سکر(رپورٽ:آزاد مهر) صالح پٽ لڳ ڪارنھن جي تڪرار تان جوابدارن گوليون ھڻي 3 ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ صالح پٽ لڳ ڳوٺ دينپور ۾ خادم بليدي جي اوطاق تي جوابدارن عجيب ۽ صدام بليدي حملو ڪري ڪارنھن جي تڪرار تان گوليون ھڻي 3 ڄڻن غلام شبير جاگيراڻي، نواب بليدي ۽ حميد الله بليدي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ان باري ۾ رابطو ڪرڻ تي صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ دينپور وث ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن گوليون ھڻي 3 ڄڻن غلام شبير جاگيراڻي نواب بليدي ۽ حميد الله بليدي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن پوليس موجب ٽئي مقتول ڊيرا غازي خان جا رھواسي ھئا جيڪي صالح پٽ خادم بليدي وٽ رشتي داري لاءِ آيا ھئا ۽ جوابدار شھدادڪوٽ جا رھواسي آھن.