ڪراچي (رپورٽر)سول سوسائٽي جي گڏيل تنظيمن جي پاڪستان ڊيولپمينٽ الائنس ( پي ڊي اي) جي اڳواڻن شيرين اعجاز، ملڪ طاهر اقبال ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر فريحه سهيل ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مڪاني حڪومت جي چونڊيل ڪائونسلرن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي، صوبائي مالياتي ڪميشن کي نئين سر بحال ڪيو وڃي، ميئر جي چونڊ سڌي نموني ڪئي وڃي،. ان موقعي تي ليگل رائيٽس فورم جي اڳواڻ شيرين اعجاز چيو ته اسان سنڌ ۾ مڪاني حڪومت جو هڪ اڇو ڇٺو پڌرو ڪيو آهي، جنهن موجب ڪراچي ميٽرو ڪارپوريشن (ڪي ايم سي ) کي ميونسپل قانون سازي وسيلي ڪڍي صوبائي ايجنسين جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ضلع ڊولپمينٽ پروگرام جي 55ارب روپين جي بجيٽ جا اٽڪل 55 سيڪڙو ڪامورا شاهي جي ذريعي خرچ ڪيا پيا وڃن، صوبائي فنانس ڪميشن جيڪو فنڊن جي شفاف ورڇ ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو هو اهو پڻ غير فعال آهي ۽ اسان مطالبو ڪيو ٿا ته بلدياتي اختيارن جي مرڪزيت ختم ڪري ڪي ايم سي ۽ ٻين شهري حڪومتن کي بااختيار بڻايو وڃي، ملڪ طاهر چيو ته سنڌ ۾ چونڊيل يونين ڪائونسل نمائندن وٽ اختيار ناهي جنهن ڪري هو ڪوبه بلدياتي ڪم نه ٿا ڪرائي سگهن ۽ چونڊيل ڪائونسلر هن وقت مفلوج بڻيل آهن، ضلعي ڊولپمينٽ فنڊ سڌاسنوان ڪائونسلرن حوالي ڪيا وڃن،صوبائي حڪومت پنهنجي منشور ۾ ڪيل واعدن مطابق هلي