نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026 ۾ شرڪت کانپوءِ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ڀارت ۾ ڦاٿل ٽيمن لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ڪرڪيٽ ٽيمون ڀارت مان واپسي لاءِ آءِ سي سي طرفان مهيا ڪيل چارٽر جهازن ذريعي روانيون ٿينديون.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت خلاف سيمي فائنل ۾ هارائيندڙ انگلينڊ جي ٽيم اڄ شام ممبئي مان لنڊن لاءِ رواني ٿيندي.
ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون سڀاڻي ڪولڪتا مان مختلف چارٽر اُڏامن ذريعي پنهنجي پنهنجي وطن روانيون ٿينديون.
ڪيشو مهاراج، جيسن سمٿ، جارج لنڊي ۽ ڪوچنگ اسٽاف سميت ڏکڻ آفريقي ٽيم جا ڪجهه ميمبر نيوزيلينڊ لاءِ روانا ٿيندا، جتي 15 مارچ کان محدود اوورن واري سيريز شروع ٿيندي.
ويسٽ انڊيز ٽيم پنهنجي آخري ميچ کيڏڻ کانپوءِ 6 ڏينهن کان ڪولڪتا ۾ ڦاٿل آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقي ٽيم به سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ اتي ئي ڦاٿل هئي.