هيءَ هڪ ڪهاڻي اندر ڪيترين ئي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. اها حسين نقي جي بغاوتن ۽ بيباڪن جي ڪهاڻي به آهي، پر ساڳئي وقت اها پاڪستان جي قيام، هتي جهموريت ۽ صحافت سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي به ڪهاڻي آهي. يعني حسين نقي جي شخصي تاريخ اصل ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ صحافتي تاريخ جو عڪس آهي. هيءَ سندس سوانح حيات آهي، جنهن جو نالو آهي ’’مون کان جيڪو ٿي سگھيو سو ڪيم‘‘. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف هسٽارڪل اينڊ سوشيل ريسرچ ڪراچي پاران حسين نقي تي هڪ ڪتاب ’’جرئتِ انڪار‘‘ شايع ٿي چڪو آهي، جيڪو ڊاڪٽر سيد جعفر احمد جو حسين نقي سان ڊگهو انٽرويو آهي. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مون پنهنجي ڪالم ۾ ان ڪتاب جو ذڪر ڪيو، تڏهن هڪ مشهور ٽي وي اينڪر مون کان پڇيو: ”توهان حسين نقي کان ايترو متاثر ڇو آهيو؟“ مون کيس ٻڌايو ته نقي صاحب صحافت جي آزاديءَ لاءِ ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽي آهي. مون کي به هڪ وقت ۾ هن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جڏهن هو دي نيوز لاهور جا ايڊيٽر هئا ۽ مان جنگ اخبار ۾ رپورٽر هئس.
1991ع ۾ جڏهن نواز شريف جي حڪومت ميڊيا تي قدغنون لاءِ خاص عدالتن جو منصوبو جوڙي رهي هئي، تڏهن مون ان منصوبي بابت وفاقي وزارتِ اطلاعات جي تيار ڪيل سمري هٿ ڪري اسٽوري ٺاهي. نقي صاحب اها اسٽوري صفحي اول تي ڇاپي ڇڏي ۽ پوءِ جيڪو به دٻاءُ آيو، اهو پاڻ سهنو. آخرڪار هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو ۽ آئون وري جنگ ۾ موٽي ويس. بهرحال، ساڻس منهنجي ويجهڙائپ قائم رهي. ان ڳالهه تي ٽي وي اينڪر حيران ٿيو ۽ چيائين: ”مون توهان جي ڪالم ۾ حسين نقي بابت پڙهي سندن ڪتاب گهرائي ورتو، پر ان ۾ ته بار بار گرفتاريون ئي آهن. هڪ هنڌ ته هنن ٽي وي اينڪرز کي ’ڪميشن ايجنٽ‘ به چيو آهي، پوءِ به توهان کين آسمان زمين تي ساراهيو ٿا، جڏهن ته توهان پاڻ به ٽي وي اينڪر آهيو.“ ان تي مان کلي پيس ۽ کيس جواب ڏنم: ”آئون سڀ کان پهرين صحافي آهيان. هر صحافي اينڪر ٿي سگهي ٿو، پر هر اينڪر صحافي نه ٿو ٿي سگهي. جڏهن به مون تي بندش لڳندي آهي ۽ مون کي اسڪرِين تان غائب ڪيو ويندو آهي، تڏهن آئون غير ملڪي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪندو آهيان. تنهن ڪري مان پاڻ کي اينڪر نه پر صحافي سمجهندو آهيان.“اصل ۾ حسين نقي کان جڏهن پڇيو ويو ته اينڪرن جون مشاهرتون ايتريون وڏي ڇو ٿين ٿيون، تڏهن هن چيو ته ”اينڪر اصل ۾ ڪميشن ايجنٽ آهن. جيئن وڌيڪ اشتهار آڻين ٿا، تيئن وڌيڪ ڪمائي ڪن ٿا.“ يقينن سندس موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر نقي صاحب ڪڏهن به اختلاف ڪندڙ سان دشمني نه ڪئي.
