مارچ 2022ع ۾ جڏهن سري لنڪا جا نوجوان تباهه ڪن معاشي پاليسين ۽ آمريت کان تنگ اچي ڪولمبو سميت ٻين شهرن ۾ راجاپڪسا خاندان خلاف مظاهرا ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا هئا، تڏهن پاڪستاني ميڊيا وڏي دلچسپيءَ سان ان جو نوٽيس ورتو. تجزيه نگارن کي اوچتو لڳڻ لڳو ته پاڪستان ۽ سري لنڪا جي حالتن ۾ گهڻي مشابهت آهي. خانداني سياست جي خامين تي کلي کلي روشني وڌي وئي. اهو به بحث ٿيڻ لڳو ته ڇا مذاق آهي، هڪڙو ئي خاندان 25 سالن کان سري لنڪا جي سياست تي قابض آهي. هڪ ڀاءُ (گوٽابايا راجاپڪسا) صدر، ٻيو ڀاءُ (مهندا راجاپڪسا) وزيراعظم، ٽيون ڀاءُ باسل راجاپڪسا خزاني جو وزير، چوٿون ڀاءُ چمل راجاپڪسا ڪڏهن قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو ته ڪڏهن جهاز راني ۽ بندرگاهن جو وزير، پوءِ زراعت جو وزير. وزيراعظم مهندا جو جوان سال پٽ نمل راجاپڪسا راندين ۽ نوجوانن جي معاملن جو وزير ۽ خاندان جو ولي عهد.
جولاءِ 2022ع ۾ جڏهن ڏيوالو ٿيل سري لنڪا ۾ حڪمران خاندان جي سياست به ڏيوالي ٿي وئي ۽ سڀ ڀائر ڀائٽيا ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا ته پاڪستان ۾ به خانداني سياست جي مخالفن جا سينا وڌيڪ کلي ويا. ان وقت کان رڳو اڍائي مهينا اڳ ئي عمران خان کي هٽايو ويو هو. تنهنڪري هن جي حامين ۾ به ’لازم آهي ته اسان به ڏسنداسين‘ جهڙا جذبا اڀرڻ لڳا. ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ به روز اهو جملو ورجائڻ لڳو ته پاڪستان به سري لنڪا جيان ڏيوالي ٿيڻ جي واٽ تي آهي. پر وقت ڏيکاريو ته اها واٽ نائين مئي ۽ اٺين فيبروري جهڙين حالتن مان گذرندي اڄ ڪٿي پهتي آهي.
گذريل سال پنجين آگسٽ تي جڏهن بنگلاديش ۾ 15 سال کان مطلق العنان شيخ حسينه واجد نوجوانن جي غضبناڪ طوفاني احتجاج آڏو ٽڪي نه سگهي ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي ڀڄي ڀارت نڪري وئي ته پاڪستاني ميڊيا کي به موقعو مليو ته جنهن طريقي سان چاهيو، ان بابت بحث مباحثو ڪري. پاڪستان جي خانداني حڪمران اشرافيا ۾ به خوشيءَ جون لهرون ڊوڙي ويون. پر بنگلاديش جي نئين قيادت سان لاڳاپا بهتر ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ حسينه واجد جي زوال جا بنيادي سبب سنجيدگي سان بحث هيٺ نه اچي سگهيا.
هاڻي جڏهن نيپال ۾ تخت و تاج لرزي پيا ته به اها اميد هئي ته سري لنڪا ۽ بنگلاديش جيان پاڪستاني ميڊيا وري خوشيءَ سان ڪوريج ڪندو. پر جڏهن کٽمنڊو مان اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز اچي ويون جن ۾ پارليامينٽ، وزيراعظم هائوس ۽ وزيرن جي گهرن کي باهيون ڏنل هيون، روڊن تي جنزي نسل جا ڪاوڙيل ٻارڙا، بيوروڪريٽس جا ڦاٽل ۽ رتورت گريبان نظر آيا ته پوءِ اسان جهڙن کي سمجهه ۾ نه آيو ته اهي تصويرون عوام آڏو ڪيئن پيش ڪجن.
نيپالي سوشل ميڊيا تي مڪمل پابنديءَ جا حڪم به اچي ويا، پر حڪمران طبقي جي بگڙيل اولاد جون عياشيون، عجيب و غريب وڊيوز ۽ انسٽاگرام جون ريلون ڪيئن لڪايون وڃن؟ سري لنڪا ۽ بنگلاديش جي حالتن ۾ ته آساني هئي، ڇو ته احتجاج ڪنهن هڪ خاندان يا هڪ فسطائي شخصيت خلاف هو. پر نيپال ۾ ته سڄي سياسي طبقي، عدليه، بيوروڪريسي، ميڊيا ۽ وچولي طبقي جي ڪردار کي نشانو بڻايو ويو. پوءِ ڇا ڪجي؟ سو، اهڙي خطرناڪ انارڪيءَ کان عوام کي بچائڻ لاءِ ’ذميوار ۽ بردبار ميڊيا‘ کي صلاح ڏني وئي ته سنجيده ۽ احتياط سان ڪوريج ڪئي وڃي. نتيجي ۾ پاڪستاني ميڊيا نيپال جي باري ۾ جيڪو تاثر پيش ڪيو، اهو هي هو ته ها، طبقاتي محرومن کي آواز ملڻ گهرجي، ڪرپشن خلاف نعرا لڳڻ گهرجن، اظهار جي آزادي ۽ احتساب به هجڻ گهرجي، پر اهڙي حد تائين نه جو رياستي ادارا ئي مفلوج ٿي وڃن. نيپالي نوجوانن کي به سمجهڻ گهرجي ته ڪٿي اهڙي انارڪيءَ جي پردي ۾ ڪنهن ٻاهرين طاقت (مثال طور ڀارت) جا مفاد پورا نه ٿي رهيا آهن.
اسان کي ياد آهي ته ضياءَ الحق جي دور ۾ حڪمران جي اطاعت کي ميڊيا ذريعي هڪڙو ئي بنيادي سبق بڻايو ويو هو. ادارا، مضمون، اشفاق احمد جا ڊراما سڀ ۾ اولي الامر جي اطاعت جو درس. پر فيض احمد فيض پنهنجي نظم ’نداءِ غيب‘ ۾ اولي الامر جي جيڪا تشريح ڪئي، اها تڏهن به ناقابلِ برداشت هئي ۽ اڄ ته ان قسم جي سوچ تي سائبر قانونن جو به پهرو آهي
اي خدا! نيپالي نوجوانن کي سعادت جي راهه ڏيکار، نيڪيءَ جي توفيق عطا ڪر، بزرگن جي عزت ۽ فرمانبرداري سيکار، کين قومي مفاد سمجهڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت ڏي، نفاق ۽ حسد جي زهر کان بچاءِ. آمين ثم آمين۔۔۔