پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ڪيو ويو ته اهو ٻئي تي حملو تصور ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ گڏجي هڪ ٻئي جو دفاع ڪندا. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگيءَ هن معاهدي جي اهميت، سنجيدگي ۽ وقعت کي وڌيڪ نمايان ڪري ڇڏيو آهي۔ هي معاهدو قطر تي حملي کان پوءِ دوحه ۾ اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس جي فوري بعد عمل ۾ آيو آهي. سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان خاص طرح پاڪستاني وزيراعظم کي رياض جي دوري جي دعوت ڏني هئي. جڏهن پاڪستاني جهاز وزيراعظم جي قيادت هيٺ سعودي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته سعودي ائير فورس جا طيارا ان جي حفاظت ڪندي ان کي لينڊ ڪرائڻ تائين گڏ رهيا. ان کان پوءِ اليمامه پيليس ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن دوري جي دوران جيڪو خاص پروٽوڪول ڏنو ويو، ان نه صرف هن دوري جي اهميت وڌائي پر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئون رخ به ڏنو آهي۔
پاڪستاني پرڏيهي وزارتِ جي بيان موجب ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو آهي ته ڪنهن به هڪ ملڪ خلاف ٿيندڙ جارحيت ٻنهي خلاف جارحيت سمجهي ويندي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا دفاعي لاڳاپا پراڻي تاريخ رکن ٿا، ۽ پاڪستان جا اڳواڻ هر دور ۾ پرجوش انداز ۾ حرمين شريفين جي حفاظت جو عزم ظاهر ڪندا رهيا آهن. پر تازو ٿيل هي معاهدو اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿو، جنهن ذريعي ٻنهي ملڪن گڏيل دفاع لاءِ عملي شراڪت جو اعلان ڪيو آهي۔ اهو به لڳي ٿو ته هيءَ اڳڀرائي ڪنهن ڊگهي منصوبابنديءَ جو نتيجو نه آهي پر گذريل ڪجهه ڏينهن جي حالتن تحت ٻنهي ملڪن کي اهڙي معاهدي جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان تي فوري عمل به ڪيو ويو. تنهنڪري هن معاهدي کي علائقائي ۽ عالمي سياسي حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ نهايت ضروري آهي. وقت سان گڏ تفصيل سامهون ايندا ته ٻنهي ملڪن جون فوجون گڏيل دفاع لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻنديون. في الحال ته ٻنهي طرفان گڏيل دفاع جو ارادو ئي علائقائي طاقت جي توازن ۾ اهم پيغام رکي ٿو، جيڪو دنيا جي وڏين طاقتن تائين به سفارتي اشارو آهي۔
9 سيپٽمبر تي اسرائيل دوحه ۾ حماس جي وفد کي نشانو بڻائڻ لاءِ حملو ڪيو، پر حماس جا اهم ماڻهو بچي ويا. البت ڇهه ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ قطر جي سيڪيورٽي اداري جو هڪ رڪن به شامل هو. هي اوچتو حملو سڄي دنيا طرفان مذمت جوڳو قرار ڏنو ويو. ايندڙ ڏينهن ۾ پنجاهه اسلامي ملڪن هن حملي جي مذمت ڪئي، پر عملي قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيا. هڪ طرف مسلمان اڳواڻ اسرائيل خلاف پرجوش تقريرون ڪري رهيا هئا، ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم اعلان ڪري رهيو هو ته هو هر جاءِ تي حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻائيندو.
