سنڌ جي ملازمن جو معاشي قتلام نامنظور

تحرير: اعجاز ممنائي

سنڌ سرڪار جي ملازم دشمن پاليسين ۽ تڪراري پينشن رولز خلاف سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان سنڌ جي سمورن کاتن ۾ تالابندي ڪئي ويئي آهي پر سنڌ سرڪار جي ڪن تي جون ئي نه ٿي چري۔ آخر سنڌ جا ملازمن اهڙا ڪهڙا مطالبا آهن جيڪي حڪومت مڃڻ کان لنوائي رهي آهي؟ سنڌ جا ملازم هڪ ئي ملڪ رهندي ٻٽي پاليسي جو خاتمو چاهين ٿا۔ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جا صرف 6 مطالبا آهن جن ۾ پگھار ۾ اضافو، فوتي ڪوٽا، DRA، پينشن ريفامز, بينئيول فنڊ ۽ گروپ انشورنس۔ هي اهي مطالبا آهن جيڪي ٻيا صوبا اڳواٽ حاصل ڪري رهيا آهن ته پو سنڌ سان جي ملازمن سان ناانصافي آخر ڇو ٿي رهي آهي؟ هن وقت سنڌ جا 30 ضلعا ، 40 شعبا ، 6 لک ملازم سراپا احتجاج آهن جنهن جو اهم سبب ناقص معاشي نظام آهي انڪري ڏينهون ڏينهن معاشي بحران وڌي رهيو آهي. ٻن ڏينهن کان لاڳيتي 6 لک ملازمن تالابندي ڪري احتجاج ڪيو آھي.  ڪھاڻي ھن وقت ڪلائميڪس تي پھچي چڪي آھي.

 ڪجھه عرصو اڳ سرينلڪا ، بنگلاديش ، نيپال ۾ عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو. آءِ ايم ايف ، ورلڊ بينڪ ، جي فنڊس کي اپر ڪلاس ، ايلائيٽ ڪلاس ، ڪيپيٽلسٽ ڪلاس ھڙپ ڪرڻ سان گڏوگڏ انڊسٽريز ۽ انفراسٽرڪچر، صحت جي نظام،  ايڪانامي جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. معاشي بحران عالمي سطح جو بڻجي چڪو آهي. بيلينس ڪرڻ لا ڪيپيٽل (ناڻو) عام طبقي کان اوڳاڙڻ، لکين ملازمن کان اضافي ٽيڪس وصول ڪرڻ ، پينشن ڪٽوتي ، الائونسز ختم ، پگھارون گھٽائي پورائو ڪرڻ ، پرائيويٽائزيشن کي وڌائڻ جون پاليسيون جوڙيون ويون آهن ، جنھن سبب عام طبقو معاشي طور متاثر ٿيو آهي. اپر ڪلاس طبقي کي 500% کان 1000% پينشن پگھارن ۾ فائدو ڏنو ويو آهي.1% نوجوانن کي به روزگار مهيا نه ٿو ڪيو وڃي ، عمر جي حد محدود ڪئي وئي آهي 33 سال تائين  خاص نوازيل مخصوص درٻاري طبقي کي ڇڏي 60 سال تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي پينشن گھٽائي وئي آهي. ڪيترائي ڊپارٽمينٽ ختم ڪيا ويا ٻيا پرائيويٽ ٿي رھيا آھن. ھٿرادو معاشي بحران، ڪرپشن،  جو ذميوار شاھي طبقو آھي پر ناانصافي وري ملازمن سان آھي. معاشي استحصال کي ختم ڪرڻ لا سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. احتجاج وسيع پئماني تي صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. ايندڙ مرحلي ۾ چونڊيل نمائندن جي گهرن جو گهيرا ڪري احتجاجي ڌرڻا ھنيا ويندا. فرانس جي انقلاب کان ويندي سريلنڪا تائين جڏهن به عوام کي جياپي جي حقن کان محروم رکيو ويو آهي ، تحريڪن انقلابي رخ ورتو آهي.

 اھڙي صورتحال سنڌ ۾ پيدا ٿي چڪي آهي.اقتدار ڌڻين کي گھرجي ته سنڌ جي عوام کي بنيادي حقن کان محروم نه رکن. مڪمل پينشن بحال ڪئي وڃي. ٻين صوبن برابر پگھار، الائونس ڏنا وڃن، فوتي ڪوٽا ختم ڪئي وئي آهي بحال ڪرڻ گھرجي. نوجوان نسل کي تعليمي سماجي حق ڏنا وڃن 33 سال کان عمر جي حد وڌائي وڃي. ٻئي صورتحال ۾ 6 لک ملازم ۽ 7 ڪروڙ سنڌي پنهنجي بقا جي جدوجھد جاري رکندا. پنهنجي حقن لا جاکوڙ فطرت ۾ قانون آهي!. ملازمن جو مطالبو آهي ته ٻين صوبن جي ملازمن وانگر سموريون مراعتون ڏيئي سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.