ڪيترن ئي تجربن جي باوجود تعليم ۾ سڌارو ڇو نٿو اچي؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

تعليم کاتو، ملڪ جي اهم کاتن مان هڪ آهي. هن کاتي جو ملڪ ۾ علم جي روشني کي عام ڪري جهالت کي ختم ڪرڻ ۽ شهرين کي ڪنهن اعليٰ مقام تائين پهچائڻ جو ڪم آهي. ياد رهي ته، علم حاصل ڪرڻ لاءِ شرعي حڪم آهي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، حڪومت جهرجهنگ ۾ اسڪول کوليا آهن. جتي ٻارڙن کي ابتدائي تعليم ڏئي، کين اعليٰ تعليم لاءِ وڏن اسڪولن ۾ موڪليو وڃي ٿو. سڄي دنيا ۾ اسڪولن جو ڄار وڇايل آهي. جتان انجنيئر، ڊاڪٽر، قانوندان، تعليمدان، قلمدان ۽ اديب پيدا ٿي رهيا آهن. سڄي دنيا تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. تعليم جو معيار وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان جي ملڪ ۾ به اهي ڪوششون جاري و ساري آهن. پر، هتي تعليم تي هرروز نوان تجربا ۽ مشاهدا ڪيا پيا وڃن. جن ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. خاص ڪري سنڌ ۾، تعليم جي ميدان ۾ نت نوان طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن. نڪور تجربا ٿي رهيا آهن. جن اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي. تعليم جو معيار سڌرڻ جي بجاءِ پوئتي ٿيندو پيو وڃي. جنهن ڪري ان معيار تي سدائين تنقيد ٿيندي رهي ٿي. آڱريون کڄنديون رهن ٿيون. تنهن هوندي به سڌارو ڪونه ٿو اچي. مورڳو درس وتدريس جو ڪم پوئتي ٿيندو پيو وڃي. ان ڳالهه جو هر ماڻهو اعتراف ڪري ٿو ۽ ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگھي،

جيڪڏهن معيار جي ڳالهه تي اچجي ته جڏهن 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ اسان پڙهندا هئاسون. تڏهن ٻئين درجي جي شاگردن کي اخبار پڙهڻ لاءِ چيو ويندو هو. مختلف ڪتاب پڙهڻ لاءِ زور ڀريو ويندو هو ته جيئن انهن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ٿئي. ان وقت جو تعليمي معيار تمام سٺو هوندو هو. پوءِ الائي ڪهڙي نظر لڳي جو آهستي آهستي  اهو معيار پوئتي ٿيندو ويو، جو هاڻ، وڃي تباهيءَ جي ڪناري تي پهتو آهي. هاڻوڪي حالت سڀني جي اکين آڏو آهي. صرف ڪاغذي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي.