اسرائيلي سختگير رويي جي اصل وڪالت آمريڪا ڪري رهيو آهي، جيڪو هر حالت ۾ اسرائيل جي حمايت ڪندو آهي. آمريڪي پوزيشن جي ڪري ئي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت روڪجڻ جو ڪو امڪان ناهي. اسرائيلي فوج هاڻي غزه تي مڪمل قبضي لاءِ زميني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ڪيترن مهينن تائين هلي سگهي ٿي. ان صورتحال ۾ قطر، ترڪي، مصر يا ڪنهن به ملڪ ۾ حماس جا اڳواڻ محفوظ نه رهيا آهن. سعودي عرب لاءِ به ڪو مڪمل استثنا ناهي، جيتوڻيڪ ان جي مسلمان دنيا ۾ خاص حيثيت ۽ آمريڪا سان تعلقات سبب خطرو گهٽ ضرور آهي۔ پر اسرائيل جي وڌندڙ من ماني ۽ آمريڪي پاليسي جي روشني ۾ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙو ملڪ محفوظ رهندو. آمريڪا لاءِ پهرين ترجيح اسرائيل آهي، تنهنڪري عرب ملڪن جي حفاظت بابت سندس واعدا هاڻي اعتبار لائق ناهن. قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏو هجڻ باوجود آمريڪا اسرائيلي حملي کان بچائي نه سگهيو. اهڙي پسمنظر ۾ سعودي عرب جو پاڪستان سان دفاعي معاهدو ڪرڻ هڪ اهم سفارتي اشارو آهي ته هاڻي سعودي عرب آمريڪا بدران متبادل سهارا ڳولڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي۔
وزيراعظم شهباز شريف دوحه ڪانفرنس ۾ اسرائيل خلاف گڏيل ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي تجويز ڏني هئي. ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي سموري فوجي صلاحيت سان مسلم امت سان گڏ آهي. هاڻي سعودي عرب سان دفاعي معاهدي کان پوءِ اهو امڪان وڌي ويو آهي ته قطر ۽ ٻيا عرب ملڪ به اهڙي قسم جا معاهدا ڪرڻ چاهين. اهڙيءَ ريت گڏيل ٽاسڪ فورس لاءِ بنياد تيار ٿي سگهي ٿو۔
پاڪ-سعودي دفاعي معاهدي ۾ هڪ ٻئي جي دفاع جي ذميواري قبول ڪئي وئي آهي، تنهنڪري ان کي پاڪ-ڀارت جنگ جي تناظر ۾ به ڏسڻ گهرجي. سوال اڃا بي جواب آهي ته جيڪڏهن ڀارت وري پاڪستان تي حملو ڪري ته ڇا سعودي فوجون به پاڪستان جي مدد لاءِ اينديون؟ پر معاهدي ۾ گڏيل دفاع جي اعلان کان پوءِ نئين دهلي ۾ خطري جون گهنٽيون ضرور وڄڻ شروع ٿي ويون آهن. جيڪڏهن پاڪستان هن معاهدي کي ڀارتي جارحيت جي خلاف هڪ ڊيٽرنٽ طور استعمال ڪري سگهي ٿو ته برصغير ۾ جنگي ماحول گهٽجي سگهي ٿو۔ هن معاهدي جي موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگي اهو به ظاهر ڪري ٿي ته هاڻي پاڪستان جا ٻاهرين لاڳاپا فوج ۽ حڪومت گڏجي طئي ڪري رهيا آهن. وائٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ جي لنچ کان وٺي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس تائين ۽ هاڻي رياض ۾ وزيراعظم جي شانه بشانه معاهدي تي صحيحون ڪرڻ تائين، سڀ واقعا ٻڌائي رهيا آهن ته عالمي سطح تي پاڪستاني فوج کي حڪومت جي برابر، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ اهميت سان تسليم ڪيو پيو وڃي۔
هاڻي سوال اهو آهي ته هي نئون معمول پاڪستان جي جمهوري نظام ۽ پارليامينٽ جي اختيارن تي ڪهڙا اثر ڇڏيندو. ان جو جائزو وٺڻ ۽ حڪومت کان وضاحت طلب ڪرڻ سياسي اڳواڻن ۽ راءِ ٺاهيندڙن جي ذميواري آهي۔
پاڪ-سعودي دفاعي معاهدي ۾ هڪ ٻئي جي دفاع جي ذميواري قبول ڪئي وئي آهي، تنهنڪري ان کي پاڪ-ڀارت جنگ جي تناظر ۾ به ڏسڻ گهرجي. سوال اڃا بي جواب آهي ته جيڪڏهن ڀارت وري پاڪستان تي حملو ڪري ته ڇا سعودي فوجون به پاڪستان جي مدد لاءِ اينديون؟ پر معاهدي ۾ گڏيل دفاع جي اعلان کان پوءِ نئين دهلي ۾ خطري جون گهنٽيون ضرور وڄڻ شروع ٿي ويون آهن. جيڪڏهن پاڪستان هن معاهدي کي ڀارتي جارحيت جي خلاف هڪ ڊيٽرنٽ طور استعمال ڪري سگهي ٿو ته برصغير ۾ جنگي ماحول گهٽجي سگهي ٿو۔ هن معاهدي جي موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگي اهو به ظاهر ڪري ٿي ته هاڻي پاڪستان جا ٻاهرين لاڳاپا فوج ۽ حڪومت گڏجي طئي ڪري رهيا آهن.