اسان جي ملڪي سماج جي پسماندگي جو عالم اهو آهي ته هتي بيمارين جي علاج ۾ به ارهائي ڏيکاري ويندي آهي. هڪ پاسي پاڻ چوندا آهيون ته رياست ۽ حڪومت عوام جي علاج جو مڪمل طور تي پاڻ ذمو کڻي ۽ وري جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪا اٽي ۾ لوڻ برابر اڳڀرائي ٿيندي آهي ته صحت جي شعور کان اڻ ڄاڻ ماڻهو جديد علاج وٺڻ کان به گهٻرائيندا آهن، انڪار ڪندا آهن ۽ صحت جي عملي جي ڪم ۾ رنڊڪون وجهندا آهن.
اهڙو انتهاپسنداڻو رويو شروع کان ئي رهيو آهي. پوليو جي بيماري جي خاتمي لاءِ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ ۽ ويڪسين هڻڻ واري عملي سان به ٿيندو رهيو آهي. طالبان ذهنيت جي ماڻهن ۽ جهالت جي وهمن ۾ ورتل ماڻهو پوليو ڦڙن بابت اها پروپئگنڊا ڪندا رهيا آهن ته اها مهم يهودين جي سازش آهي ته غير معياري پوليو جا ڦڙا پياري ۽ ويڪسين لڳائي مسلمانن جي ٻارن مان اولاد پيد اڪرڻ جي طاقت ختم ڪئي وڃي. ايئن جڏهن ڪورونا وائرس جنهن سڄي دنيا جي ماڻهن کي ڪنهن آدم خور وانگر تيزي سان پنهنجو کاڄ بڻائي رهيو هو ته طب جي ماهرن نيٺ ان جي وائرس جي روڪٿام لاءِ فوري طور تي هڪ ويڪسين ايجاد ڪئي جنهن خلاف به هتي مهم هلائي وئي ته اها ويڪسين نه لڳرائڻ گهرجي ان سان ماڻهن جي زندگي ۾ڪٽوتي ايندي ۽ اهي جلد مري ويندا.
جهالت جي اهڙي رويي جو شڪار هاڻي HPV ويڪسين پڻ بڻي آهي جيڪا اصل ۾ عورتن جي سروائيڪل ڪينسر جي خاتمي جي ويڪسين آهي. ان بيماري ۾ رپورٽن موجب هر سال دنيا اندر لڳ ڀڳ 6 لک عورتون شڪار ٿين ٿيون يعني ڪينسر ۾ وٺجي وڃن ٿيون جنهن جو علاج دريافت ٿيو آهي جيڪا وڏي ڳالهه آهي. چون ٿا ته هن موتمار بيماري کان بچاءُ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو HPV ويڪسين آهي. هن وقت تائين دنيا جي 149 ملڪن ۾ سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي ويڪسين لڳي چُڪي آهي پر هتي ان علاج خلاف منفي مهم هلائي پئي وڃي.
سو جهالت جي ان پسمنظر کي ڏسندي دل چوي ٿي ته ڪاش سائنسدان سڀ کان اڳ ۾ ”جهالت جي خاتمي جون ويڪسينون ايجاد ڪن“ تڏهن ئي بيمارين جي خاتمي جون ٻيون ويڪسينون لاڀ ماڻي سگهنديون. نه ته جهالت انهن سڀني ويڪسينن خلاف پئي مهم هلائيندي. جڏهن ته ٻاهرين ۽ ترقي يافته دنيا اندر هميشه ترقي ۽ تبديلي جي آجيان ڪئي ويندي آهي ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويندو آهي پر هتي هميشه هاڪاري تبديلي ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون وينديون آهن ۽ ارهائي جو اظهار ڪيو ويندو آهي.
انهيءَ جهالت ڪري اسان جو ملڪ ۽ هي سماج باقي ملڪن ۽ سماجن جي ترقي جي رفتار ۾ هر دور ۾ پوئتي رهندو آيو آهي جنهن جو نقصان هر دور ۾ عوام جو ئي ٿيندو رهيو آهي پر هاڻي هن جديد دور ۾ به افسوس جي ڳالهه آهي ته بيمارين جي خاتمي لاءِ ايجاد ٿيل نئين علاج کي به قبول نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته عورتن جي سروائيڪل ڪينسر کي سولائي سان قبوليو وڃي ٿو جنهن ۾ هر سال لکين عورتون موت جي ور چڙهي وڃن ٿيون پر اسان کي پڪ آهي ته جيئن ٻين سائنسي ۽ طبي ترقين کي آخرڪار دير سان ئي صحيح قبول ڪيو ويو تئين هن معاملي ۾ به جاڳرتا مهم ڪم ايندي جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. سو اميد آهي ته جهالت بمقابله جاڳرتا مهم ۾ جاڳرتا مهم ئي ڪاميابي ماڻيندي.
سو هن ايڊيٽوريل ذريعي اسان به ان جاڳرتا مهم ۾ حصو وٺندي عوام کي گذارش ڪنداسين ته اهو غلط مهم ۽ وهمن جو شڪار نه ٿئي پر عورتن جي سروائيڪل ڪينسر جي خاتمي لاءِ ويڪسين لڳرائڻ کي نعمت سمجهي ڪري ان جو ڀرپور فائدو وٺي ۽ جهالت جي هر قسم جي پروپئگنڊا کي ناڪام بڻائي. ان معاملي ۾ هر دور ۾ شعور ۽ شعور جي نمائندگي ڪندڙ ميڊيا يقينن سماج اندر شعور پيدا ڪرڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي به ميڊيا ان ڏس ۾ به پنهنجو روايتي ڪم ڪري رهي آهي. ايئن اسان جي سماج جو باشعور طبقو پڻ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي پر ان ڪردار کي اڃان وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته جهالت جو زور ۽ ان جو راڄ اڃان ٽٽو ناهي پر حيرت انگيز طور تي اهو اڃان به چوٽ چڙهندو ٿو وڃي جڏهن ته اصولي طور تي وقت سان ۽ تعليم جي واڌ سان گهٽ کان گهٽ ئي ٿيڻ گهرجي پر الميو اهو آهي ته هاڻي پڙهيل لکيل جاهلن جو به انگ وڌي رهيو آهي جنهن تبديلي ۽ ترقي جي رفتار کي اڃان سست ڪرائي ڇڏيو آهي.
اسان البت ان صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪري سگهون ٿا ته حڪومتن ۽ حڪمرانن جو صحت جي جاڳرتا ۾ همت افزا ڪردار رهيو آهي. حڪومت جي اها پاليسي اسان کي پوليو جي روڪٿام مهم، ڪورونا وائرس جي روڪٿام مهم ۽ هاڻي ايڇ پي وي ويڪسين جي مهم هلائڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي. اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن حڪومت پاڻ درست رخ ۾ عوام دوست ڪم ڪري ۽ هاڪاري جاڳرتا مهمن سان سهڪار ڪري ته جهالت جي ڪا طاقت ان سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي تنهن ڪر اهو لازمي آهي ته حڪومت مجموعي طور تي سڀني جاڳرتا مهمن ۾ حصو وٺي انهن سان سهڪار ڪري ۽ جاهلاڻين مهمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ليڊ فرام دي فرنٽ وارو ڪردار ادا ڪري تڏهن ئي ترقي ۽ تبديلي جي راهه هموار ٿي سگهندي.