اربع 10 سيپٽمبر 2025ع تي رتيديري لڳ ڳوٺ ميرپور ڀُٽي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن بلاول ڀٽو زرداريءَ جِي پنهنجي مامي ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزيرِاعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي فرزندَ، امير بخش ڀُٽي سان ٿيل ملاقات گهٽ ۾ گهٽ مقامي سياست ۾ نوان بحثَ ڇيڙي ڇڏيا آهن ۽ ان ملاقات کي مختلف زاوين سان ڏٺو پيو وڃي. بظاهر ته اها ملاقات ممتاز ڀُٽي جي وفات کان 4 سالَ پوءِ بلاول پاران تعزيت جي سِهي سان ٿي، پر ان ملاقات کي خانداني ويجهڙائپَ بحال ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ٻِن پيڙهين کان وڌي ويلَ ويڇن ۽ دلين ۾ پئجي ويلَ ڏارن مِٽائڻ جي ڪوشش کان وڌيڪَ، هر حوالي سان سياسي مقصد تحت ٿيلَ ملاقات جي طور تي ئي ٿو ڏٺو وڃي. دلچسپ سوال اهو آهي ته بلاول زرداري گذريل ٻن ٽن سالن اندر لڳ ڀڳ ويهارو ٽيهارو دفعا پنهنجي تڪَ ۽ نئين ديري هائوس تي اچي چُڪو آهي، تڏهن کيس ممتاز ڀُٽي جي عذر خواهي ياد ڇو نه آئي!؟ ۽ هاڻي اوچتو کيس اها تعزيت ڇو ياد پئي!؟ ذريعن مطابق هن ”وڏي ملاقات“ کان اڳ ۾ پ پ پ جي ڪجهه ٻين اهم اڳواڻن جُون امير بخش سان ابتدائي ملاقاتون ٿيون. جنهن ۾ جميل سومري، علي حسن زرداريءَ ۽ سهيل انور سيال جا نالا ورتا پيا وڃن، جن ملاقاتن ۾ امير بخش کي ٻُڌايو ويو ته پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت اوهان سان ملڻ چاهي ٿي ۽ امير بخش جي ’گرين سگنل‘ کانپوءِ ئي اها اصل ملاقات هفتو اڳ ڳوٺ ميرپور ڀُٽي ۾ ٿي گذرِي، جنهن ۾ آصف علي زرداريءَ جي نه رڳو رضامندي شامل هئي، بلڪه مبينه طور تي هُنَ بلاول کي ان ڏس ۾ خاص هدايتون به ڏنيون ته هُو ساڻس ملي اچي ۽ في الحال ان ملاقات جِي ايجنڊا رڳو مذڪوره تعزيت ئي هجي! ان سان عام ماڻهن تائين هڪ مثبت پيغام ويندو ۽ اڳتي هلي مڪاني سياست ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ دروازا پڻ کليل هوندا. ان سان ٻنهي پاسي رشتن ۽ رَستن تي ڄميل برف به ڳرندي ۽ اڳتي جوڙيل ڪنهن لائحه عمل لاءِ به رستو هموار ٿيندو.
اهو به ياد رهي ته پ پ پ مڪاني سطح تي لاڙڪاڻي جي سياست ۾ به اصلاحات ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻي جي مقامي پارٽي صلاحڪارن جو اهو خيال آهي ته پارٽي رڳو صوبائي حڪومت جي سطح تي سرگرم آهي ۽ مڪاني طور خاص ڪري لاڙڪاڻي ۾ تڪ وارِي سياست جي حوالي سان پارٽيءَ جون ڪوتاهيون سامهون اچي رهيون آهن، جنهنڪري ڪجهه شين جِي تڪڙي ”سياسي مرمت“ جو ڪم جاري آهي. ان جو هڪ مثال اهو به آهي ته پارٽيءَ جو سينيئر ڪارڪن عبدالفتاح ڀٽو، جيڪو 5 سال اڳ تائين پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر هو، پر گذريل 5 سالن کان کيس پارٽيءَ جي ’ڪن عنصرن‘ جي چوڻ تي ”کُڊي لائن“ لڳايو ويو هو، جنهنڪري هُو 5 سالن تائين منظرِ عام تان غائب هو. پر هاڻي تازو ئي کيس ترقي ڏئي، پنجن سالن جي ليٽ ڪڍندي،پ پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جي سيڪريٽري جنرل جو اهم عهدو ڏنو ويو آهي. جنهن مان توڙي اهڙن ٻن ٽن ٻين قدمن منجهان اهو واضح ٿي رهيو آهي ته پارٽي، راڄ ڀاڳ وارن رُٺل ڪارڪنن کي پرچائي، کين پُٺيءَ تي هٿ رکي رهي آهي ۽ مڪاني سياست ۾ پيل ڏارُن جُون درزُون ڀَرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ممتاز علي ڀٽو، جيڪو پي پي پيءَ جي باني ڪارڪنن مان هو ۽ جنهن پنهنجي سؤٽَ، ذوالفقار علي ڀُٽي سان گڏجي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، 1989ع ۾ بينظير ڀٽو سان اختلافن سبب پ پ پ کان الڳ ٿيو ، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي ڌار سياسي جماعت ”سنڌ نيشنل فرنٽ“ ٺاهي، پر سياسي حوالي سان سيماب مزاجيءَ جو شڪار رهڻ ڪري ممتاز ڀٽي جي سياسي سفر ۾ ڪيترائي موڙ آيا. 2012ع ۾ هن پنهنجي پارٽيءَ SNF کي پاڪستان مسلم ليگ (نواز) سان ضم ڪيو، پر 2016ع ۾ سنڌ جي مسئلن تي مسلم ليگ (ن) جي قيادت سان اختلافن سبب هن پارٽيءَ کان الڳ ٿي ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ کي ٻيهر بحال ڪيو. پر وري، 2017ع ۾ هن پنهنجي جماعت کي پاڪستان تحريڪ انصاف سان ضم ڪري ڇڏيو.
