڪونه ڪئي نه ته  گڏيل قومن ۾ وٽ اهڙا معاملا نبيرڻ جو وڏو پليٽ فارم موجود آهي.اصل ۾ سندس اھا سڄي ڪاوڙ فلسطين کي تسليم ڪرڻ واري شروع ٿيل سلسلي کانپوءِ ئي وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ھن وقت تائين آسٽريليا، برطانيا، فرانس ۽ ڪينيڊا سميت اھم ملڪ فلسطين کي آزاد رياست طور تسليم ڪري چڪا آھن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.