صحت، انساني زندگيءَ جو سڀ کان قيمتي سرمايو هوندي آهي. ان بنا زندگيءَ جا سڀ رنگ ۽ خوشيون بي معنىٰ ٿي وڃن ٿيون. خوشيون، اميدون، رشتا ۽ خواب، سڀ ڪجهه تڏهن ئي حياتيءَ ۾ روشني پيدا ڪن ٿا جڏهن جسم ۽ ذهن صحتمند هجن. صحت جي فقدان سان نه رڳو جسماني تڪليفون پيدا ٿين ٿيون، پر ذهني توڙي نفسياتي بيماريون جنم وٺن ٿيون۔ سماجي طور ڏٺو وڃي ته عورت جي صحت سماج جو حقيقي عڪس آهي؛ جيڪڏهن عورت صحتمند آهي ته خاندان محفوظ آهي، محفوظ خاندان سماج کي مضبوط بڻائي ٿو، ۽ مضبوط سماج ئي روشن مستقبل جو بنياد آهي.
ڪينسر جهڙيون بيماريون انساني زندگيءَ جو امتحان آهن. اهي صرف طبي مسئلا نه آهن، پر انساني جذبات، سماجي حالتن ۽ فرد جي شعور جو به امتحان وٺن ٿيون. عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي سروائيڪل ڪينسر هوندي آهي جيڪو رحم جي جيوگهرڙن کي آهستي آهستي تباهه ڪري ٿو. هن بيماري جو بنيادي سبب هيومن پيپيلوما وائرس (HPV) آهي، خاص طور جيڪو جيوگهرڙن کي سرطان ۾ تبديل ڪن ٿا. شروعات ۾ بيماري بي آواز هوندي آهي، پر آهستي آهستي جسم کي اندر کان نقصان پهچائيندي آهي. عالمي اداري صحت جي انگن اکرن موجب هر سال دنيا ۾ لڳ ڀڳ 6 لک عورتون هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿيون ۽ اڌ کان وڌيڪ پنهنجون زندگيون وڃائي ويهنديون آهن. اسان جي ملڪ ۾ به هن بيماري بابت آگاهي ۽ بچاءُ جي سهولتن جي کوٽ سبب ڪيترين عورتن جون زندگيون خطري کي منهن ڏيندي
موت جي منهن ۾ هليون ويندون آهن۔
جديد سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته هن موتمار بيماري کان بچاءُ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو HPV ويڪسين آهي. ويڪسين رحم جي جيوگهرڙن ۾ سرطان جي خطري کي گھٽائي ٿي ۽ ٻين ڪينسرن کان پڻ بچاءُ ڪري ٿي.
هن بيماري جي تشخيص لاءِ اسڪريننگ ٽيسٽون، جيئن Pap Smear، عورتن کي وقت سر بيماري سڃاڻڻ جو موقعو ڏين ٿيون. علاج ممڪن آهي، پر بچاءُ نه صرف جسماني پر مالي/معاشي، جذباتي ۽ سماجي به حفاظت ڪري ٿو.
هاڻي وقت آهي ته والدين پنهنجي نياڻين لاءِ ويڪسين کي ترجيح ڏين، حڪومت اسڪريننگ جون سهولتون هر علائقي تائين پهچائي، ۽ سماج ۾ شعور کي عام ڪري هر ادارن ۾ ويڪسين ذريعي هنمرض کان بچاءُ ڪري سگهجي۔ عورتن کي گهرجي ته اهي پنهنجي جسم ۽ ذهن جي حفاظت سنجيدگيءَ سان ڪن، ڪنهن به علامت کي نظرانداز نه ڪن ۽ وقت سر چيڪ اپ ڪرائين. جديد سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته هن موتمار بيماري کان بچاءُ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو HPV ويڪسين آهي. ويڪسين رحم جي جيوگهرڙن ۾ سرطان جي خطري کي گھٽائي ٿي ۽ ٻين ڪينسرن کان پڻ بچاءُ فراهم ڪري ٿي. هن وقت تائين دنيا جي 149 ملڪن ۾ سرويڪل ڪينسر کان بچاءُ جي ويڪسين لڳي چڪي آهي جنهن ۾ مسلمان ملڪ سعودي ارب ڪويت يو اي اي . قطر شامل آهن۔
حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت سنڌ جي طرفان اوهان جي معصوم نياڻين کي موتمار بيماري کان بچائڻ لاءِ مفت ۾ لڳائي پئي وڃي ياد رکيو وڃي ته ڪڏهن به ڪابه ويڪسين نقصان ڪار ناهي هوندي۔
هن وقت جيڪا سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي ان جي پٺيان ان مافيا جو ھٿ آھي، جيڪا ڪينسر جي دوائن لاءِ اربين کربين ڊالر سيڙھائي پنھنجي لاءِ پئسو ڪمائي ڪري رھي آھي اھي مافيا ڪڏھن به نه چاھيندي ته غريب ملڪ جي غريب ٻار ان ويڪسين سان محفوظ ٿيئن سو ان مافياز جي ڪوڙين پروپيگنڊن کي سمجھو ۽ پنھنجي معصوم نياڻين کي ڪينسر جھڙي موتمار بيماري کان بچائڻ ايڇ پي وي ويڪسين ضرور لڳرايو۔
بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين انسان جي زندگي جي ضمانت آهن۔ جيڪيل جسم کي خطرناڪ بيمارين جي خلاف قدرتي بچاءُ جي طاقت ڏين ٿيون۔ اهو مدافعتي نظام کي اڳواٽ تيار ڪري ٿو ته جيئن وائرس يا بيڪٽيريا حملي وقت ڪمزور ٿي وڃن. دنيا جي تحقيقن موجب هر سال لکين ماڻهو صرف ويڪسين جي ڪري موت کان بچن ٿا، ان ڪري ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ويڪسين بيمارين جي خاتمي لاءِ سڀ کان محفوظ ۽ اثرائتو اوزار آهي.