قوم جون ٽيم ۾ وڏيون اميدون آهن، پر بهتر نتيجن لاءِ وقت کپي: محمد رضوان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته رانديگرن جي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ بابت رڳو سليڪشن ڪميٽي ئي ٻڌائي سگهي ٿي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته اسان وٽ اهڙا رانديگر موجود آهن جن وٽ بنگلاديش ۾ کيڏڻ جو تجربو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني ڏُکي آهي يا سولي، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
محمد رضوان چيو ته قوم جون ٽيم ۾ تمام گهڻيون اميدون آهن، جيڪڏهن بهتر نتيجا گهرجن ته وقت ڏيڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.