دوحا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل ٽياڪڙ هجڻ باوجود قطر تي حملو ڪري خود مختاري جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچايو.
دوحا ۾ عرب اسلامي هنگامي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان دوحا تي حملي جي کليل مذمت ڪري ٿو، اهو حملو وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيو ويو، اسان قطر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا.
هن چيو ته اسرائيل جو دوحا تي حملو جارحاڻي قدمن جو تسلسل آهي ۽ عالمي قانون جا ائين بخيا اڊيڙڻ مذمت جوڳو آهي، اڄ اسرائيلي غزا ۾ انسانيت خلاف ڏوهه ڪري رهيو آهي، غزا ۾ هنگامي بنيادن تي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ جاري ظلم هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، غزا ۾ فوري طور جنگبندي ڪرائي وڃي، اسرائيل کي انسانيت خلاف جنگي ڏوهن تي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، ڏاڍ روڪڻ لاءِ عرب ٽاسڪ فورس جوڙي وڃي ۽ اسرائيل خلاف فوري طور قدم کنيا وڃن.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان اتحاد نه ڪيو ته اسرائيل اهڙيون ڪارروائيون ڪندو رهندو، چپ رهڻ بدران اسان کي متحد ٿيڻو پوندو، فلسطين هڪ ڌار رياست هجڻ گهرجي، جنهن جو تخت گاهه القدس هجي.
You might also like