 ان تباهيءَ جو خاص سبب اهو آهي ته جيڪا حڪومت اچي ٿي سا تعليم جي سڌاري جي آڙ ۾ نوان منصوبا ٺاهڻ لڳي ٿي. نيون رٿائون ڪرڻ لڳي ٿي. نوان تجربا به ڪيا ويا ۽ انتظامي تبديليون به ڪيون ويون. جن مان ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪري سگھيو. معيار به سڌري ڪونه سگھيو. اها تباهي محض حڪومت جي پاليسين ۽ رٿائن جي ڪري ٿي آهي. اهي پاليسيون ۽ رٿائون ناقص هيون. جن مان ڪوبه تعليمي فائدو حاصل ٿي ڪونه سگھيو. ڪابه بهتري اچي ڪونه سگھي. سڀ پاليسيون مڪمل طرح ناڪامياب ٿي ويون ۽ ادارا غير فعال بنجندا ويا.مون کي اهو به ياد آهي ته روينيو کاتي جا عملدار به اسڪولن جا نگران بنايا ويا. مختيارڪار، سب ڊويزنل روينيو آفيسر (ايس ڊي ايم)، ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به اسڪولن کي ڏسندا رهيا ۽ ادارن جي وزٽ ڪندا رهيا. اهو سسٽم به ڪجهه وقت تائين جاري رهيو. ڪوبه نتيجو ڪونه آيو. تعليمي معيار ۾ سڌارو اچي ڪونه سگھيو. اها وٺ وٺان مس پوري ٿي ته وري عدالتن جا جج ميدان ۾ اچي ويا. جيڪي هر اسڪول ۾ ويندا رهيا ۽ استادن جي حاضري جو ڪتاب ڏسندا رهيا. ججن جي اچڻ جي انتظار ۾ استاد شام جو به ڪافي دير تائين اسڪولن ۾ ويٺا هوندا هئا. پر، گوسڙو استاد ڪونه پڪڙي سگھيا. گوسڙو استاد ججن جي اچڻ وقت اسڪولن ۾ پهچي ويندا هئا ۽ پنهنجي حاضري ڏيکاريندا هئا. جيڪڏهن ڪن گوسڙو ٽيچرس جا نالا معلوم ٿيا ته انهن جي خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪوبه قدم ڪونه کنيو ويو. ججن جي چڪاس جو سلسلو ختم ٿيو ته وري ادارا فوج جي حوالي ڪيا ويا. فوج جو وڏو ڏهڪاءُ خوف ۽ هراس رهيو. ڪافي فوجي ته اسيمبليءَ جي وقت پهچي ويندا هئا ۽ اسيمبليءَ ۾ استادن ۽ شاگردن جي حاضري ڏانهن خاص ڌيان ڏيندا رهيا. سنڌ جي هر ضلعي ۾ هڪ فوجي ميجر مقرر ڪيو ويو هو. جيڪو ادارن تي نظر رکيو پئي آيو. سندس ٽيمون اسڪولن ۾ گھمنديون پئي رهيون ۽ خوف، ڊپ وارو ماحول پيدا ڪري رهيون هيون. باقي کين تعليم جي سڌاري متعلق ڪابه معقول ۽ موزون ڄاڻ حاصل ڪونه هوندي هئي. پوءِ خبر ناهي ته حڪومت تعليمي ادارا انهن جي حوالي ڇو ڪونه ڪيا ۽ ان پاليسي ٺاهڻ سان ڪهڙا فائدا حاصل ڪرڻ پئي گھريا؟ اها ڳالهه اڄ ڏينهن تائين سمجهه ۾ ڪونه آئي بهرحال حڪومت جو اهو تجربو جيڪو بنا نتيجي ختم ٿي ويو ۽ ڪاميابي ماڻي نه سگھيو. ان کان علاوه حڪومت جي طرفان اهو چيو ويو ته، اسان جو نصاب پراڻو ۽ مدي خارج آهي جيڪو هن وقت جي ماحول مطابق ڪونه آهي. جنهن ڪري تعليمي معيار بهتر ڪونه پيو ٿئي. ۽ اسان تعليمي ميدان ۾ پوئتي وڃي رهيا آهيون. جيستائين اهو مٽائي موجوده سائنسي ۽ جديد ٽيڪنالاجي موافق نه رکنداسون ايستائين سنڌ جي تعليم جو سڌرڻ ناممڪن آهي. نيٺ سالن جي پراڻي نصاب کي رد ڪيو ويو. نئون نصاب متعارف ڪرايو ويو. جيڪو هن وقت تعليمي درسگاهن ۾ پڙهايو پيو وڃي. ڪاپي بند نه ٿي سگھي آهي. پر، ڪاپي جي رجحان ۾ وڌيڪ تيزي ايندي پئي وڃي. تعليمي معيار نه سڌرڻ جو اهو به هڪ خاص سبب آهي. جنهن ۾ استادن ۽ والدين ملوث آهن. پ پ پ جي اڳوڻي حڪومت ۾ بايوميٽرڪ سسٽم متعارف ڪيو ويو.  مختلف ٽيمون مقرر ڪيون ويون جيڪي اسڪولن ۾ وڃي عملي جي حاضري وٺڻ لاءِ بايو ميٽرڪ ڪنديون رهيون اهو سسٽم اڄ به رائج آهي. پر، شروع ۾ عملي کي بايوميٽرڪ ٽيم جو خوف هوندو هو ته، متان ٽيم غيرحاضر ڪري وڃي ۽ پگھار رولڙي جو شڪار ٿي نه وڃي. هاڻ اهو زور نه رهيو آهي. بايو ميٽرڪ کي ليکيو ئي ڪونه ٿو وڃي. ٽيم اهلڪار فون ڪري ٻڌائين ٿا ته، اسان اچون ٿا اوهان سڀ حاضر رهجو. ڪجهه ٽيم جا ميمبر ته رشوت به وٺي رهيا آهن. اهڙا انڪشاف به ڪيا پيا وڃن. جيڪي ڪيترائي دفعا ٻڌا اٿئون. حالانڪه بايوميٽرڪ جي سسٽم جي ذريعي گوسڙو ملازمن کي آساني سان پڪڙي سگھجي ٿو. پر، اهو به غير فعال ٿيندو پيو وڃي جنهن کي فعال بنائڻ وقت جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ سختي ڪرڻ ضروري آهي. اهو تجربو هلندڙ آهي بهترين پاليسي آهي. جنهن تي عمل ڪرڻ سان تعليمي ميدان ۾ ڪافي سڌارو اچي سگھي ٿو. ۽ انقلابي تبديلي رونما ٿي سگھي ٿي. پر، خبر ناهي ته، ان سسٽم ۾ ڪافي نرمي آندي ويئي آهي.

ٻڌون پيا ته تعلقه ايجوڪيشن وارو عهدو به اڳتي هلي ختم ڪيو ويندو. يعني حڪومت جو اهو تجربو به مڪمل ناڪامياب ٿي ويو آهي. مطلب ته هيل تائين تعليم جي سڌاري جي آڙ ۾ ڪيترائي تجربا ۽ مشاهدا ڪيا ويا آهن. ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن. پر، ڪوبه سڌارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. ويتر تعليم جي تباهي ٿي رهي آهي. خبر ناهي ته تعليم جي سڌاري جي حوالي سان اڃا ڪيترا تجربا ڪيا ويندا ۽ اهي ڪڏهن ختم ٿيندا. ڇا اهي ڪامياب ٿي سگهن ٿا يا مورڳو بنا نتيجي ختم ٿي ويندا ۽ اسان جي تعليم جو اهو ساڳيو حال رهندو. ان سلسلي ۾ آئون موضوع کان هٽي اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي مذڪوره ادارن ۾ سياسي عمل ۽ دخل آهي. جيڪو ڪڏهن به تعليم ۾ سڌارو آڻڻ ڪونه ڏيندو. ان کان علاوه استادن کي صحيح طريقي سان تربيت ۽ سکيا ڪونه ٿي ڏني وڃي. اڳ ۾ هر استاد کي سال جو ڪورس ڪرايو ويندو هو. تنهن کان پوءِ ٽرينڊ ٿيندو هو ۽ کيس رننگ اسڪيل ملندو هو. هاڻ اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي. استادن کي ننڍا، ننڍا ڪورس ڪرائي اجايو پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي. بهتر آهي ته ادارن مان سياسي عمل دخل ختم ڪيو وڃي. ۽ استادن کي سال جا ڪورس پي ٽي سي، سي ٽي، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ ڪرايا وڃن تڏهن تعليم ڪجهه سڌري سگھي ٿي. ٻئي حالت ۾ تعليم جو سڌارو ممڪن ڪونهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.