”عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ وڏي واڌ باوجود عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو ويو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم معاشي ترقي، سادگي ۽ بچت تي ٻڌل حڪمت عملي جوڙڻ ۽ عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ عالمي ڇڪتاڻ کي ڏسندي ملڪي معاشي صورتحال تي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ ان جي خطي تي پوندڙ اثرن تي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن تيل اگهن ۾ واڌ ڪميٽي جي تجويز تي ٿي، جنهن ۾ عالمي سطح تي واڌ جو واهپيدارن تي گهٽ کان گهٽ بار منتقل ڪيو ويو.
وزيراعظم ڪميٽي کي وڌيڪ فعال طور ڪم ڪرڻ ۽ جلد کان جلد عوام لاءِ عمل جوڳيون سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته جيڪو به پيٽرول پمپ يا ڪمپني هٿرادو کوٽ يا ذخيري اندوزي ۾ ملوث هجي ته ان کي فوري طور بند ڪيو وڃي، اهڙي پيٽرول پمپ يا ڪمپني جو لائسنس رد ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
وزيراعطم ناڻي واري وزير ۽ پيٽروليم وزير کي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي پيٽروليم شين جي بچت، عوام کي بنا وقفي فراهمي بابت حڪمت عملي تيار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.