يادگيرين تي ٻڌل حميد سومري جو ڊجيٽل ڪتاب "جيون جھاڳ اجھاڳ”

تحرير: تبصرو: طارق امر آريجو

 نج ٻھراڙيءَ واري ماحول ۾ ماڻھن جي محرومين، ساده طبيعتن ، نفيس احساسن، لطيف جذبن ۽ الٽي اک سان سماج کي پرکڻ وارو ۽ شعور جي مٿاھين سطح کي ڇھڻ واري اسان جي پياري ساٿي ۽ سياسي ھم رڪاب ڊاڪٽر حميد سومري اڌ ڄمار تي مشتمل يادگيرين جو ڀنڊار(جيون  جھاڳ اجھاڳ) ڊجيٽل ڪتاب، سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ وڌو آھي، ان لاءِ کيس جس ھجي. ھن پنھنجي بچپن جا ٻھراڙيءَ ۾ گذاريل ڏينھن اھڙي طرح چٽيا آھن، ڄڻ ھن جي ھرڪرت ۽ سرگرمي اسان ڪنھن فلم ۾ سامھون ڏسي رھيا ھجون. جتي ڪتاب ۾ ٻھراڙيءَ جون اڻ پوريون سھولتون، وسيلن جي اڻاٺ، مسئلا، مصيبتون،لاچاريون، پيڙائون، بي وسيون ۽ بيماريون نظر اچن ٿيون، اُتي ڳوٺاڻن جو ھڪٻئي سان پيار، ڏک سک ۾ گڏجي پوڻ ۽ پنھنجائپ سان ڀرپور زندگي جا عڪس ملن ٿا. ڊاڪٽر حميد سومري 65-1960 واري دور جون سارون سھيڙيندي ڪتاب ۾ جوھي شھر ۽ ان سان لاڳاپيل آس پاس جي ٻھراڙين جو ذڪر وڏي بيباڪي ۽ خوش اصلوبي سان ڪيوآھي. جنھن ۾ نظر اچي ٿو ته 60 واري ڏھائيءَ ۾ اسان جون ٻھراڙيون جيڪي سمورين سھولتن کان يا ته تقريبن وانجھيل ھيون يا بنھ نالي ماتر ٿورڙيون ھيون. اُتي ٻھراڙي جي ماڻھن ۾ ٿورو گھڻو تعليمي شعور ڪيئن آيو هو ان جا تفصيل ڏنل آهن.

