پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن جي بقا ۽ مضبوطي ان ڳالهه تي ڀاڙيندي آهي ته ان جا سڀئي صوبا پاڻ کي برابر، عزت وارو ۽ بااختيار محسوس ڪن. جڏهن ڪنهن صوبي جي حڪومت ٻئي صوبي جي ماڻهن جي توهين ڪندڙ فرد جي پٺڀرائي ڪري ٿي، ته اها حرڪت صرف هڪ فردي عمل نه رهندي پر ان جا اثر پوري ملڪ جي وفاقي ڍانچي تي پئجي سگهن ٿا. پنجاب حڪومت پاران هڪ بيمار ذهن ۽ تڪراري شخص رضوان رضي جي حمايت ۾ اشتهاري مهم هلائڻ، جيڪو پنهنجي گفتگوءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ توهين آميز لهجو اختيار ڪندو رهيو آهي، سنڌ لاءِ انتهائي ناڪاري ۽ خطرناڪ پيغام آهي.رضوان رضي جهڙا ماڻهو اصل ۾ ڪنهن سماج جي ذهني بيماريءَ جي علامت هوندا آهن. اهي فرد سماج جي اندر موجود نفرت، تعصب ۽ تنگ نظريءَ کي زبان ڏيندا آهن. ان ڪري جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ بدران حڪومتن جي سرپرستي ملي ٿي، ته پوءِ اهو عمل هڪ فرد تائين محدود نه رهندو آهي. اهو سڌي ريت ان رياستي سوچ جي عڪاسي ڪندو، اھڙي طرح وري جڏهن ڪا صوبائي حڪومت اهڙن فردن جي حمايت ڪندي ته ان ظاهر ٿيندو اها حڪومت ٻين صوبن جي ماڻهن جي عزت ۽ وقار لاءِ حساسيت نٿي رکي.
سنڌ ۽ پنجاب جا لاڳاپا ڪڏهن به سادا نه رهيا آهن. پاڻيءَ جي ورهاست، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ وفاقي ادارن ۾ نمائندگيءَ جا تڪرار اڳ ئي ٻنهي صوبن جي وچ ۾ بي اعتمادي جو سبب آهن. اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪو شخص پنهنجي زبان سان سنڌين کي نشانو بڻائي ٿو ۽ پوءِ پنجاب حڪومت ان جي حمايت ۾ اچي ٿي، ته پوءِ اها سنڌين لاءِ رڳو هڪ فرد جي ڳالهه نه پر صوبي جي حڪومت جي حيثيت سان توهين بڻجي ٿي جيڪو عمل صوبائي حڪومت جو ڪنهن طرح مناسب ناهي. سنڌي عوام پنهنجي تاريخ، زبان ۽ ثقافت لاءِ انتهائي حساس آهي. جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ يا وقار کي ڪنهن به سطح تي للڪاريو وڃي، ته پوءِ اهو نه رجندڙ زخم جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ پنجاب حڪومت جو اهڙو قدم سنڌي عوام جي سياسي ۽ سماجي شعور ۾ گهري ڇيڄ وجهي سگهي ٿو.
پنجاب حڪومت جو بنيادي فرض آهي ته اها نه رڳو پنهنجي صوبي جي عوام جي نمائندگي ڪري، پر گڏيل وفاقي مفادن جو به خيال رکي. جيڪڏهن اها حڪومت اهڙن عنصرن کي هٿي ڏئي ٿي، جيڪي ٻئي صوبي جي عوام لاءِ نفرت ڀريون ڳالهيون ڪن ٿا، ته پوءِ اهو وفاقي جوڙجڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ پيغام آهي. وفاقي نظام ۾ سڀني صوبن کي هڪجهڙي عزت ۽ احترام ڏيڻ ئي اتحاد جو بنياد آهي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ صوبي کي اهو احساس ٿئي ٿو ته ان جي ماڻهن جي سرڪاري سطح تي توهين ڪئي پئي وڃي، ته پوءِ وفاقي اعتماد ڪمزور ٿيندو. ۽ جڏهن اعتماد ٽٽي پوندو ته اهڙي صورتحال ۾ پوءِ گڏيل نظام ڪمزور ٿي وڃي ٿو.