اهو به ياد رهي ته ”ڪيٽي ممتاز“ جيڪا سنڌوءَ جي ساڄي ڪپَ (نئين ديري واري ڪچي) کان وٺي کاٻي ڪپ (خيرپور ضلعي تائين) پکڙيل آهي، جيڪا ’موريا آگاڻي لُوپ بندَ‘ (ٻُرڙا پتڻ) کان پريان درياءَ جي پرينءَ کاٻيءَ ڀَر ڳوٺ ڪُڙيا ۽ کرلن تائين جي سموري حصي تائين وڃي لڳي ٿي. ان ڪيٽيءَ جو ڪجهه عرصو اڳ سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري واقع سمورو ۽ ساڄي ڪپ تي نئين ديري واري پاسي واقع ڳچ حصو (جيڪو ممتاز علي ڀُٽي جي ٻئين زال مان ڄاولَ فرزندَ ۽ امير بخش جي ماٽيلي ڀاءُ علي حيدر جي ملڪيت هو) زرداري خاندان پاران خريد ڪيو ويو آهي، جنهنجو مبينه طور تي خريد ڪندڙ ته علي حسن زرداري آهي، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته اها زمينَ صدر آصف علي زرداريءَ پاران خريد ڪئي وئي آهي. ان خريد ڪيل ڪيٽيءَ جي ڪل ايراضي 32 هزار ايڪڙ ٻڌائي پئي وڃي، جنهن اندر ٻه ٽي سؤ ڳوٺَ اچي وڃن ٿا. علي حسن زرداريءَ پاران خريد ڪيل ان زمين تي هن وقت تعميرات جو ڪم به جاري آهي ۽ ان کي پڪي واري علائقي سان ملائڻ لاءِ روڊ جي اسڪيم به منظور ٿي چڪي آهي، جنهنجي ابتدائي اڏاوت جو ڪم به شروع ٿي چُڪو آهي. اهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ان خريد ڪيل ڪيٽيءَ واري زمين سان لڳندڙ سنڌوءَ جي ڪپ سان سنڌُو درياءَ تي ايندڙ سالن ۾ نئين پُل تعمير ڪرائڻ جا به امڪان آهن، جيڪا خيرپور واري پاسي کان رِپڙيءَ ۽ ساڄي ڪپ کان نئين ديري کي پاڻ ۾ ڳنڍِيندي. اها پل بنيادي طور تي ته هي پنهنجي سهولت لاءِ تعمير ڪرائيندا، پر ظاهر آهي ته ان مان عوام کي به فائدو رسندو. البته سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي نئين ديري ڀرسان ڦلپوٽن واري ڪچي ۾ موجود ان ڪيٽي ءَ جو باقي دوداپور وارو حصو امير بخش جي نالي آهي، جنهنجي باري ۾ پڻ چؤٻولَ آهن ته اهو پڻ زرداري پاران خريد ڪرڻ جا امڪان آهن. اهو به ياد رهي ته ان ڪيٽي ممتاز جي حوالي سان ڀُٽن ۽ کهڙن جي وچ ۾ سالن کان خوني تڪرار به هلندڙ آهي، جنهن ۾ ڪافي ماڻهو ماريا به ويا آهن. ڪجهه عرصو اڳ ان سلسلي ۾ مبينه طور تي امير بخش تي ڪوڙي ايف آءِ آر به داخل ٿي هئي، جنهن جو ڀٽو ــ کھڙا خوني تڪرار جي ڪيل فيصلي تحت کهڙن جي ڌُر تي 50 لک روپيا ڏنڊ به عائد ڪيو ويو هو ۽ تازو 15 ڊسمبر 2024ع تي اسد علي کھڙي جي ميڙ وٺي وڃڻ تي امير بخش ڀُٽي اهو ڏنڊُ معاف به ڪري ڇڏيو هو. امير بخش جو ڪوبه اولاد ناهي ۽ علي حيدر شادي ئي ناهي ڪئي. ذريعن موجب امير بخش ان ڪيٽيءَ جي باقي حصي (جيڪو سندس ملڪيت آهي) کي وڪڻڻ بابت به مختلف وقتن تي اهو اظهار ڪندو رهيو آهي ته: ”مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ان کي فروخت نه ڪندس ته بعد ۾ ماڻهو ان تي قبضا ڪري ويندا.“ يعني هو ان کي وڪڻڻ جو ارادو رکي ٿو.