هڪ ڀيري جسٽس ثاقب نثار پنهنجي عدالت ۾ حسين نقي کي سڏي کين ’بدتميز‘ قرار ڏنو. معاملو ايترو وڌيو جو چيف جسٽس کين معافي گھُرڻ لاءِ چيو. منهنجي خيال ۾ کين معافي نه گهرڻ گهرجي ها، پر نقي صاحب عدالت جي احترام ۾ معافي وٺي ڇڏي. پنهنجي سوانح حيات جو اختتام به هن ساڳئي معافي تي ڪيو آهي ۽ لکي ٿو: ”مون سڄي زندگي پاليسين ۽ شخصيتن سان اختلاف ڪيو، پر ادارن جو هميشه احترام ڪيو آهي، تنهنڪري مون عدالت کان معافي ورتي.“ هي ڳالهه تمام اهم آهي ته ڪنهن فرد يا پاليسي سان اختلاف کي ادارن سان ٽڪراءُ ۾ بدلائڻ نه گهرجي. نقي صاحب ته پنهنجي والد سيد محمد نقي سان به ننڍپڻ ۾ سياسي اختلاف ڪيو هو، پر والد جي حيثيت ۾ سندن عزت قائم رکي.
حسين نقي 1936ع ۾ لکنؤ ۾ ڄائو. 1946ع جي چونڊن ۾ جڏهن هو صرف ڏهه سالن جو هو، سندس والد علي ظهير (شيعا پولٽيڪل ڪانفرنس جا اميدوار) جي حمايت ڪري رهيو هو، پر نقي ۽ سندس ڀائر ڀينر مسلم ليگ جي حمايت ۾ هئا. آخرڪار علي ظهير هارائي ويو. نقي صاحب لکي ٿو ته 1946ع ۾ مسلم ليگ جي مقبوليت جو ڪارڻ اهو هو ته ڪانگريس مسلمانن سان تعصب رکندي هئي. سندس خيال ۾ قائداعظم هندستان جي ورهاست قبول ڪري ڪيترين ئي ورهاستن کي روڪي ڇڏيو.
1954ع ۾ هو 18 ورهين جي عمر ۾ پاڪستان آيو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ته جنرل ايوب خان خلاف تحريڪ ۾ سرگرم ٿي ويو. هڪ تحريڪ دوران کيس ڪراچي بدر ڪيو ويو، پوءِ ڪافي وقت ملتان، ساهيوال، لاهور ۽ بهاولپور ۾ رهيو. ڪراچي موٽي اچي يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو صدر ٿيو ۽ پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. حسين نقي پنهنجي بيباڪ صحافت سبب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ به گرفتار ٿيو ۽ جنرل ضياءَ جي مارشل لا ۾ به. ڀٽو سان سندس گهري سڃاڻپ هئي، پر جڏهن هو پهرئين سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان اختلاف ۾ آيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو، فوجي عدالت ۾ مقدمو هليو ۽ هڪ سال جي سزا ملي. ضياءَ جي مارشل لا ۾ وري گرفتار ٿيو ۽ شاهی قلعو، لاهور جي عقوبت خاني ۾ سهنو پيس. هڪ پوليس آفيسر کيس چيو: ”توهان کي ته ڀٽو جي حڪومت به گرفتار ڪيو هو، هاڻ وري. هر حڪومت سان توهان جو اختلاف ڇو ٿو ٿئي؟“ نقي کلندي چيو: ”اختلاف مان نٿو ڪريان، حڪومتون پاڻ مون سان اختلاف ڪنديون آهن.“ نقي جو تعلق لکنؤ جي هڪ اردو ڳالهائيندڙ خاندان سان هو، پر لاهور مان پهريون پنجابي اخبار ”سجن“ جاري ڪيائين. ساڻس گڏ شفقت تنوير مرزا، نجم حسين سيد ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪندا هئا. اهو اخبار رڳو 18 مهينا هليو، ڇو ته 1990ع ۾ بي نظير حڪومت جي خاتمي کان پوءِ غلام مصطفيٰ جتوئي جي نگران حڪومت ۽ پنجاب ۾ نواز شريف ٻنهي اخبار جا اشتهار بند ڪري ڇڏيا. بعد ۾ نقي صاحب عاصمه جهانگير سان گڏ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سان لاڳاپيل رهيو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو. فرخ سهيل گوئندي جو شڪريو، جنهن نقي صاحب جي اها آتم ڪٿا ڇپائي، جيڪا اصل ۾ هڪ اهڙي صحافي جي تاريخ آهي، جنهن کي پاڪستان جي چيف جسٽس ’بدتميز‘ چيو. نقي صاحب جو قصور صرف اهو هو ته هن عدالت ۾ سچ ڳالهايو. پر هڪ سچ ڳالهائيندڙ صحافي لاءِ اهڙا لفظ تمغهءِ جرئت کان گهٽ ناهن، ڇو ته جنهن ۾ جرئتِ انڪار نه هجي، اهو صحافي سڏائڻ جي لائق ئي ڪونهي.