قطر تي اسرائيلي حملي کي اڃا هڪ هفتو به نه ٿيو آهي ۽ گادي واري هنڌ دوحا ۾ عرب ليگ ۽ ٻين اسلامي ملڪن جو گڏيل اجلاس ٿي رهيو آهي. ان کي حسنِ اتفاق چئجي يا ڪجهه ٻيو، پر هي اجلاس ’ابراهم اڪارڊ‘ تي دستخط ٿيڻ جي پنجين سالگره جي موقعي تي ٿي رهيو آهي۔ ياد رهي ته 2021ع ۾ ٿيل ابراهم اڪارڊ يا ابراهيم معاهدي جي نتيجي ۾ اسرائيل ۽ ڪجهھ عرب ملڪن عام لاڳاپا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو۔ هي اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن وچ اوڀر جي ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سياسي تڪرار وڌي رهيا آهن. اسرائيل جي غزه ۾ جنگ ٽئين سال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته خطي جا ٻيا ملڪ به ان جي تباهڪاريءَ کان متاثر آهن۔
گذريل هفتي اسرائيل قطر تي به حملو ڪيو، جيڪو غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو. ان کان اڳ اسرائيل لبنان، ايران، يمن ۽ شام تي به حملا ڪري چڪو آهي۔ اسرائيلي حملي جي باوجود دوحا اعلان ڪيو آهي ته هو غزه جنگ کي روڪڻ لاءِ قاهره ۽ واشنگٽن سان گڏ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو۔ آچر جي ڏينهن قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمن الثاني، دوحا ۾ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي بند دروازن واري اجلاس دوران عالمي برادريءَ تي زور ڏنو ته هو پنهنجو ’ٻٽو معيار‘ ڇڏين۔ هن جو چوڻ هو ته: ”جيڪا شيءِ اسرائيل کي پنهنجو طرزِ عمل جاري رکڻ جي همٿ ڏئي ٿي، سا عالمي برادريءَ جي خاموشي ۽ اسرائيل کي جوابده نه بڻائڻ آهي۔“ هن صورتحال ۾ جتي ڪيترا ماڻهو اميد رکن ٿا ته ڪو سنجيده قدم کنيو ويندو، اتي ڪيترن کي عرب ملڪن کان گڏيل ردِعمل جي گهڻي اميد ناهي۔
دوحا ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس گڏيل طور 22 رڪني عرب ليگ ۽ اسلامي تعاون تنظيم ڪري رهي آهي۔ آچر تي اجلاس ۾ شامل رڪن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن قطر تي گذريل اڱاري اسرائيلي حملي بابت هڪ مسودي تي بحث ڪيو، جنهن کي هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو۔ مصر جو صدر عبدالفتاح السيسي مبينا طور ٻيهر نيٽو طرز جي ’مشترڪ عرب فوج‘ ٺاهڻ لاءِ عرب ملڪن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. تجزيه نگارن ان کي ’عرب نيٽو‘ سڏيو آهي، جنهن جو مقصد ڪنهن به عرب ملڪ کي امڪاني جارحيت خلاف بچائڻ آهي۔
حماس جي اڳواڻ عزت الرشق اجلاس جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو ’غزه ۾ نسل ڪشي‘ ۽ مغربي ڪناري، يروشلم، لبنان، شام، يمن، تيونس ۽ قطر ۾ صهيوني ڏوهن کي روڪڻ لاءِ تاريخي اتفاق راءِ جو اظهار ڪن۔ هن جو چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم ’گريٽر اسرائيل‘ منصوبي کي پورا ڪرڻ لاءِ پوري خطي کي تباهيءَ ڏانهن وٺي پيو وڃي۔ هي اجلاس ابراهم معاهدي جي پنجين سالگره جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ غزه جنگ جي باوجود اهو معاهدو برقرار رهيو، پر واشنگٽن انسٽيٽيوٽ فار نير ايسٽ پاليسي موجب هاڻ ان کي نيون پيچيدگيون درپيش آهن. خاص ڪري اسرائيل ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا بحال ڪرڻ بابت ڳالهين جو اڻ ڄاتل مدي تائين رڪجي وڃڻ پڻ شامل آهي۔ انسٽيٽيوٽ جي سيپٽمبر ۾ ڇپيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته حماس جو اڳوڻو اڳواڻ يحيٰ سنوار، غزه جنگ بابت عربن جي ڪاوڙ کي استعمال ڪندي اسرائيل ۽ سعودي لاڳاپن کي مسئلو فلسطين سان ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي۔ جيستائين غزه کي فلسطيني حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو امڪان نه هوندو ۽ اسرائيلي مهم جاري رهندي، تيستائين ابراهم معاهدي کي وڌائڻ ۽ خاص طور اسرائيل سعودي لاڳاپا بحال ڪرڻ ۾ ڪاميابي جو امڪان نه آهي۔ پر ڪجهھ ماڻهن جو خيال آهي ته دوحا اجلاس مان ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ اسرائيلي حملي کان پوءِ قطري وزيراعظم جي واشنگٽن دوري تي تنقيد ٿي رهي آهي۔ يمني سياستدان ۽ ماهرِ تعليم شيخ حسين حزيب به ساڳئي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن اجلاس تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي اتحاد ’مئل اتحاد‘ هوندو۔ شيخ حسين حزيب چيو ته طاقت جي جيڪا زبان اسرائيل ۽ آمريڪا سمجهن ٿا، ان ۾ عرب حڪومتن کي ڪا ڄاڻ ئي ناهي۔