 1970جي پوين سالن ۾ جيل ياترا به ڪري آيا ھيا، جن ۾ قلم ڌڻي پاڻ به جنرل ضياءَ واري دؤر ۾ جيل جو مزو چکي آيو آھي. 1980ع جي شروعاتي سالن ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ جڏنھن سياسي سرگرمين تي سخت پابنديون ھونديون ھيون، ته ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو به خوب ذڪر ٿيل آھي، ان ئي زماني ۾ جوھي نوجوان تنظيم ڪم ڪرڻ شروع ڪيوھو جوھي شھر جي ڪيترين ئي سماجي ، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو به ذڪر ملي ٿو جن ۾ رئيس علڻ خان لغاري، غلام حيدر رستماڻي، اڪبر جسڪاڻي ، شريف ٿھيم ، لياقت جھتيال، غلام قادر، سائين بخش رند، سڪندر سرواڻ،اسمائيل کوسو،عزيز ڪنگراڻي, پ- پ- پ- اڳواڻ بشير ٿھيم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نالي واريون شخصيتون شامل آھن. ڪتاب ۾ جيل جو ذڪر به ڀرپور انداز ۾ ٿيل آھي جنھن ۾ جيل جون سختيون ھوندي به انھن سختين کي ڀوڳڻ واري احساس کان آجپو حاصل ڪرڻ واري فن جو ذڪربه ساراھڻ جوڳو آھي. جيل ته ڀوڳنائن ۽ اذيتن جو سفر ئي ھوندو آھي، جنھن کي حميد سومري سياسي قيدين جي سھڪار ۽ عام قيدين جي ھمٿ افزائيءَ لاءِ چرچن ڀوڳن ۽ مذاقن سان جيل جي ماحول کي خوشگوار بڻائڻ ۾ وڏو ھمٿ ڀريو ڪم ڪيوآھي ۽ خوب فنڪاريءَ جو مزو ورتو آھي، ڪتاب ۾ جيل ڊائرين جو ذڪربه نمايان نظر اچي ٿو، جن ۾ چونڊ جيل ڊائريون، شيخ اياز جي "ساھيوال جيل جي ڊائري” , رسول بخش پليجي جي "ڪوٽ لکپت جو قيدي” ، مولانا ابوالڪلام آزاد جي” غبار خاطر” ، طارق اشرف جي ” 22 مھينا جيل ۾” ۽ قلمڪار سان گڏ جيل ڀوڳيندڙ سڪندر سرواڻ جي جيل ڊائري ” گھنگھر گھاريم جن سان” جو ذڪربه ڪتاب کي دلچسپ بڻائي ٿو. ڪتاب ۾ قلمڪار 1970ع واري ڏھائي کي اھميت جوڳو قرار ڏنو آھي، جنھن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لڳاتار انقلابن جي اُڀري اچڻ سان ليکڪ جي نظر ۾ اسان جي خطي ۾ ان جا مثبت اثرات مرتب ٿيا. جيل جي ملاقاتين ۾ حميد ڪجهه سياسي ماڻھن جو به ذڪر ڪيو آھي، جن ۾ پنھنجي وقت جو ڀلوڙ صحافي ۽ دانشور فقير محمد لاشاري، صحافت، سياست ۽ اسڪول ۾ پڙھائڻ واري پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ صادق بڙدي ۽ سليمان چارڻ به آھن. انھن ٽنھي جوتعلق سنڌ ۾ سرگرم رھندڙ کاٻي ڌر جي سياسي تنظيم "پروگريسوِ جيئي سنڌ” سان ھيو. وقت ڏاڍو بي رحم آھي، اڄ اھي ٽيئي سرگرم ساٿي ۽ سرواڻ مٽيءَ سان مٽي ٿي ويا آھن. منھنجي به ٻن دوستن سان سياسي ويجھڙائپ رھي باقي فقير محمد لاشاري سان ھڪ اڌ ملاقات ڪراچيءَ ۾ رھي. جيل جون ساروڻيون ساريندي ڪتاب جي خالق لانڍي جيل ۾ ئي شھيد نذيرعباسيءَ سان اوچتي، پر پھرين ۽ آخري ملاقات جو ذڪربه اھڙي طرح ڪيوآھي جو محسوس ٿئي ٿو ته نذير عباسي سندس آئيڊيل اڳواڻ ھئو ۽ ساڻس وري نه ملڻ جو ارمان سندس دل ۾ هميشه رھندو. 1980 کان 1987ع  تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پڙھائي ۽ سياسي سماجي سرگرمين جو ذڪربه ڏاڍو وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آھي. چانڊڪا جي شاگرد سياست جا لاھا چاڙھا ۽ ان جي عروج ۽ زوال کي به کلي طرح بيان ڪيو اٿس. شاگردن جا پاڻ ۾ جھيڙا، ڏاڍ مڙسي ۽ ھٿيارن جي نمائش به شاگرد سياست کي ڪافي نقصان پھچايو، چانڊڪا انتظاميا به پنھنجن انتظامي مفادن لاءِ سڄي سنڌ جي درسگاھن جيان ھتان جي ماحول کي به خراب ڪرڻ ۾ پيش پيش نظر اچي ٿي. ڪتاب ۾ قلمڪار چانڊڪا  ۾ پڙھندي پنھنجي ھم ڪلاسين جو ذڪر به ڪيو آھي، جن مان ڪيترائي ھيءَ فاني دنيا ڇڏي چڪا آھن. 1980ع ۾ نذير عباسي جي شھادت کان پوءِ سندس شاگرد تنظيم ڊي ايس ايف کي ٻيھر فعال ڪرڻ واري سرگرمي ۾ جتي سينئراڳواڻ گھنشام پرڪاش، امداد چانڊيو، شيرمحمد مڱريو ۽ ٻيا سينئر دوست سرگرم ٿيندي نظر اچن ٿا اُتي حميد جون تنظيم سازيءَ لاءِ ڪوششون به ساراھڻ جوڳيون آھن، جنھن ۾ چانڊڪا ڪاليج کان ويندي لاڙڪاڻي شھر، شھداد ڪوٽ ، ڏوڪري, باڊھ ۽ اوسته محمد تائين نوجوان چانڊڪا اچي ڪچھريون ڪندا ھئا، ان جو نتيجي اھو نڪتوته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺندڙ 6 ئي ضلعن لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر ۽ دادو جا ڪيترائي شاگرد ڊي ايس ايف جو حصو بڻيا ۽ نتيجي ۾ ڇھن ئي ضلعن ۾ ڊي ايس ايف (جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ھئي) پنھنجا پير کوڙي ورتا. 1984ع ۾ ڊي ايس ايف جو مقامي تنظيمي پرچو جاڳرتا ۽ سنڌ صوبائي سطح تي مشعل به نڪرڻ شروع ٿيا، جنھن ۾ مقامي پرچي جاڳرتا کي سھيڙڻ جي ڪم ۾ حميد سومري جون محنتون جس لھڻن.