سياسي طور تي پنجاب حڪومت جو اهو عمل ان لاءِ به نقصانڪار آهي جو ان سان صوبن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي. پاڪستان ۾ اڳ ئي سياسي ورهاست، معاشي بحران ۽ دهشتگردي جهڙا وڏا مسئلا موجود آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن حڪومتون پاڻ ئي نفرت ڀرئي لهجي جي حمايت ڪنديون، ته پوءِ اهو ملڪ کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪندو.ٻئي طرف سنڌي سياسي ڌريون به ان حرڪت کي نظرانداز نه ڪنديون. هو ان کي پنجاب حڪومت جي تنگ نظري ۽ تعصب جو نئون مثال قرار ڏينديون، ٻنهي صوبن جي عوام ۾ ثقافتي ۽ سياسي ٽڪراءُ وڌندو جنهن جو آخرڪار نقصان وفاقي وحدت کي ٿيندو. سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي جي ماڻهن وچ ۾ عام سطح تي ڀائيچاري وارا لاڳاپا موجود آهن. ڪيترائي سنڌي ماڻهو پنجاب ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ لکين پنجابي سنڌ ۾ آباد آهن. پر جڏهن حڪومتي سطح تي اهڙا عمل ٿين ٿا، ته پوءِ عام ماڻهن جي وچ ۾ به بي اعتمادي وڌندي. ۽ سماجي طور تي عام ماڻهن تائين اهو پيغام وڃي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت پاڻ اهڙن ماڻهن جي پٺڀرائي ڪري ٿي جيڪي ٻين جي توهين ڪن ٿا، ته پوءِ عام ماڻهو به اهڙو عمل ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندا. اهڙي ماحول ۾ گڏيل ثقافتي ڀائيچارو ڪمزور ٿيندو ۽ صوبائي نفرت وڌندي.
پنجاب حڪومت کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. اهڙن عنصرن کان واضح لاتعلقي جو اعلان ڪرڻ ضروري آهي، جيڪي ٻين صوبن جي ماڻهن جي دل آزاري ڪن ٿا. وفاقي حڪومت کي به ان معاملي ۾ خاموش تماشائي نه رهڻ گهرجي. مرڪز کي يقيني بڻائڻو پوندو ته سڀني صوبن جي ماڻهن کي برابر عزت ڏني وڃي. سنڌ ۽ پنجاب جي سياسي قيادت وچ ۾ کليل ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ته جيئن بي اعتمادي گهٽجي ۽ عوام ۾ اهو تاثر نه وڃي ته هڪ صوبي جي حڪومت ٻئي صوبي جي خلاف آهي. ميڊيا کي به نفرت ڀرين ڳالهيون هٿي ڏيڻ بدران انهن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. اهڙن ماڻهن جي ذهني بيماريءَ کي سنجيدگيءَ سان نروار ڪرڻ کپي ته جيئن عوام کي حقيقتن کان آگاهه رهي. تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي صوبن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ گڏيل سڃاڻپ وڌائڻ لاءِ سرگرميون وڌائڻ گهرجن. پنجاب حڪومت پاران رضوان رضي جهڙي ذهني بيمار شخص جي حمايت، سنڌين لاءِ نه رڳو دل آزاري آهي پر وفاقي وحدت لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي. اهڙي عمل سان واضح ٿئي ٿو ته. حڪومتي سطح تي حساسيت ۽ حڪمت عمليءَ جو فقدان آهي. ملڪ کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت قومي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد جي آهي. جيڪڏهن حڪومتون پاڻ ئي اهڙن ماڻهن جي حمايت ڪنديون جيڪي نفرت جا واپاري آهن، ته پوءِ وفاق ڪمزور ٿيندو ۽ صوبا هڪ ٻئي کان پري ٿيندا. وقت جو تقاضو آهي ته حڪومتون اهڙن عنصرن کان پري رهن ۽ عوامي دلين ۾ ڀائيچاري ۽ احترام وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻن.