ايڪس ذريعي ڏوڪڙ ڪمائڻ جا موقعا، طريقو ڄاڻيو

جڳ مشهور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) طرفان واهپيدارن کي ڪمائڻ جا نوان موقعا ڏنا ويا آهن، ڪمپني طرفان ڪريئيٽر سبسڪرپشنز بابت ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، نون فيچرز ۾”ايڪسڪلوسيو ٿريڊز“ پڻ هوندو آهي، جيڪو بنيادي طور سبسڪرپشن پي وال آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ نئون ڊيش بورڊ ۽ شيئر ايبل سبسڪرپشن ڪارڊز سميت ٻيا فيچرز به واهپيدارن لاءِ موجود هوندا.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته نوَن فيچرز ذريعي تخليقڪار وڌيڪ ماڻهن جو ڌيان حاصل ڪري سگهندا ۽ کين واڌو آمدني پڻ حاصل ٿيندي.
ايڪس طرفان تازو ”پيڊ پارٽنرشپ ليبل“نالي فيچر به متعارف ڪرايو ويو هو، جيڪو اهڙي قسم جي پوسٽن تي لاڳو ٿئي ٿو جن ۾ موجود مواد اسپانسر هوندو آهي.
نئين فيچرز ۾ سڀ کان اهم ”ايڪسڪلوسيو ٿريڊز“ آهي، جنهن ذريعي واهپيدار سڌي ريت ايڪس تان پنهنجي پوسٽن مان آمدني حاصل ڪري سگهندا.
واضح رهي اِهي بنيادي طور ٽيزر پوسٽون هونديون، جيڪي ماڻهن کي سبسڪرپشن حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائينديون، جڏهن ته اصل مواد رڳو سبسڪرائبرز لاءِ دستياب هوندو.
ياد رهي ته ايڪس طرفان ڪريئيٽر ريونيو شيئرنگ پروگرام 2023 ۾ عالمي سطح تي متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن ذريعي واهپيدارپنهنجي مقبول پوسٽن مان آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.