ڀارتي گلوڪار بادشاهه خلاف ”بي حيائي“ ايڪٽ تحت ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور مشهور بالي ووڊ گلوڪار بادشاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، گلوڪار خلاف ڪيس ڀارتي رياست هرياڻا جي شهر پنچڪولا جي رهواسين طرفان داخل ڪرايو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ويجهڙ ۾ گلوڪار جي نئين ميوزڪ وڊيو ”تاتيري“ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تي تڪرار کڙو ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنچڪولا جي رهواسين طرفان گاني ۾ استعمال ڪيل ٻوليءَ ۽ ان جي فلمبندي تي اعتراض واريو ويو آهي.
گلوڪار بادشاهه خلاف ڪيس سائبر ڪرائم پوليس اسٽيشن ۾ بي حيائي بابت ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.