ڊي ايس ايف جي 1985ع واري سنڌ ڪنوينشن جو به دلچسپ ذڪر ملي ٿو، جيڪو ٿيڻو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ھيو پر ڪن اڻٽر مجبورين جي ڪري "لٽل ماسڪو” سڏجندڙ ڳوٺ ٻلھڙيجي، (جيڪو مُھين جي دڙي جي ڀر ۾ آھي) ڪرڻو پئجي ويو. چانڊڪا ڪاليج ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڊي ايس ايف پنھنجي مقدار ۽ معيار ۾ پاڻ ملھايو ھو ۽ تازو ئي جيئي سنڌ کڙتالي گروپ سڏجندڙ سنجيده دوستن به ڊي ايس ايف ۾ شرڪت ڪري ان کي اڃان ئي سگھارو بڻائي ڇڏيو ھو، جيڪا ڳالهه جيئي سنڌ جي ڪجهه نادان دوستن کي آئڙي پئي، جنھن ڪري انھن ڪنھن بھاني سان ڌمڪيون ڏياري موڪليون ته ھو ڪنوينشن ھرگز ڪرڻ ڪونه ڏيندا. جنھن کان پوءِ صلاح مصلحت کان پوءِ جهيڙي جي امڪان کي ٽاريندي بھتر حڪمت عملي طور ٻلھڙيجي ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جيڪو اسان جي سينئر ساٿين عبدالرحمان پيرزادو، گلاب پيرزادو، مجيب پيرزادو ۽ لطيف جي پارکن انور پيرزادو ۽ لطف پيرزادو جي جنم ڀومي پڻ آھي. اھو منھنجو ڊي ايس ايف جو پھريون ڪنوينشن ھيو،  جنھن ۾ منھنجي تنظيمي ۽ شعوري نه صرف شرڪت رھي پر ھڪ اڌ ذميواري به منھنجي حصي ۾ آيل ھئي.

ڪتاب ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو به جوڳو ذڪر ٿيل آھي جنھن سان قلمڪار حميد جو به گھرو تعلق رھيو آھي. ڪميونسٽ پارٽيءَ متعلق ويچارونڊيندي حميد سومري اظھاريو آھي ته سندس شاگرديءَ واري عرصي ۾ خاص ڪري چانڊڪا ۾ پڙھائيءَ دوران 1980ع کان 1987ع تائين شاگرد تنظيم  ڊي ايس ايف جو زبردست اڀار ٿيو، جنھن جا اھم اڳواڻ امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي ۽ گھنشام پرڪاش ڪوڙن ڪيسن ۾  جيل ڀوڳي رھيا ھئا. جنھن جو اڻ سڌي طرح فائدو سندن مڌر( ماءُ) پارٽي، ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ئي ٿي رھيو ھو ۽ ان جي عددي توڙي معياري خاصيت ۾ اضافو ٿي رھيو ھو ۽ پارٽيءَ جي ناماچاري ٿي رھي ھئي. ائين ئي پارٽيءَ جي کليل حصي طورسنڌ ھاري ڪاميٽي جون سرگرميون به ڪميونسٽ پارٽيءَ کي انڊر گرائونڊ ھئڻ ڪري سماج ۾ سڃاڻپ ڏياري رھيون ھيون، خاص طور 1984ع ، 1985ع ، 1986ع ۽ 1987ع  جون وڏيون ڪانفرنسون ڪري پارٽيءَ جا سماج ۾ وسيع بنياد رکڻ ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي ڪامياب ٿي. ڊسمبر1986ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي جيل مان آزاديءَ کان پوءِ عوامي رابطا مھم جي ذريعي 1987ع جي پھرين مھينن ۾ سڄي ملڪ، خاص طور سنڌ ۾ سندس شاندار استقبال ٿيا، لاڙڪاڻي ۾ به ڪامريڊ ڄام جي ڀرپورآجيان ٿي ھئي. جناح باغ ۾ وڏو عوامي جلسو ٿيوھو، جنھن ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاڻ کي بلڪل اوپن ڪري عوام اڳيان آئي ھئي. جيڪو عمل سماج جي سمورن پرتن سان پارٽيءَ کي جوڙڻ وارو ھيو.پربدقسمتيءَ سان ان کان اڳ 1986ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سينٽرل ڪاميٽيءَ ۾ اڪثريت ۽ اقليت نالي سان ٻه ڊاڪيومينٽ پارٽي ڪيڊر ۾ لھي چڪا ھئا، جنھن ۾ پارٽيءَ جي 1978ع ۾ اھم ليڊرشپ جي گرفتاري ۽ باقي جي روپوشي کان پوءِ پارٽيءَ جي انڊرگرائونڊ سرگرمين تي تنقيد ھئي، جنھن کي اقليت سڏجندڙ دوستن درست نٿي سمجھيو.ان ڪري پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي ھئي. بحرحال ھي ڪتاب رڳو يادگيرين جوعام ڀنڊار ناھي پر ماڻھوءَ جي وک وک تي آيل وڍن، زخمن جي سياسي تاريخ آھي، خاص طور ٻن ڏھاين (90-80) واري دردناڪ ضيائي ۽ ان کان پوءِ نيم جمھوري دؤرن جي ڪٿا آھي، جنھن ۾ وڏيون سياسي ڀڃ ڊاھ جون وارتائون به درج آھن ته ان دؤرجي سياسي پارٽين جي تاريخ به آھي. جنھن جا ڪيئي قصا گھڻن سياسي ڪارڪنن کان اوجھل رھيا آھن. ھي ڪتاب ان دؤرجو دستاويز به آھي. ضروري ناھي ته سمورين ڳالهين سان سؤ سيڪڙو اتفاق به ڪجي، بحرحال ھي ڪتاب اسان جي ويجھي تاريخ جو المياتي دستاويز آھي، جنھن کي پڙھڻ سان ان وقت جي بي رحم سياسي تاريخ جو پتو پوي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.