هونئن ته سياست جي سيني ۾ دل ناهي هوندي ۽ سياست ۾ دوستيون توڙي دُشمنيون مستقل ناهن هونديون، پر مرهيات ممتاز علي ڀُٽي 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن دؤران پنهنجي گفتار توڙي سياسي سُلوڪ سان پنهنجو پاڻ کي پ پ پ کان ايترو پري ڪري ڇڏيو هو، جو ان خليج جو ڀرجڻ اڃا تائين ممڪن نظر ڪونه ٿو اچي. خود امير بخش به پ پ پ توڙي بلاول ڀُٽي کي پنهنجي طنز جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ تقريرون ڪندي بلاول جي انداز ۾ ڳالهائڻ جو نقل به ڪندو رهيو آهي. ٻي ڳالهه ته مڪاني سياست ۾ ممتاز ڀُٽي کانپوءِ امير بخش ڀُٽي جو سياسي اثر و رسوخ نه هئڻ جي برابر وڃي رهيو آهي، جنهنڪري پ پ پ جو ساڻن سياسي هٿ ملائڻ جو ڪو جواز بظاهر سمجهه ۾ نٿو اچي. اهو به ياد رهي ته امير بخش هاڻي مقامي سياست ۾ به سرگرم ناهي رهيو ۽ ذريعن موجب هو هاڻي سياست کان مستقل طور ڪناره ڪش ٿي چڪو آهي، پر ان سڄي پيش رفت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جونيئر جو ڪردار بنهه نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جيڪو اوچتو ’واڳ ــ ڌڻين‘ پاران ميدان ۾ لاٿل مُهري طور ڪنهن حد تائين سرگرم نظر اچي رهيو آهي ۽ ان مان ٿورو يا گهڻو پ پ پ کي بهرحال ڊپُ ضرور آهي. تنهنڪري ان ڳالهه کي خارج اَز امڪان نٿو قرار ڏئي سگهجي ته اها ملاقات پ پ پ پاران حفظِ ماتقدم جي طور تي ڪئي وئي هجي، ته ان کان اڳ جو ذوالفقار جونيئر گُهمندو ڦرندو وڃي امير بخش وٽ نڪري ۽ مليس ۽ متان ڪو نئون سياسي اتحاد جوڙڻ جِي ڪوشش ڪري يا امير بخش کي پنهنجي نئين سياسي جماعت ۾ شامل ڪري، ان کان اڳ ئي امير بخش سان وڃي تعلقات ٻيهر استوار ڪجن ۽ کيس ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پ پ پ ۾ ڪا ٿوري ٿَڪي جاءِ ڏئي، سندس حمايت ۽ همدرديُون والاريُون وڃن. في الحال تڪڙ ۾ ته ان ملاقات جو ڪو سياسي نتيجو ظاهر ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي، پر اڳتي هلي سال ٻن کانپوءِ (جڏهن ايندڙ چونڊون ويجهيون اينديون) ته متان امير بخش ڀُٽي پاران پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪرائي، کيس پنهنجي ان اباڻي صوبائي تڪَ جِي ٽڪيٽ ڏني وڃي. يا ذريعن پاران اهو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته متان پ پ پ ۾ صوبي سطح تي کيس ڪو اهم عهدو ڏنو وڃي. پر ذاتي حوالي سان مونکي اهو آخري امڪان انڪري گهٽ ٿو نظر اچي ته امير بخش جو اثر رسُوخ فقط مقامي سياست جي انتهائي محدود دائري اندر آهي. تنهنڪري کيس پارٽيءَ ۾ صوبائي سطح تي ’اسپيس‘ ملڻ جو امڪان گهٽ ٿو نظر اچي. اهو به طئي آهي ته امير بخش پاران پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان به ڪا ”بريڪنگ نيُوز“ نه هوندي، ڇاڪاڻ ته ”سنڌ نيشنل فرنٽ“ لاءِ ڪنهن به پارٽيءَ ۾ ضم ٿيڻ معمول جي ڳالهه رهي آهي. ان ڏس ۾ جيڪا به پيش رفت ٿي، ان جو فائدو زرداري خاندان کان وڌيڪ ممتاز ڀُٽو خاندان کي ئي رسندو، جنهنجي سياست هر حال ۾ ڊگهي گمناميءَ کانپوءِ ’لائِيم لائيٽ‘ ۾ ايندي.