احمد آباد (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي فائنل کان اڳ وهم پرستي ۽ شڪار ٿي وئي، جنهن سبب ڀارتي ٽيم احمد آباد ۾ پنهنجو هوٽل ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي فائنل لاءِ ڀارتي ٽيم هوٽل تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ورلڊڪپ 2023 جي فائنل لاءِ ڀارتي ٽيم ان هوٽل ۾ ترسي هئي.
ياد رهي ته ورلڊڪپ 2023 واري فائنل ۾ ڀارت کي آسٽريليا هٿان شڪست جو منهن ڏيڻو پيو هو، تنهنڪري شڪست سبب هوٽل تبديل ڪيو ويو آهي، امڪان آهي ته اهو حد کان وڌيڪ وهم پرستي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي ٽيم جو هڪ اهم اسپورٽس اسٽاف رڪن هر وينيو تي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ دعا گهري ٿو، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم سيمي فائنل کان اڳ ممبئي ۾ ٽريننگ سيشن چنڊ گرهڻ جي اثرن کان بچڻ لاءِ 45 منٽ دير سان شروع ڪيو، جڏهن ته هوٽل تبديل ڪرڻ بابت باظابطا طور ڪو به ڪارڻ ناهي ڄاڻايو ويو.
ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم جو امڪاني طور ڳاڙهي مٽيءَ واري پِچ تي فائنل کيڏڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته ٻه هفتا اڳ احمد آباد ۾ ڪاري مٽي مان تيار ڪيل پِچ تي ڏکڻ آفريڪا هٿان ڀارت کي شرمناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ممبئي ۾ سيمي فائنل ڳاڙهي مٽي واري پِچ تي کيڏيو ويو هو، جتي ڀارتي ٽيم جي بيٽنگ ڪامياب رهي هئي، جڏهن ته احمد آباد واري وينيو کي ڀارتي ٽيم لاءِ اڀاڳو قرار ڏنو ويندو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته احمد آباد جي وينيو تي هاڻي ڀارتي ٽيم لاءِ منظرنامو تبديل ڪري قسمت بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، امڪان آهي ته ڀارتي ٽيم هوم ٽيم جي ڊريسنگ روم بدران مهمان ٽيم جي ڊريسنگ روم کي چونڊيندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو.
You might also like